مواد ڏانھن هلو

مقصود گل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مقصود گل قاضي (انگريزي :Masood Gul Qazi) (جنم:15 اپريل 1950ع-وفات:14 فيبروري 2015ع) سنڌ پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو ناميارو شاعر ۽ نثر نويس هو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.[1]

زندگي جو احوال

[سنواريو]

مقصُودگل جو ڄم ڇنڇر، 15 اپريل 1950ع بمطابق 27 جمادِي الثانِي 1369 هجرِيءَ تي ضلعي لاڙڪاڻي جي تاريخي شهر رتو ديرو ۾ پنهنجي دؤر جي برک شاعر، اُستاد، تعليمدان، مُصوّر، صحافِيءَ ۽ سماج سُڌارڪ، قاضِي عبدالحيُّ ”قائل“ ۽ سندس ونِيءَ رضيه بيگم جي گھر ۾ ٿيو. سندس ڀاءُ قاضي منظر حيات بہ شاعر آهي.

ادبي علمي خدمتون

[سنواريو]

سنڌي ادب جو ٻهڳڻو گُل، ناميارو شاعر، عالم، دانشور، مُترجم، ڪالم نويس، صحآفي، ٻارن جو اديب ۽ سچل سرمست جو شارح، مقصُودگل، جنهن جي منفرد مزاحمتي توڙي رُومانوي شاعري، ٻارڙن لاءِ سرجيل ادب جي کيتر ۾ ڪيل خدمت، سچل شناسيءَ جي حوالي سان سندس ڪيل ڪمُ ۽ خاص طور سچل رح جي فارسي شاعريءَ جو منظُوم اردُو ترجمو، صحافت، ڪالم نويسي ۽ ادب جي ٻين شعبن ۾ نمايان خدمت، کين اڄ تائين اسان جي دلين ۾ زندهه رکيو ويٺي آهي. اچو ته سندن جيون ۾ جهاتي پايُون.

مقصُودگل جو مائٽاڻو نالو (رڪارڊ تي درج نالو) قاضِي مقصُود حيات، هو جڏهن ته پاڻ جڏهن 1975ع ۾ ادبي دنيا ۾ قدم رکيائُون، ته مقصُود گل جي نالي سان لکڻ شرُوع ڪيائُون. ان سان سواءِ ننڍپڻ ۾ گھر ۾ کين ”معشُوق“ جي پيار واري نالي سان پڻ پُڪاريو ويندو هو. مقصُودگل جو تعليمي سلسلو گورنمينٽ پرائمرِي اسڪُول نمبر 1 رتيديري کان شرُوع ٿيو، جتان پاڻ 1961ع ۾ پنجون درجو پاس ڪيائُون. جنهن بعد  1966ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪُول، رتيديري مان مئٽرڪ، 1968ع ۾ گورنمينٽ ڊگرِي ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽرمِيڊِييٽ، 1970ع ۾ سنڌ يُونِيورسٽِي، ڄامشوري مان، بِي اَي، 1972ع  ۾ سنڌ يُونِيورسٽِيءَ مان ئي اقتصاديات ۾ ايم اَي ڪيائُون. اڳتي هلي، 80ع واري ڏهاڪي ۾ساڳئي ئي مادرِ علميءَ منجھان سنڌِي ادب ۾ ايم اَي جو امتحان نمايان نمبرن ۾ پاس ڪيائُون.

روزِي ۽ روزگار جي سلسلي ۾ پاڻ آب ڪلياڻِي کاتي ۾ فون ڪلارڪ  جي حيثيت سان 1966ع کان 1969ع تائين واڳيل رهيا، جنهن کان پوءِ 1969ع کان 1974ع تائين سِيتا روڊ ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪُجھ اسڪُولن ۾ ڊرائنگ جي اُستاد طور وابستگي رهيَن. ان کان پوءِ لاڙڪاڻي شُگر مل نئين ديري ۾ ”تربيتي آفِيسر“ طور 1974ع کان ڪُجهه سالن تائِين ڪم ڪيائُون. سُتت ئي اُتي ترقي ماڻي ”اسسٽنٽ مئنيجر“ جي عهدي تي پهتا، جنهن حيثيت ۾ 70ع واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري کان وٺي 1990ع تائين خدمتُون انجام ڏئي، ”ڊپٽِي مئنيجر“ جي عهدي تي ترقي ماڻيائُون، جنهن حيثيت ۾ 1990ع کان 1993ع تائين ڪم ڪيائُون. جنهن بعد لاڙڪاڻي شُگرمل جي ملازمت تان استعفا ڏئي، اسٽيٽ لائف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان ۾ ”سيلز مئنيجر“ جي حيثيت سان شامل ٿيا، جتي1993ع کان 1995ع تائين فرض شناسيءَ سان پنهنجيُون خدمتون انجام ڏئي، پنهنجي والد جي تعليمي خدمتن کي جاري رکڻ جي ڪوشش تحت، رتيديري شهر ۾ ”عبدالحيُّ قاضِي ماڊل اسڪُول“ جو بنياد وڌائُون، جنهن جي بانِيءَ ۽ پرنسپل  جي حيثيت سان 10 اپريل 1995ع کان پنهنجي آخري ساهه تائين، دل سان تدريسي ۽ انتظامي خدمتُون انجام ڏيندا رهيا ۽ مستقبل جي معمارن کي علم جي اُجالي سان مُنوّر ڪندا رهيا.


