عالمگيريت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عالمگيريت __(Globalization):

اڄ جي ايڪيهين صديءَ جي انسان چنڊ کان به اڳتي مريخ تي قدم رکيا آهن ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڪرامتي ايجادن دنيا کي هڪ ڳوٺ (Global Village) بڻائي ڇڏيو آهي. دنيا جون تهذيبون ۽ ثقافتون هڪ ٻئي جي ويجهو اچي رهيون آهن، فاصلا گهٽجي رهيا آهن، ٻوليون هڪ ٻئي جو اثر قبول ڪري رهيون آهن، نوان نوان لفظ، سائنسي ۽ غير سائنسي هڪ ٻئي ۾ ضم ٿي رهيا آهن، قديم آثارن جي کوٽائيءَ مان نيون تهذيبون ظاهر ٿيون آهن. ادبي لاڙا ۽ تحريڪون پڻ هڪ ٻئي تي اثر انداز ٿي رهيون آهن. اهي سڀ ڳالهيون ادب تي به اثر انداز ٿيون آهن. ان ڪري عالمگيريت ادب توڙي سماج جو حصو بنجي وئي آهي. عالمگير قدر ادب جو حصو بڻجي ويا آهن. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي