ڍاڪا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڍاڪا
ঢাকা
ڊاڪا
گاديءَ جو هنڌ ۽ ميگا سٽي
گريٽر ڍاڪا جو علائقو
1. قومي پارليامينٽ 2. موتي جھيل 3. روز گارڊن پئليس 4. خان محمد مرزا مسجد 5. رامنا 6. بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ 7. راجوڪ ڀابن 8. رڪشا ڀيڙ وقت 9.ڍاڪا صدر گھاٽ
عرفيت: Rickshaw Capital of the World
اوڀر جو وينس
مسجدن جو شھر
Dhaka in Bangladesh
Dhaka in Bangladesh
ملڪ  بنگلاديش
ڊويزن ڍاڪا ڊويزن
قيام 1608 CE
شھر جو درجو مليس 1947
حڪومت
 • قسم سٽي ڊسٽرڪٽ
 • مجلس DNCC & DSCC
 • ڍاڪا نارٿ سٽي ڪارپوريشن ميئر انيس الحق
 • ڍاڪا سائوٿ سٽي ڪارپوريشن ميئر سعيد کوڪون
 • ڍاڪا ميٽروپوليٽن پوليس ڪمشنر اسد زمان ميا
پکيڙ (2011)[1]
 • گاديءَ جو هنڌ ۽ ميگا سٽي 302.92 ڪ.م2 (116.96 ميل2)
 • زميني 279.43 ڪ.م2 (107.89 ميل2)
بلندي[2] 4 ميل (13.12 ft)
آبادي (2011)[3]
 • گاديءَ جو هنڌ ۽ ميگا سٽي 6,970,105

ڍاڪا بنگلاديش ملڪ جي گاديءَ جو ھنڌ آھي۔ برھم پتر درياھ ۾ ڪرندڙ درياھ پوڙھي گنگا جي ڪناري تي واقع ھن شھر جي آبادي 90 لک کان وڌيڪ آھي جنھن ڪري ھي بنگللاديش جو سڀ کان وڏو ۽ دنيا جي ڳتيل ترين شھرن مان ھڪ آھي۔

ھي شھر پٽ سن جي تمام وڏي منڊي ۽ صنعت ۽ واپار جو مرڪز آھي۔ ھتان جي ململ سڄي دنيا ۾ مشھور ھئي پر برطانوي راڄ جي حڪومت ۾ ھن عظيم شھر جي صنعت کي برباد ڪيو ويو۔ ڍاڪا پنھنجي خوبصورت مسجدن جي ڪري بہ شھرت رکي ٿو۔

مغل جي حڪومت جي دور ۾ ھي شھر جھانگير نگر جي نالي سان سڃاتو ويندو ھو۔ برطانوي راڄ ۾ ھي ڪلڪتي کان بعد رياست بنگال جو ٻيون وڏو شھر بڻجي ويو۔

1921ع ۾ ھتي ڍاڪا يونيورسٽي قائم ٿي۔

ھندستان جي ورھاڱي کان بعد ھي اوڀر پاڪستان جو انتظامي گاديءَ جو ھنڌ قرار ڏنو ويو 1971ع ۾ پاڪستان جي ٽٽڻ کان بعد 1972ع ۾ ان کي نئين ٺھيل مملڪت بنگلاديش جي گاديءَ جو ھنڌ قرار ڏنو ويو۔

شھر وچ بنگلاديش ۾ درياھ پوڙھي گنگا جي اوڀارين ڪنارن تي واقع آھي۔ شھر جي ڪل ايراضي 815.85 چورس ڪلوميٽر آھي ۽ ھي ست اهم ٿاڻن ڌان منڊي، ڪوٽ والي، موتي جھيل، رمنا، محمد پور، سترا پور، تيج ڳوٺ ۽ 14 ثانوي ٿاڻن گلشن، لال باغ، مير پور، پلابي، سبوج باغ، ڍاڪا ڪنٽونمنٽ، ڊمرا، ھزاري باغ، شيام پور، بڊا، ڪفرل، ڪامرانگير چار، کل ڳوٺ ۽ اتارا تي مشتمل آھي۔ شھر ۾ ڪل 130 وارڊ ۽ 725 پاڙا آھن۔ ڍاڪا ضلعي جي ڪل ايراضي 1463.60 چورس ڪلوميٽر آھي جنھن جي چوڌاري غازي پور، تن گيل، منشي گنج، راجبري، نارائڻ گنج ۽ مانڪ گنج جا ضلعا واقع آھن۔

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 "District Statistics 2011, Dhaka" (PDF). Bangladesh Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 14 May 2015. 
  2. "Dhaka, Bangladesh Map". National Geographic. حاصل ڪيل 6 September 2009. 
  3. "Population & Housing Census-2011" (PDF). Bangladesh Bureau of Statistics. صفحو. 41. حاصل ڪيل 15 December 2015. 
  4. [1].
  5. http://www.ukmediacentre.pwc.com/imagelibrary/downloadMedia.ashx?MediaDetailsID=1562