قاضي منظر حيات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
قاضي منظر حيات

ڊاڪٽر قاضي منظر حيات (انگريزي ٻولي:Dr.Qazi Manzar Hayat) سنڌ پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو شاعر ، سنڌيڪار ۽ آرٽسٽ آهي. سندس ڪتاب پڻ ڇپيل آهن.[1]

زندگي جو احوال[سنواريو]

ڊاڪٽر قاضي منظر حيات سنڌ جي لاڙڪاڻو ضلعو جي شهر رتو ديرو ۾ پهرين آڪٽوبر 1967ع تي نامور شاعر ۽ عالم قاضي عبدالحئي قائل جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس گهراڻو علمي ادبي گهراڻو آهي. سندس ڀاءُ قاضي مقصودگل پڻ نامور شاعر هو.[2]

تعليم[سنواريو]

قاضي منظر پرائيمري تعليم پنهنجي شهر رتوديرو مان حاصل ڪئي. هن 1977ع ۾ اليمينٽري ڊرائنگ جو امتحان پوري حيدرآباد ريجن ۾ پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪيو. 1978ع ۾ انٽرميڊيٽ ڊرائنگ جو امتحان پڻ نمايان پوزيشن ۾ پاس ڪيائين. هن مئٽرڪ 1982ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتوديرو مان پاس ڪئي. قاضي منظر انٽر ڪرڻ بعد سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتي جنهن دوران پرائيويٽ طور شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان 1989ع ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾  فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي. هن ايم بي بي ايس جي ڊگري 1991ع سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي يونيورسٽي مان حاصل ڪئي.[2]

ادبي ۽ فني خدمتون[سنواريو]

قاضي منظر حيات 1978ع ۾ شاعري جي شروعات ڪئي. سندس ڀاءُ قاضي مقصود گل ۽ سرڪش سنڌي سندس شاعري جي اصلاح ڪئي. سندس شاعري سنڌ جي اهم رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهي. اخبارن ۾ روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، روزاني هلچل، روزاني شام، روزاني مقدمو، روزاني آس، روزاني اپيل، روزاني طلوع وغيره نمايان آهن.  هيءُ ڪيترن ڪتابن جو سنڌيڪار به آهي. هن مصور ۽ ڪيليگرافر طور پڻ نالو ڪمايو آهي. مصوري ۾ سندس ڀاءُ قاضي اختر حيات رهنمائي ڪئي.  ڪيترن ئي اديبن ۽ اهم شخصيتن جا اسڪيچ توڻي اهم شاعرن شاعري تي آرٽ وارو ڪم ڪري چڪو آهي.[3]  هن ڪيترن ئي ڪتابن جا ٽائيٽل بہ ٺاهيا آهن. سماجي ۽ ادبي تنظيمن ۾ بہ سرگرم رهيو. گلن جهڙا ٻارڙا تنظيم جو سرگرم ڪارڪن ۽ عهديدار رهيو. شاگردي واري زماني ۾ اسڪائوٽ پڻ رهيو. هن مختلف ادبي سماجي تنظيمن ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت ذڪر لائق آهي. هيءُ ميڊيڪوز ايسوسيئيشن سان پڻ سلهاڙيل رهيو. هن پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي جي پروگرامن ۾ بہ شرڪت ڪئي. قاضي منظر حيات پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر آهي. هيءُ سنڌ 1993ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڊاڪٽر مقرر ڪيو ويو ۽ سنڌ جي مختلف شهرن جي اسپتالن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي.[2]

ڪتاب[سنواريو]

  • هڪڙو پيارو ماڻهو، سنڌڙي ڪتابي سلسلو رتو ديرو، 1990ع
  • ناميارا سائنسدان، ٽي ڀاڱا، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2009ع[4]
  • ايجادون، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي

حوالا[سنواريو]

  1. "قاضي منظر حيات شاعري ڪارنر". حاصل ڪيل 2022-01-22. 
  2. 2.0 2.1 2.2 "قاضي منظر حيات: شاعر ۽ ليکڪ". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2022-01-22. 
  3. Ali, Farhan. "نارائڻ شيام جي شاعري آرٽ ورڪ: قاضي منظر حيات". Humsari. حاصل ڪيل 2022-01-22. 
  4. "ناميارا سائنسدان (جلد پهريون) : قاضي منظر حيات". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2022-01-22.