ناليني ملاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ناليني ملاڻي Nalini Malani

ناليني ملاڻي، گم ٿيل رَت جي ڳولها ۾ (آين سرچ آف وينشڊ بلوڊ)، دستاويزي دستاويز 13 (2012).
پيدائش 1946 (عمر 77–78)
ڪراچي, برٽش انڊيا
قوميت انڊين
تعليم سر جمسيٽجي جيجيڀوئي اسڪول آف آرٽ بمبئي, 1964-69
شھرت جو ڪارڻ پينٽنگ, وڊيو آرٽ, تنصيب آرٽ, ناٽڪ گھر
اعزاز فوڪوڪا آرٽس اينڊ ڪلچر پرائز، 2013
ويب سائيٽ
nalinimalani.com

ناليني ميلاڻي جو جنم 1946، ڪراچي، برطانوي هندستان، هاڻوڪي پاڪتان) ۾ ٿيو. هيءَ هڪ هندستاني آرٽسٽ آهي. پنهنجي پيشيور (ڪيريئر) جي مُنڍَ ۾ هن گهڻي ريت پينٽنگ ۽ ڊرائنگ جي شعبي(فيلڊ) ۾ ڪم ڪيو آهي. 1990 جي ڏهاڪو کان وٺي سندس ڪم کي وڊيو، فلم ميڊيا ۽ اينيميشن تائين پکڙجي ويو.[1]۔ هوءِ آرٽسٽ جي حيثيت سان هڪ سماجي ڪارڪن جي نظريو تي قائم آهي. سندس چٽسالي فن پارا اڪثر سياسي سوچ جي حوصلي افزائي ڪندا آهن. هوءَ لڏپلاڻ (نقل مڪاني)، تڪرار، بين الاقوامي سياست، صنفي ڪردارن جي تنقيدي جانچ پڙتال، عالمگيريت ۽ واهپيندڙن جي اهميت جي موضوعن تي ڪم کي ڌيان ڏيندي آهي.

پنهنجي فني ڪيريئر دوران، هن تاريخي ڏاڍ سان پُٺتي پيل ماڻهن جي ڪهاڻين کي چٽسالي وسيلي آواز ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ هن تڪرار، استحصالي ۽ استحصال جو شڪار ٿيندڙن جي وچ ۾ لاڳاپو جي انساني ۽ سرشٽي (آفاقي) پاسن تي ڌيان ڏنو آهي. ميلاڻي جي لاءِ ادب سدائين متاثر ڪندڙ ۽ حوصلو وڌائيندڙ رهيو آهي.

مُنڍائتي زندگي ۽ تعليم[سنواريو]

1946 [2] ۾ ڪراچي ۾ جنم ورتائين، ميلاڻي جي ڪُٽنب(خاندان) هندستان جي ورهاڱو مهل هندستان ۾ پناهہ حاصل ڪئي. هوءَ ورهاڱو کان ڪُجھ دير اڳ ئي ڪولڪاتا هلي وئي هئي، ۽ سال 1958 ۾ ممبئي ڏانهن لڏپلاڻ ڪري وئي. [3] پنهنجو گهر ڇڏڻ ۽ مهاجر بڻجڻ جي تجربي جي اونهائيءَ ملياڻي جي فن پارن تي اونهو اثر وڌو آهي. [4] ميلاڻيءَ ممبئي ۾ فائن آرٽس جو اڀياس ماڻيو آهي.[5] ۽ هن 1969 ۾ سر جمسيٽجي جيجيڀائي اسڪول آف آرٽ کان فائن آرٽس ۾ ڊپلوما حاصل ڪيو.[6] ان زماني دوران، هن ڀولا ڀائي ميموريل انسٽيٽيوٽ، بمبئي جو هڪ اسٽوڊيو جتي فنڪارن، راڳين (موسيقارن)، ناچڻين (رقاصائن) ۽ ٿيٽر جي ماڻهن بابت انفرادي ۽ اجتماعي طور ڪم ڪندي هئي.[6] اتي ئي هن ٿيٽر جهڙوڪ فني مشقن سان واڳيل فنڪارن سان ملڻ ۽ انهن جو تعاون حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو.[4] هن فرانسيسي حڪومت کان پيرس ۾ فنون لطيفا (فائن آرٽس) جي تعليم جي لاءِ 1970 کان 72 تائين اسڪالرشپ حاصل ڪئي. هوءَ 1984-89 دوران حڪومت هندستان طرفان آرٽ فيلوشپ جي اسڪالرشپ ماڻيندڙ پڻ هئي.

ڪم جو نماءُ[سنواريو]

ميلاڻي جو ڪم ڪيترن ئي بين الاقوامي عجائب گهرن (ميوزيئم) ۾ نمائش جي لاءِ پيش ڪيو ويو آهي، جن ۾ اسٽيڊيلڪ ميوزيئم (stedelijk museum) ۽ ميوزيم آف ماڊرن آرٽ (MOMA) شامل آهن.

حوالا[سنواريو]

  1. "Nalini Malani". Saffronart. حاصل ڪيل 2019-04-06. 
  2. Phaidon Editors (2019). Great women artists. Phaidon Press. p. 257. ISBN 0714878774. 
  3. Juncosa, Enrique; Malani, Nalini; McEvilley, Thomas; Pijnappel, Johan; Sambrani, Chaitanya (2007). Nalini Malani. Dublin: Irish Museum of Modern Art. ISBN 8881586444. 
  4. 4.0 4.1 Seervai, Shanoor. "A Retrospective of the Works of Nalini Malani Who Paints in Reverse". Wall Street Journal. 
  5. "Social engagement has always been part of my art’". The Indian Express. حاصل ڪيل 2019-04-06. 
  6. 6.0 6.1 "Nalini Malani - Biography". www.nalinimalani.com. حاصل ڪيل 2019-04-06. 

ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]