محمد ابراهيم گنب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
محمد ابراهيم گنب
Muhammad Ibrahim Ganb
پيدائش محمد ابراهيم گنب
مارچ 01 1933(1933-03-01)

ڳوٺ گل محمد گنب، جوهي تعلقو، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان
وفات 12 جون 2002 (عمر 69 سال)

جوهي
ڌنڌو استاد
ٻولي سنڌي
قوميت پاڪستاني
تعليم سنڌي فائينل
مادرِ علمي جوهي، دادو اسڪول

محمد ابراهيم گنب (انگريزي:Muhammad Ibrahim Ganb) (جنم:1 مارچ 1933, وفات: 12 جون 2002ع) برطانوي هندستان ۾ سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ بهترين استاد ۽ ادب دوست شخصيت هو.

زندگي جو احوال[سنواريو]

محمد ابراهيم گنب پٽ گل محمد گنب 1 مارچ 1933ع ۾ دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڳوٺ گل محمد گنب ۾ جنم ورتو. هن سنڌي فائينل ۽ استاد طور تربيت واري تعليم جوهي ۾ حاصل ڪئي. هيءُ 1951ع ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ سندس پهرين مقرري سندس ڳوٺ ۾ ٿي. بعد ۾ هيءُ دادو ۽ جوهي تعلقن جي مختلف ڳوٺن ۾ استاد طور خدمتون سرانجام ڏنائين. هن بعد ۾ ڳوٺ گل محمد گنب[1] کان لڏي جوهي شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ 1980ع ۾ نوڪري تان رٽائرڊ ٿيو. هيءُ پنهنهنجي دور جو ماهر استاد طور مشهور هو. هن جو علم ادب سان تمام گهڻو لڳاءُ هوندو هو. آڳاٽي دور ۾ سنڌي فائينل ۾، سنڌي ٻولي، شاعريءَ ۽ ان جي اصولن سان گڏ نثر بابت استادن کي سکيا ڏني ويندي هئي. اهوئي سبب آهي جو اهي استاد سنڌي ٻولي سان گڏ فارسي ٻولي، سنڌي شاعري ۽ مضمون نويسي جا ڄاڻو هوندا هئا. محمد ابراهيم گنب پڻ انهن استادن مان هڪ هو. هو سٺو نثر نگار به هو ته سنڌي شاعريءَ بابت به پرک رکندو هو. هن لکيو پر سندس مواد محفوظ نه رهيو آهي. محمد ابراهيم گنب اتساهيندڙ استاد رهيو. هن جو نياڻين جي تعليم جي حوالي سان وڏو ڪردار رهيو. هن پنهنجي نياڻين کي به اعلي تعليم ڏياري ته تڙ جي نيڻين جي تعليم لاءِ به ڪوشان رهيو. ادبي ذوق سبب 1980ع ۾ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ڪتابن جو دڪان کوليائين. جتي ادبي تاريخي ۽ اسلامي ڪتاب پڻ رکيائين. ٻارن لاءِ ماهوار گل ڦل[2] ۽ ٻيا رسالا دڪان تي رکندو هو. پاڙي جي بي پهچ ٻارن ۾ گل ڦل رسالو مفت ۾ ڏيندو هو ته جيئن پڙهڻ ۽ پرائڻ.. ادبي حوالي سان سندس ويجهڙائپ احمد خان مدهوش، اڪبر جسڪاڻي ،عزيز ڪنگراڻي ۽ ٻين علم دوست ۽ ادب دوست ماڻهن سان پڻ رهي. 1999ع ۾ اڪبر جسڪاڻي لئبرري قائم ڪرڻ ۾ به سٿ جو سهڪاري رهيو. 1996ع ۾ هيءُ يگانو استاد ۽ ادب دوست فالج ۾ مبتلا ٿيو پر بيماري سان بردباري سان جهيڙيائين.[3] [4]

وفات[سنواريو]

محمد ابراهيم گنب 12 جون 2002ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. onlineindus.com https://onlineindus.com/sindhi/82935. حاصل ڪيل 2020-06-06.  Missing or empty |title= (مدد)
  2. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-06-06. 
  3. 3.0 3.1 "محمد ابراهيم گنب: هڪ يگانو استاد". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-06-06. 
  4. Dadu at glance, Abbasi Dr. Niaz, District Govt. Dadu, 2011