وحدت منجھ وجود

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وحدت، وحدت، وحدت، "وحدت منجھ وجود"

اي ساجد! ڪر سجود، ته ساجن تنهنجي ساٿ ۾.

"مصطفيٰ"ٰ

سائين غلام مصطفيٰ زرداري جو ڪتاب "وحدت منجھ وجود" سنڌي ادب ۾ هڪ املهه خزانو آهي. هي ڪتاب سائين غلام مصطفيٰ زرداري جي حڪم تي اداري طالب جماعت حافظ علي مراد مست جي سهڪار ۽ تعاون سان رابيل آرٽ پرنٽنگ پريس مورو طرفان شايع ڪيو ويو.

وحدت منجھ وجود
مصنف غلام مصطفيٰ  زرداري
اصل عنوان وحدت منجھ وجود'
ملڪ سنڌ, پاڪستان
ٻولي سنڌي
موضوع صوفي ازم (تصوف)
ثقافت
تاريخ
صنف شاعري
شايع ڪندڙ رابیل آرٽ پرنٽنگ پريس مورو
ڇاپي جي تاريخ
2006ع
صفحا 237

سائين غلام مصطفيٰ زرداري جي ڪتاب سڀ ۾ پرين پاڻ کان پوء سندن صوفي شاعري جو ٻيو مجموعو وحدت منجھ وجود سال 2006ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب ۾ سرائيڪي ۽ سنڌي ۾ املھ ماڻڪ موتي، گوهر ڀريا گفتا ۽ نقطا بيان ڪيا ويا آهن. هي ڪتاب سموري سنڌ ۾ پڙهيو ۽ پسند ڪيو وڃي ٿو. هن ڪتاب جي شاعري مجازي ۽ حقيقي عشق تي ٻڌل آهي. هي ڪتاب سموري سنڌ جي رهواسين لاء تصوف تي مُبني ڄاڻ سان سرشار ۽ هڪ عظيم تحفو آهي.

مصنف پاران[سنواريو]

هيء ڪتاب پنهنجي محترم والد بزرگوار قبلا حضرت سائين محمد الدين المعروف سائين "نالي مٺو" (وچون) جن جي نانءُ سان منصوب ڪريان ٿو. سندن جنت جي هوائن کان به وڌ ٿڌڙي ۽ هڳاءُ سان ڀريل شفقت جي دست مبارڪ هيٺان مون حياتيء جا سُنهرا 39 سال گذاريا ۽ کانئن جياپي جا ڍنگ حاصل ڪيا. (غلام مصطفيٰ زرداري)[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: "وحدت منجھ وجود" , مصنف: غلام مصطفيٰ زرداري, سال 2006ع. رابيل آرٽ پرنٽنگ پريس مورو