مقصُودگل جي ادبِي سُڃاڻپ، هڪ شاعر، ڪهاڻِيڪار، مضمُون نوِيس، ڪالم نگار، ٻارڙن جي ادِيب، مُحقق، سچل سرمست رحه جي شارح، مُترجم، عالم ۽ دانشور جي حيثيت سان آهي. پاڻ باضابطه طور تي شاعرِيءَ جِي شرُوعات 1975ع کان ڪيائُون. شاعرِيءَ جي ميدان ۾ سندن رهبري، سندن والد (قاضِي عبدالحيُّ ”قائل“)، پروفيسر ڊاڪٽر عطا مُحمّد ”حامِيءَ“ ۽ پروفيسر محمُود ”شرف“ صديقِيءَ ڪئي، جڏهن ته نثر ۾ سندن رهنمائِي، نامياري عالم، مُحقق ۽ دانشور، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجِيد سنڌِيءَ ڪئي. جڏهن ته هُنن ڪجهه درسي ڪتاب پڻ لکيا، جن ۾ ”گُلن هار“ (سنڌِي نصاب جِي گائِيڊ ــ مُختار گھُمري سان گڏ) نائين ۽ ڏهين ڪلاسن لاءِ ۽ ”گُلن هار“ (سنڌِي نصاب جِي گائِيڊ ــ مُختار گھُمري سان گڏ) شامل آهن، جڏهن ته سندن اڻ ڇپيل ڪتابَن ۾ نثر توڙي نظم جا لڳ ڀڳ 12 مجمُوعا مُوجُود آهن.

مقصُودگل جِي صحافت سان وابستگِي پڻ رهي. پاڻ روزانِي ”هارِي“ رتوديرو جي ادبي صفحي جي ايڊِيٽر طور، لڳ ڀڳ 5 سال وابسته رهيا. ان کان سواءِ ٻارڙن لاءِ ”گُلدستو“ نالي هڪ رسالو به جاري ڪيائُون، جنهن جا پاڻ پبلشر ۽ ايڊِيٽر رهيا. هي رسالو لڳ ڀڳ ٽن سالن تائين شايع ٿيندو رهيو ۽ سڄيءَ سنڌ جي بارڙن جو ترجمان رسالو رهيو. پاڻ روزانِي ”عوامِي آواز“ جي ڪالم نوِيس جي حيثيت سان 1995ع کان پنهنجي لاڏاڻي تائِين، مختلف سياسي ۽ سماجي موضُوعن تي ڪال لکندا رهيا ۽ ان ڏس ۾ اڪيچار ڪالم لکيائُون.

