راجا وڪرمادتيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(وير وڪرمادتي کان چوريل)

وڪرمدتيا
Large statue of a seated Vikramaditya, holding a sword
اُوجين ۾ وڪرمادتيا جو جديد عڪاسي ٿيل چٽسالي مجسمو
نسل وڪرمسينا
پيءُ گندهارواسينا
مذھب هندوازم

راجا وڪرمدتيا يا راجا وڪرمادتيه راجا وڪرماجيت (Raja Vikramaditya)سنڌهند جو راجا هيو،[1] سندس نالي پويان سنبت وڪرمي ڪئلينڊر سال جو نالو رکيل آهي. راجا وڪرماجيت جي ڏينهن ۾ آريا برهمڻ، ويدڪ ڌرم جي پرچار لاءِ عرب ويندا هئا. هڪ عرب شاعر نعمان بن آدم راجا وڪرماجيت جي ساراهه ۾ هڪ نظم لکيو آهي، جيڪو حميده لائبرري يروشلم ۾ موجود آهي.

عمرو بن هشام حارث لکن ٿا ته اهو شاعر، شو جو پوڄاري هو. اصل ۾ ان شاعر کي عرب ابوالحڪم (ڏاهپ جو ابو) سڏيندا هئا جو پوءِ نبي پاڪ صه کي نه مڃڻ ڪري مسلمانن سندس نالو بدلائي ابوجهل جي لقب سان مشهور ڪيو. هو مڪي شهر جو مکيه ماڻهو عالم ۽ شاعر هو. ان هڪ نظم، شو مهاراج جي شان ۾ لکيو آهي جنهن ۾ آهي ته مهاديو جي تعريف ڪرڻ ڪري ماڻهو کي وڏو درجو نصيب ٿئي ٿو، ڀارت مذهب جو مرڪز آهي، جتي پهچي ماڻهو کي ڇوتڪارو حاصل ٿئي ٿي … اهو نظم قاهره جي الهلال اخبار مارچ 1932ع ۾ ڇپيو.[2][3]

سَمراٽُ وِيرُ وِڪرَمادِتِيَ ڀارَتَ جو هِڪُ وَڏو نامِيارو راجا هو. جَنھِنجِي راڄَڌانِي اُجَين ۾ ھُئِي. اُجَين ۾ ڀَڳوان شِوَ جو وَڏو مَندَرُ آھي. وِير وِڪرَمادِتِيَ جو ڀاءُ راجا ڀَرٿَرِي هو، اِيھي ٻَئِي ڀائُرَ ڀَڳوان شِوَ جا وَڏا ڀَڳَتَ هُئا. وِيرُ وِڪرَمادِتِيَ جو ڏاڍو وَڏو ۽ سونَهَرِي اِتِهاسُ آھي ۔ ڀارَتَ ۾ ھَلَندَڙَ سَنوَتِ کي "وِڪرَمِي سَنوَتِ" چَوَندا آھِنِ، جيڪا عِيسائِي سَنوَتِ کانّ 57 وَرِيَھَ اَڳُ کانّ ھَلَندِي اَچي ٿِي. ڪِنِ اِتِهاسڪارَنِ لِکِيو آھي تَ ڀارَتَ جو قُطُب مِينارُ ۽ مَڪي - مَدِيني ۾ شِوَ جو مَندَرُ ٺاھِرايو هو.

ٻَئِي ڀائُرَ سِنڌُ ۾ آيا هُئا. اِنھَننِ جا آسٿانَ اَڄُ بِ سِنڌُ ۾ آھِنِ. وِيرُ وِڪرَمادِتِيَ جو هِڪُ عالِيشانُ ڪُٻو (سَماڌِي) ۽ مَندَرُ ٺَهِيَلُ آھي، جيڪو ڳوٺَ ٽَنڊي فضَل جي اوڀَرَ ۾ اَٽِڪَلَ 8 ميلَ پَري ۽ ٽَنڊي مُھَمَدخانَ کانّ اولَھَ ۾ 10 ميلَ پَري، ضِلعي حَيدرآباد ۾ آھي. ھِنَ آسٿانَ ۾ هِڪُ هالُ آھي، جَنھِنجي ٻِنهِينّ پاسي ٻَ ڪَمرا آھِنِ ۔ ھِڪَ ۾ سَماڌِي ۽ ٻي ۾ مَندَرُ آھي ۔ مَندَرَ ۽ سِماڌِيءَ ۾ اَکَنڊُ جوتِ ٻَرَندِي ھُئِي. هَرِ سالِ ميلو لَڳَندو هو. ماڻهُونّ پَرِيانّ - پَرِيانّ کانّ دَرشَنُ ڪَرِڻَ اِيندا هُئا، اَچَڻَ وارَنِ جي مَنَ جُونّ آشونّ - مُرادُونّ پورِيُونّ ٿِيندِيُونّ ھُيُونّ.

اِيھو ڏِسِي ڳوٺَ جي شيخ مُسَلمانَنِ سَماڌِيءَ واري ڪَمري تي ڪَبجو ڪَري، قَبرَ جو رُوپُ ڏِنو ۽ چَيائُونّ تَ هي اَسانجو پِيرُ "شيخُ ڀِرڪِيو" آھي. اَنگريزَنِ جي راڄَ ۾ ڪورَٽ ۾ ڪيسُ هلايو وَيو. ڪورَٽ جي فيصلي کانّ پو قَبرَ وارو ڪَمرو شيخنِ کي ۽ مَندَرَ وارو ڪَمرو هِندُو سِنڌِنِ کي ڏِنو وَيو.

