احمد ملاح

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
مولوي احمد ملاح
انگريزي ٻولي: Molvi Ahmed Mallah
Mallah.jpg
پيدائش احمد
01 فيبروري 1877(1877-02-01)
ڪُنڊي، ديھ لوھن ضلعو بدين سنڌ، برِ صغير
وفات 19 جُولاءِ 1969 (عمر 92 سال)
بدين, سنڌ
قلمي نالو "احمد ملاح"
ڌنڌو شاعر، مُترجم
موضوع شاعري
مُکيه ڪم قرآن شريف جو منظوم ترجمو، شاعري
ايوارڊ پرائڊ آف پرفارمنس (1978)


حاجي احمد ملاح ولد نانگو ملاح پھرين فيبروري 1877ع تي ڳوٺ ڪنڊي ديهہ لوهڻ بدين ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ممتاز عالم دين قادرالڪلام شاعر ۽ معروف اديب ٿي گذريو آهي. مولوي صاحب ڪيترائي ڪتاب لکيا پر سندن وڏو ڪارنامو اهو آهي تہ هن سڄو قرآن شريف سنڌي بيتن ۾ نورالقرآن جي عنوان سان پيش ڪيو. سندس ڪلام منفرد حيثيت رکي ٿو. جيڪو سنڌ ۾ عام جام ڳايو ويندو آهي.
مولوي احمد ملاح 19 جولاءِ 1969ع تي بدين شهر جي اسپتال ۾ گذاري ويو. کيس آبائي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.

احوال[سنواريو]

سنڌ جي بيمثال ۽ عوامي شاعر، مولوي حاجي احمد ملاح، تعلقي بدين جي هڪ ڳوٺ ”ڪنڊيءَ“ ۾ پهرين فيبروري 1877ع تي جنم ورتو. سندس والد جو نالو ”نانگيو“ هو. هن شروعاتي تعليم، ڀڳڙا ميمڻ، ٻهڊميءَ، نانگي شاهه ۽ سجاول جي مڪتبن ۽ مدرسن مان حاصل ڪئي. بعد ۾ ”رپ“ مان تعليم مُڪمل ڪري دستاربندي ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن مختلف مڪتبن ۽ مدرسن ۾ درس ۽ تدريس جا فرض سرانجام ڏنا. نورمحمد منڌري، لاکي پير، ٻهڊميءَ ۽ ڪنڊيءَ جي مدرسن ۾ پڙهائيندو رهيو. ان کان پوءِ بدين جي مدرسي ”مظهرالعلوم“ ۾ معلم جي حيثيت سان پڙهائيندو رهيو. 1932ع ڌاري مذهبي فرقيواريت ۽ فسادن جي ڪري مدرسي کي خيرآباد چئي بدين جي هڪ علائقي ۾ گهر اڏي، غريب آباد محلو جوڙيائين، اتي ئي هڪ مدرسو ”انوارالعلوم“ قائم ڪري، سنڌ جي ناليوارن عالمن، مولانا عبدالوهاب، مولانا عبدالغفور سيتائي، مولوي محمود ۽ مولوي گل محمد کي معلم طور مقرر ڪيائين.

مولانا صاحب هڪ انقلابي شخصيت هو، جنهن خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. 1922ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ 4 مهينا جيل ڪاٽيائين. ”جميعت علماءِ سنڌ“ ۾ پڻ سرگرم رهيو.

مولوي حاجي احمد ملاح سنڌ جي وڏن ۽ اعليٰ پايي جي شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو انداز عوامي آهي، جنهن کي جهر جهنگ ۾ ڳايو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو وڏو حصو، مذهبي شاعريءَ تي ٻڌل آهي، تنهن هوندي به سندس شاعريءَ ۾ مزاحيه، جمالياتي ۽ انقلابي پهلو نمايان آهن. هيءُ تجنيسِ حرفيءَ جو شهنشاهه ۽ غزل جو سٺو شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. سندس عالمي ڪارنامو، قرآن مجيد جو ”نورالقرآن“ جي نالي سان سنڌي بيتن ۾ منظوم ترجمو ڪرڻ آهي، بلاشڪ سندس انهيءَ عظيم ڪم سان سنڌي ٻوليءَ کي وڏو مقام حاصل ٿيو آهي. قرآن مجيد جو سڄي دنيا ۾ اهو پهريون منظوم ترجمو آهي. اُن جو پهريون ڇاپو ارباب الله جُڙئي مولانا صاحب جي زندگيءَ ۾ (1969ع ڌاري) ڇپائي پڌرو ڪيو. اُن ترجمي جو ٻيو ڇاپو مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد 1978ع ۾ ڇپائي منظر عام تي آندو، ان ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو مقدمو اعليٰ معيار جو شاهڪار آهي. هن قرآن پاڪ جي ترجمي جي اهميت کي محسوس ڪندي ڪجهه سال اڳ اهو سعودي عرب جي سرڪار پاران ڇپائي مفت تقسيم ڪيو ويو، ان جي ڇپائي ۽ گيٽ اپ تمام سهڻو ۽ اعليٰ درجي جو آهي. سندس شاعريءَ جي مجموعن مان ”ديوانِ احمد“، ”گلشنِ احمد“، ”گلزارِ احمد“، ”بياضِ احمد“، ”هيڪڙائي حق“، ”پيغام احمد“ ۽ ”غزليات احمد“ ڇپيل آهن. نثر ۾ هڪ ڪتاب ”معرفة الاالہ“ پڻ ڇپيل اٿس. سندس شخصيت، زندگي ۽ علمي خدمتن تي تاج جويي ”موحد شاعر مولانا حاجي احمد ملاح“ (2003ع) ترتيب ڏئي ڇپايو آهي. سنڌ جي هن بيمثال شاعر 19 جولاءِ 1969ع تي وفات ڪئي. سندس مزار بدين شهر ۾، معصومن جي مقام ۾ آهي. سندس هڪ ئي تصوير موجود هئي، نوجوان مصور حفيظ قريشيءَ ان تان خوبصورت تصوير پينٽ ڪئي آهي، جيڪا هن وقت مولانا صاحب جي واحد تصوير آهي. [1]

حوالا[سنواريو]