مقصُودگل، ڪڏهن به صِلي خاطر ڪونه لکيو ۽ هُو پنهنجو اصل اثاثو، پنهنجي پڙهندڙن جي پيار کي ئي سمجهندا هُئا، پر ان جي باوجُود، زندگيءَ ۾ کين ادبي حاصلات تي جيڪي اهم اعزاز ۽ ايوارڊ مليا، تن ۾ 1989ع ۾ قومي گيتن جي مُقابلي ۾ پهريون نمبر ماڻِيندڙ گيت جا ٻول لکڻ تي، مليل ”پِي ٽِي وِي ايوارڊ“، مهراڻ آرٽ سرڪل نوابشاهه پاران، ”بهترِين شاعر“ طور ماڻيل ”مهراڻ ايوارڊ 1997ع“، سنڌ چلڊرين اڪيڊمِي خيرپُور پاران ٻاراڻي ادب ۾ نمايان خدمتُون انجام ڏيڻ جي مڃتا طور مليل، ”سنڌ چلڊرين اڪيڊمِي ايوارڊ“، سچل يادگار ڪميٽِي خيرپُور پاران ”بهترِين شاعر“ طور ماڻيل ”سچل سرمست ايوارڊ ـ 2000ع“، عبّاسِي ڪلهوڙا تنظِيم، سنڌ پاران ”بهترِين شاعر“ طور حاصل ڪيل ”ڊاڪٽر تنوِير عبّاسِي ايوارڊ 2001ع“، شاهه عبداللطِيف يُونِيورسٽِي خيرپُور جي سچل چيئر پاران، سچل سرمست رحه جي فارسِي ڪلام جي سُهڻي منظُوم اردُو ترجمو ڪرڻ تي مليل، ”سچل چيئر ايوارڊ“، حامِي يادگار ڪميٽِي خيرپُور پاران، ڊاڪٽر عطا مُحمّد ”حامِيءَ“ جي ڪيل تحقِيقِي ڪم جيِ ڪامياب سهيڙ جي حوالي سان خدمتُون انجام ڏيڻ تي حاصل ڪيل، ”حامي ايوارڊ“، انٽرنيشنل صُوفِي ڪائُونسل پاران، سچل سرمست رحه جي فارسِي ڪلام جي ڪامياب منظُوم اردُو ترجمو ڪرڻ تي مليل ”انٽرنيشنل صُوفِي ايوارڊ“، سُرهاڻ ويلفيئر سُوسائٽِي سنڌ پاران، زندگِي ڀر جي قلمِي حاصلات تي مليل ”سُرهاڻ لائِيف ٽائِيم اچِيومينٽ ايوارڊ“، اڪادمِي ادبياتِ پاڪستان پاران، زندگِي ڀر جي ادبِي حاصلات تي مليل، ”لائِيف ٽائِيم اچِيومينٽ ايوارڊ“ وغيره شامل آهن.

مقصُودگل جي والد جُون قائم ڪيل اُهي تنظِيمُون ۽ ادبي ادارا، جن کي مقصُود گل سنڀاليو ۽ فعال ڪيو، تن ۾ سنڌڙِي ڪتابِي سلسلو، رتوديرو ۽ لطِيف ادبِي سنگت (بزمِ لطِيف)، رتوديرو شامل آهن، جڏهن ته پنهنجي والد جي مِشَن کي اڳتي وڌائيندي، هُنن نون ادارن ۽ تنظيمن جي پِيڙهه پڻ رکِي، جن ۾ ادبِي ۽ تعلِيمي ادارا ۽ تنظِيمُون، شامل آهن. مثال طور: شاهه عنايت ادبِي سنگت، نئوديرو، سنڌي ادبِي سنگت (شاخ) رتوديرو، سنڌِي ڪلاڪار سارِيندڙ سٿ، لاڙڪاڻو، عبدالحيُّ قاضِي ايجُوڪيشنل ويلفيئر سُوسائٽِي، رتوديرو،  عبدالحيُّ قاضِي ماڊل اسڪُول، رتوديرو ۽ قاضِي عبدالحيُّ ”قائل“ اڪيڊمِي، سنڌ وغيره.

مقصُودگل، شاعر سان گڏوگڏ هڪ بهترين گيت نگار به هو. سندن گِيتن ۽ نغمن کي غلام شبّير سمي، دِيدار حُسين سمي، انور حُسين وسطڙي، مُظفر علِي دايي، تعمِير حُسين، مهر سِيمِيءَ، سجّاد يُوسف، انوربلوچ، سڄڻ سنڌِيءَ، عاشق نظاماڻِيءَ، الطاف سَمي، ناصر گُل قاضِي، شفِيق منگِيءَ، مُرِيد علي ڄامڙي، ماسٽر ولِيءَ، ياسرقاضِيءَ، عنايت حسين مِيراڻِيءَ، ماسٽر فتح، سلامت علِيءَ ۽ عذرا رياض (اردُو ۾) وغيره سميت ڪيترن ڳائيڻن ۽ ڳائيڻين، ٽي وِيءَ، ريڊيي توڙي ڪيسيٽس لاءِ ڳايو، جن منجهان اڪثر گيت ٻڌندڙن ۾ هر دور ۾ مقبُول رهيا آهن.

مقصُودگل جي شادِي 14 مئي 1976ع تي، گلنار بدر قاضِيءَ سان ٿي، جنهن منجهان کين هڪ نياڻِيءَ ۽ ٽن پُٽَ جو اولاد ٿيو.

