نياز پنهور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نياز پنهور

نياز پنهور (انگريزي:Niaz Penhwar) سنڌپاڪستان ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جو مشهور شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار ، ڪالم نگار ۽ صحافي آھي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.[1]

زندگي جو احوال[سنواريو]

نياز پنهور جو  اصل نالو ذوالفقار علي آهي، هن سنڌ جي عمرڪوٽ ضلعو جي شهر شادي پليءَ ۾ 15 جولاءِ 1963ع تي محمد ابراهيم پنهور جي گهر ۾ جنم ورتو. نياز پنهور جي والد 1950ع کان اڳ ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪئي هئي. والد کي ايمانداريءَ ۽ فرض شناسيءَ سبب ننڍيون وڏيون نوڪريون ڇڏڻيون پيون. اهو ئي سبب آهي جو نياز پنهور جي تربيت هڪ مسڪين پر پڙهيي لکيي گهراڻي جي فرد جي هٿ هيٺ ٿي. پيءُ جي نقش قدم تي هلندي  نياز پنهور تعليم مڪمل ڪرڻ بعد گهريلو ضرورتن جي مد نظر پاڻ پتوڙڻ لڳو.غربت سبب هن پنهنجي والد سان گهر جي خرچ ۾ هٿ ونڊائڻ خاطر ڇولا ۽ گجرون پڻ کپايون ۽ ڪتابن سان ٻاراڻي وهيءَ ۾ ذوق هئڻ سبب ان پورهيي مان بچت ڪري ريڙهن تان ڪتاب وٺي پڙهندو رهيو. نياز پنهور 12 جولاءِ 1990ع تي مائٽن جي مرضيءَ سان افروز عباسيءَ سان شادي ڪئي. کيس برکا، علي بابا، باک ۽ مرتضيٰ نالي چئن ٻارڙن جو اولاد آهي.[2]

تعليم[سنواريو]

نياز پنهور پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي. هن مئٽرڪ 1979ع ۾ ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي.  جڏهن تہ ڊپلوما؛ ايسوسيئيٽ انجنيئرنگ (مڪينيڪل) ٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد مان 1982ع مان پاس ڪرڻ کان پوءِ انٽرميڊيئٽ  جو امتحان حيدرآباد مان پرائيويٽ پاس ڪيائين. نياز پنهور بي اي ۽  ايم. اي صحافت، ايم. اي پاڪستان اسٽڊي ۽  ايم. اي سنڌي ادب جون ڊ گهڙيون سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيائين.  هن حيدرآباد لا ڪاليج مان ايل. ايل. بي پڻ ڪئي.

علمي ادبي خدمتون[سنواريو]

