فيلڪس ھوفوئي بوئني
فيلڪس ھوفوئي بوئني | |
---|---|
![]() ھوفوئي بوئني 1962ع ۾ | |
1st آئيوري ڪوسٽ جو صدر | |
عهدو سنڀاليو 3 نومبر 1960ع – 7 ڊسمبر 1993ع | |
پيشرو | ڪوبہ نہ (عھدي جي شروعات) |
جانشين | ھينري ڪونان بيديئي |
1st آئيوري ڪوسٽ جو وزيراعظم | |
عهدو سنڀاليو 7 آگسٽ، 1960ع – 27 نومبر، 1960ع | |
پيشرو | ڪوبہ نہ(عھدو قائم ٿيو) |
جانشين | عھدو ختم ٿيو الاسن وتاھا (1990) |
ذاتي تفصيل | |
پيدائش | ڊيئا ھوفوئي 18 آڪٽوبر 1905 يامسوڪرو، فرينچ ويسٽ آفريڪا |
وفات | 7 ڊسمبر 1993 (عمر 88 سال) يامسوڪرو، آئيوري ڪوسٽ |
قوميت | آئيوري آئيويريئن |
سياسي جماعت | آئيوري ڪوسٽ جي ڊيموڪريٽڪ پارٽي |
جيون ساٿي | ڪيڊي ريسين سو؛ (1930 کان 1952) طلاق ميري ٿيريس ھوفوئي بوئني (1962–1993؛ ھن جي موت تائين) |
فيلڪس ھوفوئي بوئني (Félix Houphouët-Boigny؛ فرينچ: [feliks ufwɛ(t) bwaɲi])؛[1][2] (ڄم: 18 آڪٽوبر، 1905ع، وفات: 7 ڊسمبر، 1993ع) جنھن کي بابا ھوفوئي يا پاپا ھوفوئي يا جھونو سڏيندا هئا، آئيوري ڪوسٽ جو آزادي بعد پھريون صدر هو، جيڪو سال 1960ع کان وٺي 1993ع تائين ملڪ جو صدر رھيو. صدي جي ٽن ڏھاڪن کان وڌيڪَ پنھنجي موت تائين ملڪ جو صدر رھيو. ھي پنھنجي قبيلي جو پڻ سردار ھيو ۽ فرانس جي پارليامينٽ جو رڪن ٿيو ۽ فرانس جي ڪابينه ۾ مختلف وزارتن تي فائز ٿي ڪم ڪيو. هو چارلس ڊي گال جي ڪابينه ۾ پڻ وزير رھيو. سال 1960ع ۾ آئيوري ڪوسٽ جي آزادي کان پوء ملڪ جو پھريون صدر ٿيو ۽ مرڻ گھڙيءَ تائين ان عهدي تي قائم رهيو.
سندس قيادت ۾ ملڪ معاشي خوشحالي ماڻي، جيڪا سالم پاليسي، مغربي ملڪن خاص طور تي فرانس سان بھتر تعلقاتن جي ڪري عمل ۾ آئي. ڪافي ۽ ڪوڪا جي صنعت کي فروغ مليو. ھن 1966ع ۾ گھانا جي صدر ۽ انقلابي اڳواڻ، ڪوامي نڪروما کي ھٽائڻ لاء سازش ڪندڙن جي مدد ڪئي. سال 1977ع ۾ بينن جي انقلابي صدر ماٿيو ڪيريڪو جي خلاف ٿيل ناڪام فوجي بغاوت جو پڻ محرڪ رھيو. سال 1987ع ۾ برڪينا فاسو ۾ ٿامس سنڪارا جي خلاف ٿيل ڪامياب فوجي بغاوت ۾ پڻ سندس ھٿ ھجڻ جو شڪ آهي. ھن انگولا جي سوشلزم مخالف يونيٽا باغين جي پڻ مدد ڪئي. ھن ڪميونزم جي سخت مخالفت واري پرڏيھي پاليسي اختيار ڪئي. ھن سال 1967ع ۾ سوويت يونين سان سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ بعد سال 1969ع ۾ ناتا ٽوڙي ڇڏيا ۽ سال 1986ع ۾ ٻيھر بحال ڪيا. ھن عوامي جمھوريه چين کي سال 1983ع تائين تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. مغربي دنيا ۾ ھي آفريڪا جي ڏاھي يا "آفريڪا جي جھوني" طور سڃاتو ويندو هو. ھوفوئي بوئني ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ عابد جان کان پنھنجي اباڻي شھر يامسوڪرو منتقل ڪيو جتي ھن دنيا جو وڏو چرچ "يامسوڪرو جي ليڊي آف پيس واري بيسيليڪا" ٺھرايو جنھن تي 30 ڪروڙ ڊالر لاڳت آئي. وفات وقت ھي آفريڪا جو سڀ کان وڌيڪَ لاڳيتو اقتدار ۾ رھندڙ سربراھه ھيو ۽ دنيا ۾ ڪيوبا جي فيڊل ڪاسترو ۽ اتر ڪوريا جي ڪم ال سنگ کان پوءِ ٽيون نمبر سربراھه ھيو جيڪو سڀ کان وڌيڪَ عرصو اقتدار ۾ رھيو. سال 1989ع ۾ يونيسڪو سندس نالي سان امن جي بحالي ۽ تحفظ وارو فيلڪس ھوفوئي بوئني پيس پرائز شروع ڪيو. سال 1991ع ۾ اھو پرائيز نيلسن منڊيلا کي مليو. ھن جي وفات کانپوء ملڪ جي حالت جلد ئي بگڙي وئي. سال 1994ع کان 2002ع تائين ملڪ کوڙ بغاوتن، ڪرنسي جي ملھه ۾ لاٿ ۽ معاشي گھوٽالا ڏٺا. سال 2002ع ۾ گھرو ويڙھ جي پڻ شروعات ٿي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Noble, Kenneth B. (8 February 1994). "For Ivory Coast's Founder, Lavish Funeral". New York Times. https://query.nytimes.com/gst/fullpage.html?res=9E07E1D61638F93BA35751C0A962958260&sec=&spon=&pagewanted=all. Retrieved 22 July 2008.
- ↑ "Félix Houphouët-Boigny". France Actuelle 5: p. 10. 1956.