پاڻ ذيابطِيس  جي وبا ۾ لڳ ڀڳ 1990ع کان مُبتلا هئا، جڏهن ته تقرِيباً 2003 کان دريافت ٿيل دل جو عارضو پڻ سندن صحت جي خرابيءَ جو باعث بڻيو، پر 14 جُون 2006ع  تي نيشنل انسٽِيٽيُوٽ آف ڪارڊيوويسڪيُولر ڊزِيزز NICVD ڪراچِيءَ مان ڪامياب باءِ پاس آپريشن ڪرائڻ کان پوءِ پاڻ دل جي تڪليف کان آجا ٿي جيون گھاريائُون.

پنهنجي مُڪمّل سرگرم زندگِي گذاريندي، 12 فيبروري 2015ع تي ممعمولي مليريا ۾ مُبتلا ٿيا، جنهن تحت معمُول جي ٽيسٽن لاءِ ڪجهه ڪلاڪ لياقت نيشنل اسپتال ڪراچِيءَ ۾ گذارڻ کان پوءِ، کين گُردي جي ٽيسٽُن لاءِ سنڌ انسٽِيٽيُوٽ آف يُورالاجِي اينڊ ٽرانسپلانٽ (SIUT) ڪراچِيءَ آندو ويو، جتي ٽيسٽن ٿيڻ کان اڳ ئي فقط 15 منٽن اندر دل جو دؤرو پوڻ سبب، ڇنڇر، 14 فيبروري 2015ع، 25 ربيع الثاني 1436 هجري، 3 ڦڳڻ 2071 ب تي رات 10:50 لڳي، 64 ورهه، 9 مهِينا، 29 ڏِينهن جي ڄمار ماڻي، وڃي پنهنجي جوڙيندڙ سان مليا. کين لاڏاڻي جي ٻئي ڏينهن تي آچر، 15 فيبروري 2015ع بمطابق 25 ربيع الثاني 1436 هجريءَ تي لڳ ڀڳ 3:45 لڳي منجھند، مُبارڪ شاهه قبرستان، رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

مقصُودگل جي وڇوڙي کي چار ورهه پُورا ٿي چڪا آهن ۽ هُو هن جهان مان ته هليو ويو، پر سندن هر هڪ تحرير کيس ادب جي تاريخ جي سينن ۾ هميشه محفُوظ رکندي.[2][3][4][5]

ڪتاب

[سنواريو]

مقصُود گُل جي ڇپيل ڪتابَن ۾ ”وکريل موتي“ (ڊاڪٽر عطا مُحمّد ”حاميءَ“ جي مقالن جي ترتيب ـ شايع: 1983ع ”زندگيءَ ڏي موٽ“ (ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو ـ شايع: 1985ع ”ڪرڻا ڪرڻا“ (ٻارڙن لاءِ شاعري ـ شايع: 1986ع ”رت ڀنا رابيل“ (مُزاحمتي شاعري ــ شايع: 1991ع ”هٺيلي هرڻي“ (ٻارڙن لاءِ ڪهاڻيُون ــ شايع: 1993ع ”عشق سمندر“ (حضرت سچل سرمست رحه جي فارسي مثنوين جو منظُوم اردُو ترجمو ــ شايع: جُون 2003ع ”اندر رُوح رهيام“ (ڊاڪٽر عطا مُحمّد ”حاميءَ“ بابت لکيل مضمُون ۽ مقالا ــ شايع: جُون 2002ع ”رتوديرو ــ مختصر تاريخ“ (تاريخ ــ شايع: 2002ع ”اي آهُو چشم کدهر“ (شيخ اياز جِي ٻن شعري مجمُوعن، ”پتڻ ٿو پُور ڪري“ ۽ ”هرڻ اکي ڪيڏانهن!!“ جو اردُو ترجمو ــ شايع: 2010ع) ۽ ”اکڙيُون نِيل ڪنول“ (شاعري ــ شايع: 2014ع) شامل آهن،[6]

وفات

[سنواريو]

مقصود گل قاضي 15 فيبروري 2015ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.[7]

حوالا

[سنواريو]
  1. "”گل“ ۽ خوشبُو، سوچ، سڳنڌ". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2022-01-22. 
  2. "Sindhi Adabi Board Online Library (Mehran)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-12-21. 
  3. تاريخ جا پيرا. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16428&BookTitle=Tarekh-Ja-Pera. 
  4. "سنڌي ادب جو مهڪندڙ گل- مقصود گُل!......علي دوست عاجز -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-12-21. 
  5. Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: قاضي مقصود گل". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2019-12-21. 
  6. "ڪرڻا ڪرڻا - مقصود گل | سنڌسلامت ڪتاب گهر". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-01-22. 
  7. قاضی, یاسر. "مقصُود گل: جدائی کے پانچ برس". ہم سب (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2022-01-22.