نياز پنهور اول انڊسٽريز ڊپارٽمينٽ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ڪلارڪ طور ملازمت ڪئي ۽ ان کانپوءِ ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪاليج واري شعبي ۾ ليڪچرار رهيو. بعد ۾ پبلڪ سروس ڪميشن پاس ڪري ڊگري ڪاليج کپري ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. نياز پنهور کي ننڍي پڻ کان ئي علم ادب سان لڳاءُ هو. . هن پنهنجي گهر ۾ پيل مولوي احمد ملاح جا ڪتابن پڙهي ان کان متاثر ٿي شاعري جي شروعات ڪئي. هن جي پهرين ڪهاڻي 1972ع ڌاري روزاني هلال پاڪستان ڪراچي جي صفحي ’گلن جهڙا ٻارڙا‘ ۾ شايع ٿي، ان وقت نياز ٽئين درجي ۾ پڙهندو هو. ابتدائي طور سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ۾ ويندو رهيو، جتي گل ڦل رسالي جي تڏهوڪي ايڊيٽر سوز هالائي سندس ادبي تربيت ڪئي ۽ سندس لکڻيون شايع ڪيون. سندس امڙ پڻ انهيءَ وقت ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي پڙهيل هئي، اهو ئي سبب هن جي تربيت ماءُ جي هنج ۾ علمي ۽ ادبي نموني جي ٿي. نياز ماڊل اسڪول ۾ پڙهڻ واري زماني ۾ چڻنگ سنگت جو مرڪزي پريس سيڪريٽري به رهيو. صحافتي پيشي جي شروعات روزاني مهراڻ اخبار ۾ ڪم ڪرڻ سان ڪيائين، اتي سب ايڊيٽر رهيو. ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران نياز پنهور، شمشير الحيدري سان گڏ مهراڻ اخبار ۾ ڪم ڪندو هو. ان زماني ۾ ڄمار جي لحاظ کان هيءُ ڪنهن اخبار ۾ ننڍي عمر جو نيوز ايڊيٽر هو. ان کانسواءِ ’گلن جهڙا ٻارڙا‘ رسالي ۾ هن جا 1974ع جي زماني ۾ سوين شعر، ماهوار گل ڦل ۾ لاتعداد ڪالم ڇپيا، بعد ۾ آگسٽ 1990ع کان روزاني ڪاوش اخبار ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين[3] ۽ ان ۾ نيوز ايڊيٽر ٿيو. 1980ع واري زماني ۾ سندس شاعري ۽ ٻيون لکڻيون ’گل ڦل‘ ۽ ’ ٽماهي مهراڻ‘ ۽ ’آرسي‘ جهڙن رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون ۽ سندس ٻاراڻي شاعريءَ جو پهريون ڳٽڪو ”ڪوڏ ۽ سپون“ 1981ع ۾ شايع ٿيو، جنهن تي انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجيءَ پاران کيس ’ٻاراڻي ادب‘ جو انعام پڻ ڏنو ويو. 1982ع ۾ سنڌي ادبي سنگت، ڄامشوري شاخ جو سيڪريٽري چونڊيو ويو، پي. ٽي. وي جي پروگرام چهچٽي لاءِ 13 مزاحيه خاڪا ۽ 6 ڊراما لکيائين. ’گلن جهڙا ٻارڙا‘، سنگت جو مرڪزي رابطا سيڪريٽري، ’ٻارڙن جي ٻاري‘ جو مرڪزي چيئرمئن؛ ’ٻارڙن جي محفل‘ ۽ ’چڻنگ سنگت‘ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري؛ ’ سنڌي ادبي سنگت‘ جو مرڪزي خزانچي، پريس ڪلب حيدرآباد جي گورننگ باڊيءَ جو ميمبر، ماهوار ”ٻالڪ رسالي“ جو ايڊيٽر، ماهوار ”نئون نياپو“ ۽ ”ماڪ“ مئگزين جو اسسٽنٽ ايڊيٽر؛ سرتاج مئگزين جو ايڊيٽر به رهيو. ان کان سواءِ ڪي. ٽي. اين تي موسيقيءَ جي پروگرام’محفل‘ جو ميزبان ۽ ڊائريڪٽر پڻ رهيو آهي، کيس ”نئين زندگي“ رسالي۽ سنڌي ادبي سنگت طرفان بهترين شاعر جو اوارڊ، نيشنل ڊفينس يونيورسٽيءَ پاران هڪ ورڪشاپ ۾ بهتر ڪارڪردگيءَ عيوض ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ ۽ ايس ٽي پي پاران بهترين صحافيءَ جو اوارڊ پڻ مليو. هيءُ وڏي عرصي تائين سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ جو ميمبر پڻ رهيو آهي. علمي ادبي لحاظ کان دوستن جو هڪ وڏو حلقو اٿس. سندس شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ۽ فنڪارائن ڳائي آهي. هن وقت روزاني ڪاوش جي نيوز ايڊيٽر هئڻ سان گڏ سچل سرمست ڪاليج ۾ سماجي اڀياس سبجيڪٽ جي ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي. ان کان سواءِ ريڊيي پاڪستان تي صداڪاري ڪرڻ سميت ڪي ٽي. اين جي پروگرام’ڪاوش عوام آڏو‘ جو ميزبان به رهيو آهي.[2][4][5]

ڪتاب[سنواريو]

  • ڪوڏ ۽ سِپون، 1980ع
  • هينئڙي سڄڻ ساريا، 2021ع[6]

اوارڊ[سنواريو]

  • ٻاراڻي ادب تي انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي اوارڊ
  • سنڌي ادبي سنگت اواراڊ
  • مادر وطن اوارڊ

حوالا[سنواريو]

  1. Sindh-mass-comm. "Mass comm MA Sindh2016: دُرِشهوار مرزا پروفائيل". Mass comm MA Sindh2016. حاصل ڪيل 2021-12-31. 
  2. 2.0 2.1 "نياز پنهور : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-12-31. 
  3. "New Page 1". www.thekawish.com. حاصل ڪيل 2021-12-31. 
  4. "ڪي ٽي اين جي نياز پنهور جي مشهور پروگرام عوام آڏو جون تصويرون۔". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2021-12-31. 
  5. "شوڪت شورو سنڌ جو ناميارو ڪهاڻيڪار هو: مقرر". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2022-01-01. 
  6. Ali, Farhan. "نياز پنهور جي ڪتاب هِنئڙي سَڄَڻَ ساريا تي تبصرو آرسي ۽ عڪس غلام نبي سومرو". Humsari. حاصل ڪيل 2021-12-31.