جين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
جين، ڊي اين اي ۽ ان جو اڀياس

جين جي تشريح: سائنس هر جاندار ۾ اها خاصيت ڏٺي آهو ته اهي پاڻ جهڙي ذات پيدا ڪري سگهي ٿو. هر جاندار سان هڪجهڙائي رکندڙ ٻيو جاندار پيدا ٿي سگهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ان لاءِ ٻن جاندارن جي ضرورت هوندي آهي. ذات جي نقل لاءِ جاندار جي جسم ۾ اصول مقرر آهن. ’جين‘ جي ذريعي اهي اصول سرگرم ٿي ٻچا پيدا ڪندا آهن ۽ اولاد ۾ به اهو مقرر اصول وجود ۾ اچي ويندو آهي. اهڙيءَ طرح دنيا جو سلسلو اڳتي وڌندو رهندو آهي. ’جين‘ ۾ ڊي. اين. اي (Deoxyribos Nucleic Acid) نالي ماليڪيول هوندا آهن. ڊي. اين اي ماليڪيول تمام وڏو ٿيندو آهي ۽ ان جون ڪافي پيچيده خاصيتون هونديون آهن. اهو ٻين ايٽمن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ منظم ۽ طاقتور ٿيندو آهي، ان ۾ اولاد پيدا ڪرڻ ۽ ان جي بيهڪ جا سمورا اصول رکيل هوندا آهن.

ساخت[سنواريو]

ڊي. اين. اي ماليڪيول ڪاربان جي ڪمپائونڊز مان ٺهيل هوندو آهي. ڪاربان ان سلسلي ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ان مان جيتوڻيڪ روح يا زندگي کي حقيقي طور نه سمجهيو ويو آهي پر اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته پيدائش جا اصول ئي (ٻين اصولن سميت) جاندار جي بنيادي خاصيت آهن.زندگي جي بنياد ۾ جيڪو خاص مادو آهي، اهو اصل ۾ ڪاربان ئي آهي. جيئن مقناطيسي خاصيت 26 کان 28 اليڪٽران وارن عنصرن ۾ ئي ملندي آهي ۽ ريڊيو ايڪٽوٽي جي خاصيت 6 اليڪٽران واري ڪاربان سان تعلق رکي ٿي. بورون ۾ ڪاربان کان صرف هڪ ئي اليڪٽران وڌيڪ هوندو آهي ۽ نائٽروجن ۾ ڪاربان جي ڀيٽ ۾ صرف هڪ اليڪٽران گهٽ هوندو آهي، پر انهن عنصرن جو زندگي سان تعلق نظر نه ٿو اچي.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011