محمد علي جيڻا

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا


Muhammad Ali Jinnah
A view of Jinnah's face late in life
پاڪستان جو 1st (پهريون) صوبيدار اعليٰ
عهدو سنڀاليو
آگسٽ 14، 1947 – سيپٽمبر 11، 1948
شاهي حڪمران جارج ڇهون
وزير اعظم لياقت علي خان
پيشرو لوئس مائونٽ بيٽن، برما جو پهريون ارل مائونٽبيٽن (as هندستان جو وائسراءِ (نائب السلطنت))
جانشين خواجا ناظم الدين
قومي اسيمبلي جو اسپيڪر
عهدو سنڀاليو
آگسٽ 11، 1947 – سيپٽمبر 11، 1948
ڊپٽي مولوي تميزالدين خان
پيشرو Position established
جانشين مولوي تميزالدين خان
پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ جو صدر
ڊپٽي لياقت علي خان
پيشرو آفيس پيدا ٿي Office created
جانشين لياقت علي خان
ذاتي تفصيل
پيدائش محمد علي جيڻا ڀائي
25 ڊسمبر 1876(1876-12-25)
وفات 11 سيپٽمبر 1948 (عمر 71 سال)
ڪراچي, صوبو سنڌ, حڪومت پاڪستان
سياسي جماعت
شريڪ حيات
اولاد دينا مريم جيڻا (منجهان)
والدين Poonja Jinnah (father)
مٺي ٻائي جيڻا(ماءٌ)
مادر علمي Inns of Court School of Law
پيشو وڪيل
سياستدان
مذهب اسلام
دستخط

محمد علي جيڻا، (انگريزيءَ ۾ Muhammad Ali Jinnah) پاڪستان جو باني، 25 ڊسمبر 1876ع تي ضلع ٺٽي جي شهر جھرڪ ۾ ڄائو[1]. هن جي والد جو نالو جيڻا پونجا هو. جيڪو راڄڪوٽ ڪاٺياواڙ جو رهاڪو هو ۽ ڪراچيءَ ۾ چمڙي جو ڪاروبار ڪندو هو.[2]


ابتدائي زندگي[سنواريو]

جيڻا ابتدائي تعليم جھرڪ جي سرڪاري اسڪول مان ۽ پوءِ سنڌ مدرسته الاسلام مان پرائي. اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن ويو[3][4][5] . ڇهن مهينن لاءِ بمبئي جو پريزيڊينسي ميجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. اها نوڪري سندس طبيعت مطابق نه هئي تنهنڪري ان کان عليحدگي اختيار ڪري بيرسٽري اختيار ڪيائين.

پاڪستان جي تحريڪ ۾ مسلمانن جي قيادت ڪيائين ۽ ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ جهنڊي هيٺ گڏ ڪيائين. سندس تحريڪ رنگ لاتو ۽ هن جي ۽ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جدوجهد جي سان 14هين آگسٽ 1947ع تي هڪ آزاد ملڪ پاڪستان دنيا جي نقشي نروار ٿيو.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ملڪ جو پهريون گورنر جنرل مقرر ٿيو ۽ موت تائين ان عهدي تي قائم رهيو. پاڪستان جهڙي ملڪ جو تحفو ڏيڻ تي وطن واسين کيس قائد اعظم جو لقب ڏنو.

محمد علي جناح جي باري ۾ مولانا عبيدالله سنڌي جي رائي[سنواريو]

مون ٻڌو آهي ته مسلم ليگ جو ڊڪٽيٽر مسٽر محمد علي جناح سنڌي آهي. مان سندس خدمت ۾ آل انڊيا ليڊر جي حيثيت سان نه پر هڪ سنڌي لبرل جنٽلمين جي حيثيت سان عرض ٿو ڪريان، ته جيڪڏهن مون کي ساڻس ملڻ جو موقعو مليو ته مان کيس ٻه ڳالهيون ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندس.

  • (1) کيس ڪرسي ڇڏي ڌرتيءَ تي ڇو ويهڻ گهرجي.
  • (2) فيڊريشن مان اسان جي مراد ڇا آهي؟ مان ڇو فيڊريشن کان سواءِ هندستان جي ترقيءَ جو ٻيو ڪو به امڪان ڪو نه ٿو سمجهان. افسوس آهي جو اسان جي نظر ۾ فيڊريشن کي نه ڪو ڪانگريس ٿي سمجهي ۽ نه ليگ. ڪانگريس کي قائل ڪرڻ لاءِ اسان کي تڪڙ آهي، پر ليگ کي پنهنجو نقطه نظر سمجهائڻ اسان ضروري سمجهون ٿا.

[6] [7]

آخري ڏينهن[سنواريو]

سندس زندگي جا آخري بيماريءَ وارا ڏينهن بلوچستان جي شهر زيارت ۾ گذريا. 11 سيپٽمبر 1948ع تي وفات ڪيائين. سندس مقبرو ڪراچيءَ ۾ آهي جيڪو پڻ ڏسڻ وٽان آهي.

پڻ ڏسندا[سنواريو]


نوٽس[سنواريو]

  1. "Nation celebrates Quaid-e-Azam's birthday". Pakistan Today. 25 Dec 2012. Archived from the original on 2013-04-22. http://www.webcitation.org/6G4PO0mLF. Retrieved 2015-11-11. 
  2. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%AC%D9%86%D8%A7%D8%AD%20%D9%82%D8%A7%D8%A6%D8%AF%D8%A7%D8%B9%D8%B8%D9%85%20%D9%85%D8%AD%D9%85%D8%AF%20%D8%B9%D9%84%D9%8A
  3. Singh54.
  4. Ahmed26.
  5. Sharif, Azizullah. "KARACHI: چرچ مشن اسڪول جي بحالي ordered" (Archive). ڊان. 20 February 2010. Retrieved on 26 May 2014. "Taking notice of the highly dilapidated and bad condition of the Church Mission School (CMS) where Quaid-i-Azam Mohammad Ali Jinnah had studied,[...]"
  6. http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=313
  7. ڪتاب: مولانا عبيدالله سنڌيءَ جون تحريرون ۽ تقريرون

حوالا[سنواريو]


خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]