يامسوڪرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
يامسوڪرو
شھر
نعرو: " يڪجھتي، امن ۽ ترقي"
يامسوڪرو is located in Ivory Coast
يامسوڪرو
يامسوڪرو
آئيوري ڪوسٽ ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 06°48′58″N 05°16′27″W / 6.81611°N 5.27417°W / 6.81611; -5.27417مڪانيت: 06°48′58″N 05°16′27″W / 6.81611°N 5.27417°W / 6.81611; -5.27417
ملڪ  آئيوري ڪوسٽ
ضلعو يامسوڪرو
ڊپارٽمينٽ يامسوڪرو ڊپارٽمينٽ
اٽيئيگوئاڪرو ڊپارٽمينٽ
حڪومت
 • گورنر آگسٽن عبدالله ٿيئم ھوفوئي
 • لارڊ ميئر گنرانگبي ڪوئاڪو ڪوئاديو جين
پکيڙ
 • ڪل 3,500 ڪ.م2 (1,350 ميل2)
آبادي (2020 est[1])
 • ڪل 361,893 (City), 415,020 (District)

يامسوڪرو(انگريزي: Yamoussoukro)[2] آئيوري ڪوسٽ جي ھڪ شھر ۽ ملڪ جو سياسي گادي جو هنڌ آهي. 2014 ۾ آبادي ۾ اھو آئيوري ڪوسٽ جو پنجون وڏو شھر ھيو جنھن جي آبادي 355,573 ھئي. شھر ملڪ جي سڀ کان وڏي شھر عابدجان کان اتر طرف 240 ڪ م جي فاصلي تي واقع آهي. ھن شھر کي ملڪ جي قانوني گادي جي هنڌ جو درجو 1983ع ۾ مليو. ان کان اڳ اھو ھڪ وڏو ڳوٺ ھيو. 2011 ۾ يامسوڪرو ضلعو ليک ريجن جو حصو ھيو ۽ ان سال ان کي ضلعي حيثيت ڏني وئي[3] ان ضلعي کي ٻن ڊپارٽمينٽ ۾ ورھايو ويو جن م يامسوڪرو ڊپارٽمينٽ ۽ اٽيئيگوئاڪرو ڊپارٽمينٽ شامل ھيا. ضلعي يامسوڪرو ۾ 169 آباديون ھيون. ھي شھر سب پريفيڪچر جو درجو پڻ رکي ٿو. ھي شھر ڪميون جو درجو پڻ رکي ٿو. 2011 کان وٺي ان شھر جي ڪميون ھڪڙي ھئي.

آئيوري ڪوسٽ م يامسوڪرو ضلعي جو نقشو

2011 کان اڳ ھن شھر جو انتظامي ۽ سياسي سربراھ ميئر ھيو پر خودمختيار ضلعي جي قيام سان ان جي جاء تي ضلعي گورنر جو عھدو قائم ڪيو ويو جنھن جي تقرري رياست جو سربراھ ڪندو آھي.


ھن شھر جي عمارتسازي جي شاھڪارن ۾ ڪوسئو ڊيم، پي ڊي سي آء-آر ڊي اي ھائوس٫ ٽائون ھال، فيلڪس ھوئفوئيٽ بوئني پوليٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ، پروٽيسٽنٽ ٽيمپل، انٽرنيشنل ايئرپورٽ بلڊنگ، پئليس آف ھوسثس شامل آھن. ھن شھر جي معيشت ۾ پرفيوم جي صنعت اھم آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. "Répartition de la population par sexe et par Sous-Prefecture ou Commune de 2014 à 2034". 
  2. {{cite web |url=http://www.collinsdictionary.com/dictionary/english/yamoussoukro |title=English Dictionary: Definition of Yamoussoukro |publisher=Collins |accessdate=24 August 2013}}
  3. Décret n° 2011-263 du 28 septembre 2011 portant organisation du territoire national en Districts et en Régions.