مير عبدالرسول مير
مير عبدالرسول مير (انگريزي:[Mir Abdul Rasool Mir]، جنم: 7 اپريل 1950ع، وفات: 19 ڊسمبر 2019ع) سنڌ جو مشھور شاعر ۽ تعليمي ماھر ھو. پاڻ ڳوٺ رئيس مهر علي خان ٽالپر تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپور ۾ رئيس مھر علي خان ٽالپر جي گھر ۾ ڄائو[1]. سنڌ يونيورسٽيءَ مان فزڪس ۾ ماسٽر ڊگري حاصل ڪيائين ۽ ڪاليج ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. اڳتي ھلي سچل سرمست ڪاليج ۾ پرنسپال مقرر ٿيو. ننڍپڻ ۾ ئي لکڻ جي شروعات ڪيائين. 2007ع ۾ سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”سونھن ورونھن” ڇپجي پڌرو ٿيو[2]. مير عبدالرسول مير غزل، وائي، بيت، گيت ۽ ڪافي جو ڀلوڙ شاعر سمجهيو ويندو آهي خاص طور تي هو مخدوم طالب الموليٰ جي ڪافي کان تمام گهڻو متاثر هُيو ۽ هُن ڪافيءَ کي روايت ۽ جِدت جي رنگ سان تخليق ڪيو[3]. مير جي شاعري عوامي شاعري آھي. سندس شاعريءَ ۾ حب الوطني، انسان دوستي ۽ امن جو پيغام ملي ٿو. مير جي شاعريءَ ۾ سڪ، سوز ۽ رومانس جا رنگ بہ نظر اچن ٿا[4].
سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور کيس ڪيترائي ايوارڊ مليا جن ۾ بردو سنڌي ايوارڊ (2005ع)، جمال الدين ڀٽي ايوارڊ (2005ع)، پوئٽ آف دي ييئر (2006ع)، ۽ لطيف ايوارڊ (2005ع) ۽ سچل ايوارڊ مليل ھيس. سندس شاعري سنڌ جي ناليوارن گلوڪارن محمد يوسف، عابدہ پروين، عاشق نظاماڻي، وحيد علي ۽ حميرا چنا سميت ٻين ڪيترن پڻ ڳائي جنھن ھند ۽ سنڌ ۾ مقبوليت ماڻي آھي .کيس مطالعي جو تمام گھڻو شوق ھو. سندس ذاتي ڪتب خاني ۾ هزارين ڪتاب موجود ھئا. ھن نالي واري شاعر 19 ڊسمبر 2019ع تي وفات ڪئي.
مير عبدالرسول جا ريڊيو پاڪستان تي رڪارڊ ٿيل ڪجھ ڪلام[سنواريو]
- اگر بيوفا سان محبت نہ ٿئي ھا
- تنھنجو ناھي جواب، تارن ۾ تون چنڊ لڳين ٿو
- تنھنجي پيار جي لائق ناھيان مان، ڪيڏو بہ کڻي توکي چاھيان مان
- سڀئي راز دل جا ٻڌائين ٿيون اکڙيون
حوالا[سنواريو]
- ↑ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا، سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد
- ↑ آن لائين انڊس نيوز، 20 ڊسمبر 2019ع (https://onlineindus.com/sindhi/92498)
- ↑ سنڌي ٻوليءَ جي سريلي شاعر مير عبدالرسول مير جو وڇوڙو، عوامي آواز، 20 ڊسمبر 2019 (https://awamiawaz.pk/474450/)
- ↑ عنايت بلوچ: مير عبدالرسول مير جو وڇوڙو، روزاني ڪاوش حيدرآباد، 20 ڊسمبر 2019.