مواد ڏانھن هلو

مهراڻ هاءِ وي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مھراڻ هاءِ وي اشارو پٽي
Highway S–
Mehran Highway
مهران شاہراہ
مِهِراڻ ُ هاءِوي
Route information
Maintained by محڪمو سنڌ هاءِ ويز
ڊيگهه163 km[1] (101 mi)
Major junctions
اُتر end at خيرپور(ٺيڙهي ويجهو)
ڏکڻ end at نواب شاهہ
Location
Major citiesدوڙ
ٻانڌي
ڪوٽ لالو
ٺري مير واهہ
راڻي پُور
Highway system
پاڪستان ۾ رستا


مهراڻ هاءِ وي (جنهن کي نوابشاهه-ڪوٽ لالو-ڪمب روڊ ۽ سرڪاري طور تي هاءِ وي-31 جي نالي سان پڻ سڃاتو ويندو آهي)، سنڌ ۾ صوبائي سطح تي انتظام هيٺ هڪ هاءِ وي آهي، جيڪو خيرپور کان نوابشاهه تائين پکڙيل آهي.

هي رستو عام طور تي ٻهراڙيءَ منجهان گذري ٿو، جيڪو شهيد بينظيرآباد ضلعي ۾ دوڙ ۽ ٻانڌي شهرن ۽ خير پور ضلعي ۾ فيض گنج (پڪا چانگ)، ڪوٽ لالو، ٺري ميرواهه ۽ راڻي پور سميت مختلف ٻهراڙي وارن علائقن منجهان گزري ٿو ۽ راڻيپور شهر ۾ وڃي اين-5 قومي شاهراهه سان ملي ٿو. هي رستو (روٽ) 131 ڪلوميٽر 131 ڪلوميٽر (81 mi) (81 ميل) ڊگهو آهي، جنهن جي رفتار حد 60 ڪلوميٽر/ في ڪلاڪ 60 km/h (37 mph) (37 ميل في ڪلاڪ) آهي، سواءِ انهن شهرن جي، جتي رفتار جي حد کي گهٽائي 40 ڪلوميٽر 40 km/h (25 mph) في ڪلاڪ (25 ميل في ڪلاڪ) رکيو ويو آهي. ان رستي تي سفر جو ڪُل وقت اٽڪل 1 ڪلاڪ 58 منٽ آهي. اُتريون ٽرمنس (آخري اسٽيشن) قومي شاهراهہ N-5 سان وڃي ملي ٿو جڏهن تہ ڏاکڻيون ٽرمينس اين-305 قومي شاهراهہ سان وڃِي ملي ٿو.

تاريخي پس منظر

[سنواريو]

مهراڻ شاهراهہ جي نئين سِر اڏاوت کان اڳ، هي رستو (روڊ) ڪنب-نواب شاهہ روڊ جي نالي سان سُڃاتو ويندو رهيو آهي. دفتري ڪاروائي جي رسمي پابندي (ريڊ ٽيپ ازم) ۽ اڻَ پورن اڏاوتي حصن جي سبب سڙڪ جي نئين سِر تعمير جو ڪم ڪيترن ئي سالن کان زيرالتوا رهيو، جنهن جي سبب سان گهڻو ماحولياتي آلودگي پکڙجندي رهي.[2] سنڌ هاءِ ويز کاتي جون 1، 2015 تي نئين سِر اڏاوت ۽ بحالي جو ڪم پورو ڪيو هيو ۽ ان روڊ جي بحالي ۽ اڏاوت لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران مالي سهائتا جو فنڊ جاري ڪيو ويو هيو.[3][4]

حادثا

[سنواريو]
View of Mehran Highway, also known as the Nawabshah–Kot Lalu–Kumb Road, prior to reconstruction.

مهراڻ هاءِ وي تمام گهڻي مقدار واري ٽريفڪ روڊ آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو نواب شاهہ ۽ خيرپور ضلعن کي پاڻ ۾ زميني رستي سان ملائي ٿو ۽ سکر ڏانهن اچڻ وڃڻ جي لاءِ هڪ شارٽ ڪٽ پيش ڪري ٿو. ڪراچي، خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن ۽ ڪراچي سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير کان ايندڙ ويندڙ گهڻي وزن واريون گڏيون، ٽرڪون ۽ ٻيون باربرداري، روانگي (آمدورفت) گاڏيون اڪثر اين-5 قومي شاهراهہ ۽ ٽول ٽيڪس کان بچڻ جي لاءِ هن 2 لين شاهراهہ جو استعمال ڪن ٿيون. مهراڻ شاهراهہ تان گزرندڙ انهن وزني گاڏين (هيوي وهيڪلز) ۽ مسافر بسن ۽ ڪوچن جي سبب گذريل ڪُجهہ سالن ۾ مختلف موتمار حادثا ٿي چڪا آهن.[5][6][7][8] 20 آگسٽ 2013 تي، اوچ شريف (بهاولپور) کان ڪراچي ايندڙ مسافر بس ٺري ميرواهہ ويجهو سوئي گيس وٽ اونڌي ٿي پئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 مسافر مري پيا هيا.[9] 24 آگسٽ 2014 تي پنجاب کان ڪراچي ڏانهن ويندڙ مسافر بس ڪوٽ لالو ڀرسان ڪراچي کان ٺري ميرواهہ ڏانهن واپس ويندڙ مسافر وين سان ٽڪرائجي وئي، جنهن ۾ 10 مسافر مري ويا ۽ 11 زخمي ٿي پيا هيا، اهي سمورا فوتي ۽ زخمي ٿيل مسافر ٺري ميرواهہ جا رهواسي (رهائشي) هيا.[10]

پڻ ڏسو

[سنواريو]
  • سنڌ جا صوبائي هاءِ ويز
  • پاڪستان ۾ ٽرانسپورٽ


حوالا

[سنواريو]
  1. آرڪائيو ڪاپي, اصل نسخو مان 2020-06-19 تي محفوظ ڪيل, 2020-01-19 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  2. "Mehran Highway pending for 7 years". The Express Tribune News Network. Express Tribune. 3 June 2010. 19 September 2015 تي حاصل ڪيل.
  3. AMIN AHMED (16 November 2014). "Asian Bank to help build road network in Sindh". Dawn. 19 September 2015 تي حاصل ڪيل.
  4. "PPPs four years of government in Sindh by Raja Asad". lubpak.com. 26 July 2016 تي حاصل ڪيل.
  5. PPI (21 July 2015). "Reckless driving: 8 killed, 178 injured in road accidents". The Express Tribune News Network. The Express Tribune. 16 September 2015 تي حاصل ڪيل.
  6. "Tragedy in Khairpur: Reckless driving claims 14 lives - The Express Tribune". tribune.com.pk. 26 July 2016 تي حاصل ڪيل.
  7. "With two more deaths, Khairpur bus accident toll rises to 16 - The Express Tribune". tribune.com.pk. 26 July 2016 تي حاصل ڪيل.
  8. "Sindh's deadly highway: Fatal bus on the wrong highway without a permit - The Express Tribune". اصل نسخو مان 29 March 2015 تي محفوظ ڪيل. 26 July 2016 تي حاصل ڪيل.
  9. "Six killed in Khairpur road mishap - Pakistan - DAWN.COM". dawn.com. 26 July 2016 تي حاصل ڪيل.
  10. "Speed kills: Road accident claims 10 lives - The Express Tribune". tribune.com.pk. 26 July 2016 تي حاصل ڪيل.

حوالا

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]