مواد ڏانھن هلو

قربان خشڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

قربان خشڪ (انگريزي: Qurban Khushik) سنڌ، پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ اردو، سنڌي ٻولي ۽ انگريزي جو ليکڪ ۽ صحافي آھي. سندس ڪيترائي مضمون شايع ٿيل آهن.

زندگي جو احوال

[سنواريو]

قربان خشڪ جو پورو نالو قربان علي خشڪ آهي. هن 4 فيبروري 1977ع تي ﷲ بخش خشڪ جي گهر ۾ دادو ضلعو جي دادو تعلقو جي ڳوٺ محمد خان خشڪ ۾ جنم ورتو.[1]

تعليم

[سنواريو]

خشڪ پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ ۽ انٽر استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان ڪيائين. ايم اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪيائين.[1]

ادب۽ صحافت جي شروعات

[سنواريو]

قربان ادب ۽ صحافت جي ميدان ۾ 1994ع ۾ پير پاتو. هن جا سنڌي، انگريزي ۽ اردو ۾ ڪيترائي ئي مضمون سنڌ جي معياري اخبارن ۽ مئگزينن ۾ شايع ٿيل آهن. خاص طور سندس مضمون روزاني ڊان ڪراچي ۾ شايع ٿيل آهن. صحافي طور پڻ 2000ع کان ڊان اخبار سان لاڳاپيل آهي ۽ ڊان اخبار جو ڏاڍو ضلعي جو رپورٽر آهي. 2007ع ۾ ڊان ٽي وي جو رپورٽر پڻ مقرر ٿيو. 2010ع کان هيرالڊ رسالي ۾ به لکڻ شروع ڪيائين. هيل تائين سندس کوڙ مضمون ۽ ڪالم شايع ٿي چڪا آهن.[1][2][3][4]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 "Poets and writers". Aziz Kingrani (انگريزي ۾). 2014-12-17. 2020-07-12 تي حاصل ڪيل.
  2. "Articles by Qurban Ali Khushik | Dawn Journalist | Muck Rack". muckrack.com (انگريزي ۾). 2020-07-12 تي حاصل ڪيل.
  3. Zaman, Muhammad Qasim (2020-08-04). Islam in Pakistan: A History (انگريزي ۾). Princeton University Press. ISBN 978-0-691-21073-5.
  4. "News stories for Qurban Ali Khushik - DAWN.COM". www.dawn.com (انگريزي ۾). 2020-07-12 تي حاصل ڪيل.