ملڪا پکراج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ملڪہ پکراج

سال 1920 ۾ ڪشمير ۾ مليڪا پوکراج
پس منظري معلومات
پيدائش سال 1912
ڄمون، رياست ڄمون ۽ ڪشمير, انڊيا
وفات فيبروري 4، 2004 (ڄمار سال 92)
لاهور، پنجاب، پاڪستان, پاڪستان
صنف لوڪ موسيقي ۽ غزل
پيشا ووڪلسٽ

ملڪا پوکراج ( جنم : 1914ع، وفات:2004ع) هڪ لوڪ ڳائڻي هئي. ملڪا پکراج جو تعلق ڄمون کان هيو ۽ هيءَ ڄمون ۽ ڪشمير رياست جي راجا هري سنگھ جي دربار سان وابستا رهي هئي. شيخ عبداللہ جي ڪتاب آتش چنار ۾ هن جو ذڪر آيل آهي تہ هيءَ مهاراجا سان ڪيتري ويجهي هئي. کيس راجا هري سنگھ جي دربار هنگامي طور تي انهيءَ ڪري ڇڏڻي پئي تہ هن تي راجا کي زهر ڏئي مارڻ جو الزام لڳايو ويو هيو. هيءَ ڄمون کان پهرئين دهلي هلي وئي ۽ پوءِ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هيءَ لاهور اچي وئي، جتي هن کي ڄمون واري نالي پکراج سان سُڃاتو ويندو هيو.

ملڪا پوکراج بڻيادي طور تي پهاڙي ٻولي ۽ ڊوگري ٻولي جي لوڪ موسيقي جي ماهر هُئي ۽ چاليهہ جي ڏهاڪي ۾ هن جو شمار ننڍي کنڊ جي پهرئين صف جي ڳائڻن ۾ ٿيندو هيو. هيءَ ٺمري جي انگ ۾ غزل ڳائيندي هئي. لاهور ۾ هن جي شادي شبير حسين شاهہ سان ٿي هُئي جنهن پاڪستان ٽي وي جي مشهور اردو ڊرامو سيريل جهوڪ سيال پڻ ٺاهيو هيو. ملڪا پوکراج حفيظ جالنڌري جون ڪيتريون ئي غزلون ۽ نظم ڳايا هيا جن ۾ ڪُجھ ڏاڍا مشهور ٿيا، خاص طور تي: ’اڀي تو مئين جوان هون‘۔ ريڊيو پاڪستان جي موسيقي جي پروڊيوسر ڪالي خان گهڻي ۾ گهڻيون ڌُنون هن جي گانن جي لاءِ ٺاهيون هيون. سندس ننڍي ڌيءُ مشهور ڳائڻي طاهره سيد آهي. جيڪا پنهنجي ماءُ وانگر ڊوگري ۽ پهاڙي ٻولين جي انداز جي ڳائڻ (گائيڪي) ۾ مهارت رکندي آهي.

ڪيريئر جي نمائش[سنواريو]

نوَ سال جي ڄمار ۾، هيءَ ڄمون جي دوري تي گهمڻ وئي هئي ۽ جتي مهاراجا هري سنگھ جي تاج پوشي جي تقريب ٿي رهي هئي، جنه ن ۾ هن گيت پيش ڪيو، جيڪو ٻُڌي مهاراجا سندس آواز کان گهڻي قدر متاثر ٿيو، جنهن کيس پنهنجي دربار ۾ درٻاري راڳي طور مقرر ڪيو.[1] هيءَ اُتي ڳائڻيءَ جي حيثيت ۾ وڌيڪ نَوَ سال رهي.

حوالا[سنواريو]

  1. ڳائڻ (گائيڪي) جي بي مثال ملڪہ دي هندو, ڇپيو 4 جون 2004. حاصل ڪيو 1 فيبروري 2016