وِڪرَمادِتِيَ جو وَڏو ڀاءُ راجا ڀَرٿَرِي هو ۔ ھُنَ کي ويراڳُ جاڳِيو ۽ تَپَسِيا ڪَرِڻَ لاءِ وِڪرَمادِتِيَ کي راڄُ ڏَئِي، جھَنگَ ۾ هليو وَيو. راجا ڀَرٿَرِيءَ جِي سَماڌِي سِنڌُ ۾ ضِلعي دادُوءَ جي سيوھَڻَ ۾ ھُئِي ۔ جيڪا پِيرُ لالُ شَهبازُ قلَندَرَ (اُسمانشاھ مَروَندِي) جي ڪُٻي وارِي ايراضِيءَ ۾ آھي.

سِنڌُ ۾ ڪَراچِي ضلعي جي جھُوني نَنگَرَ ٺَٽي ۾ "پِيرَ پَٺي" وَٽِ، وِڪرَمادِتِيَ جي ڀاڻيجي راجا گوپِيچَندَ جِي راڄَڌانِي اَڄُ بِ ڦِٽَلَ - کَنڊَھَرَ جي رُوپَ ۾ آھي. گوپِيچَندَ جو ڏوھِٽرو "گوگلُ وِيرُ" هو، جَنھِنجي نالي سانّ گوگِڙي - گوگِئي جو ڏِڻُ مَلھائِبو آھي، اِنھَنّ ڏِڻَ کي "ناگپَنچمِي" نالي سانّ ڀارَتَ ۾ بِ مَلھائِبو آھي. "گوگَل وِيرَ" جِي ھِڪَ ڪَٿا بِ مَشَهُورُ آھي.

گُرُو گورَکناٿَ جِي ڌُوڻِي[سنواريو]

نَنگَرَ ٺَٽي ۾ ڪَڏَھِنّ سِنڌُ جِي گادِي ھُئِي ۔ جِتانّ گھَڻَنِي سِنڌِي راجائُنِ راڄُ هَلايو. اِنھَنّ جھُوني نَنگَرَ ۾ ناٿ - پَنٿُ هَلائِڻَ واري گُرُو گورَکناٿَ جِي ڌُوڻِي آھي. اِنھَنّ ڌُوڻِيئَنّ جِي ڀَڀُوتِي - رَکَ لَڳائِڻَ سانّ ڪيئِي روڳَ مِٽِي ويندا هُئا، اِنھَنّ ڪَري عامُ ماڻهُونّ، گھَڻائِي راجا ۽ ساڌُو - سَنتَ بِ اِيندا هُئا. اِنھَنّ ڪَري ٺَٽو هِڪُ تِيرَٿُ بَڻِجِي وَيو هو ۔ گورَکناٿُ وِڪرَمادِتِيَ ۽ ڀَرٿَرِيءَ جو گُرُو هو. گورَکناٿُ ھِنگلاج ماتا جا دَرِشَنُ ڪَرِڻَ سِنڌُ وَيو هو.

اُجَين ڀارَت جي مَنجھائينّ پرَديشَ M.P. ۾ آھي ۔ اُجَين ۽ آسپاس ۾ "سَينڌَوَ" جاتِ جا ھَجارينّ پَرِيوارَ آھِنِ ۔ هِتانّ جو راڄُ پَرِيوارُ "سِنڌِيا" چَوائِيندو آھي ۔ جِنِ جو چَوَڻُ آھي تَ هُنَنِ جا وَڏا ڪَڏَھِنّ سِنڌُ مانّ آيا هُئا، اِنھَنّ ڪَري هُو 'سَينڌَوَ' ۽ 'سِنڌِيا' معنا "سِنڌُ جا" چَوائِيندا آھِنِ. ڇا وِيرُ وِڪرَمادِتِيَ سِنڌِي هو؟

سِنڌُ ۾ وِڪرَمادِتِي ۽ راجا ڀَرٿَرِيءَ جي سَماڌِي ۽ اُنھَننِ جي ڀاڻيجي راجا گوپِيچَندَ جِي راڄڌانِي ھُئَڻُ ۽ وِڪرَمادِتِيَ پَنوار جاتِ جو هو، اِنھَنّ جاتِ جا ماڻهونّ سِنڌُ ۾ بِ آھِنِ ۔ اِنھَنّ مانّ پَڌِرو آھي تَ هُو سِنڌِي هُئا ۔ ڇو تَ ماڻهُونّ پَنھِنجِي سَماڌِي، اُتي ئِي ٺاھِرائِيندا آھِنِ، جِتانّ جا هُو ڄاوَلَ ھُوندا آھِنِ۔ وِرِھاڱي کانّ پو بِ ڀارَتَ ۾ آيَلَ سِنڌِنِ گھَڻَنِي شَهَرَنِ ۾ وِيرَ وِڪرَمادِتِيَ جا "راجا وِيرَ" جي نالي سانّ مَندَرَ ٺاھِرايا آھِنِ ۔ اُنھَنّ جو سِنڌِنِ سانّ ڪيڙھو گھاٽو ناتو هو، اِيھا ھِڪَ کوجَ جِي ڳالھِ آھي. <ref> پريمُ تَنواڻِي<ref>


حوالا[سنواريو]

  1. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-02-15. 
  2. راجا وڪرمادتيه | Indus Asia Online Blog, وقت 2020-10-08 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-10-05 
  3. قاهره جي الهلال اخبار مارچ 1932ع