مائي الهه وسائي
مائي الهه وسائي انگريزي ٻولي: Mai Allah Wassai | |
---|---|
پيدائش | 1928 سجاول سنڌ |
وفات | 29 اپريل 2003 (aged 75) سجاول |
پيشو | ڳائڻي |
سَرگَرمُ سالَ | 1928–2003 |
اعزاز | شاھ عبداللطيف ڀٽائي اوارڊ 2003, ستاره امتياز اوارڊ 2007 |
مائي الهه وسائي انگريزي (Mai Allah Wassai) (جنم:1928ع-- وفات: 29 اپيرل 2003ع) سنڌ پاڪستان جي وڏي مشهور ۽ ڄاتل سڃاتل سنڌي لوڪ ۽ ڪلاسيڪي ڳائڻي هئي جنهن گائڪي جي پنهنجي منفرد انداز ۽ آواز جي ذريعي سنڌ ۾ وڏي مڃتا ماڻي امر بڻجي وئي.[1][2][3]
زندگي جو احوال
[سنواريو]مائي الهه وسائي برطانوي هندستان ۾ سجاول تعلقو، ٺٽو ضلعو (موجوده سجاول ضلعو) جي ڳوٺ محمد شاھ ڍڍڙ ۾ 1928ع ۾ خمُون مير بحر جي گهر ۾ جنم ورتو.هوءَ سنڌ جي مشهور ڳائڻي جيوڻي ٻائيءَ جي ساهيڙي ۽ همعصر هئي. تڏهن ڪلامن جي رڪارڊنگ گراموفون تي ٿيندي هئي ۽ جيوڻي ٻائي، مائي الهه وسائي، ماسٽر چندر، خان بلوچ'سونا خان بلوچ موسيقيءَ جي دنيا جا وڏا نالا هئا.[4] خمُون مير بحر نڙ ساز جوڙڻ ۽ وڄائڻ جو ماهر هو. مائي الهه وسائي 12 سالن جي ڄمار ۾ راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي ۽ 20 سالن جي ڄمار ۾ باقاعده ڳائڻ شروع ڪيو.[5] مائي الهه وسائي گائڪي جي سکيا استاد حاجي ماڙيچو ۽ استاد فدا حُسين کان ورتي. هن ڍولڪ نواز استاد خميسو چانڊيو سان شادي ڪئي. اٽڪل 300 ڪلام ڳايائين جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين مقبول ٿيا. مائي الهه وسائي آخر ۾ گلي جي ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي پئي.[1]
مڃتا
[سنواريو]مائي الهه وسائي سنڌ جي هر شهر ۾ ڳائڻ لاءِ ويندي هئي. سندس ڳاتل ڪلام ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ پاڪستان ٽيليويزن نيٽ ورڪ ڪراچي سينٽر تان نشر ٿيا.[6] انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران 1999ع ۾ سندس آواز ۾ ڪيسيٽ رڪارڊ ڪري جاري ڪئي وئي.[7] کيس وفات کانپوءِ مڃتا طور حُڪومت پاڪستان 23 مارچ 2007ع تي تمغهء امتياز سان نوازيو ويو.[8] مائي الهه وسائي کي شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جي موقعي تي منعقد ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ استاد بخاري جي ڪلام “پيار درياھ آ درياھ به لٽجي ٿو وڃي” [5]ڳائڻ تي ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران شاھ لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو.[9]
وفات
[سنواريو]مائي الهه وسائي گلي جي ڪيسر جي بهاني 29 اپريل 2003ع ۾ فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 Mai Allah Wassai - Sindhipedia, وقت 2018-04-07 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-04-07
- ↑ Resonance of heritage: Sindhi musicians willing to give away life for Sur - The Express Tribune
- ↑ Aaya Ki Abana | Reejhal Shah | Sindhi Songs | Mai Allah Wasai - YouTube
- ↑ "الهه وسائي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-05-02.
- ↑ 5.0 5.1 صدارتي ايوارڊ يافتھ لوڪ ڳائڻي مائي الله وسائي جي وڇوڙي کي 13 سال وهامي ويا
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, وقت 2018-04-07 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-04-07
- ↑ https://books.google.com.pk/books?id=WfiDLtPDkPIC&pg=PA183&lpg=PA183&dq=allah+wasai&source=bl&ots=NE8s2vUWmt&sig=wVMwkGecFfdkabeq6T8lfzJtJpo&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwian6XolabaAhWIOxQKHYpDASI4FBDoAQhBMAY#v=onepage&q=allah%20wasai&f=false
- ↑ Twenty-six awards on Pakistan Day | Karachi | thenews.com.pk | Karachi
- ↑ HYDERABAD: Global moots on Bhitai proposed - Newspaper - DAWN.COM