ليکراج ڪشنچند عزيز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ليکراج ڪشنچند عزيز 19 ڊسمبر 1897ع ۾ حيدرآباد، سنڌ ۾ ڪشنچند نائون مل جي گهر ۾ ڄاپيو. پاڻ ڪي سي ڪاليج جي پروفيسر هئڻ سان گڏ بمبئي يونيورسٽي جي بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر بِ هو.

ليکراج ڪشنچند عزيز
پيدائش 19 ڊسمبر 1897ع

حيدرآباد، سنڌ، برطانوي هندستان

وفات 19 آگسٽ 1971ع

بمبئي، هندستان

ٻولي سنڌي
رهائش بمبئي
قوميت سنڌي
تعليم
ڌنڌو پروفيسر، شاعر، نثر نويس، لغت نويس، ناٽڪ نويس، مضمون نگار، تنقيد نگار
شھريت هندستان
دور برطانوي هندستان ۽ هندستاني دور

هن سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪري سنڌي ادب جي پھڳ کي وسيع ڪيو. ساڳيءَ ريت پاڻ هڪ نثر نويس پڻ هو. هن ناٽڪ لکيا ۽ خاص طور مضمومن جي مجموعي ”ادبي آئينو" کيس تمام گهڻي شهرت ڏني، جنهن تي کيس انعام سان پڻ نوازيو ويو. هيءُ ڪتاب سنڌ ۽ هند جي يونيورسٽين جي نصاب ۾ پڻ شامل آهي. هيءُ ڪتاب 1941ع ۾ ڇپيو ۽ هي مضمونن جو مجموعو، سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي ۽ شاهہ لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ بي اي ۽ ايم اي جي نصاب لاءِ منظور ٿيل آهي. ليکراج ڪشنچند عزيز جو نالو لغت نويسن واري پنوتريءَ ۾ پڻ اچي ٿو.

حوالا[سنواريو]

https://sindhipeoples.blogspot.com/2015/08/blog-post_26.html?m=1