مواد ڏانھن هلو

ياموسوڪرو

(يامسوڪرو کان چوريل)
ياموسوڪرو
شھر
Motto: 
" يڪجھتي، امن ۽ ترقي"
ياموسوڪرو is located in Ivory Coast
ياموسوڪرو
ياموسوڪرو
آئيوري ڪوسٽ ۾ مقام
Coordinates: 06°48′58″N 05°16′27″W / 6.81611°N 5.27417°W / 6.81611; -5.27417
ملڪ آئيوري ڪوسٽ
ضلعويامسوڪرو
ڊپارٽمينٽيامسوڪرو ڊپارٽمينٽ
اٽيئيگوئاڪرو ڊپارٽمينٽ
Government
  گورنرآگسٽن عبدالله ٿيئم ھوفوئي
  لارڊ ميئرگنرانگبي ڪوئاڪو ڪوئاديو جين
Area
  Total
3,500 km2 (1,400 sq mi)
Population
 (2020 est[1])
  Total
361,893 (City) 415,020 (District)
  Density100/km2 (270/sq mi)
Time zoneUTC
Websitewww.yamoussoukro.district.ci

ياموسوڪرو(انگريزي: Yamoussoukro)[2] آئيوري ڪوسٽ جي ھڪ شھر ۽ ملڪ جو سياسي گادي جو هنڌ آهي. 2014ع ۾ آبادي ۾ اھو آئيوري ڪوسٽ جو پنجون وڏو شھر ھيو جنھن جي آبادي 3,55,573 ھئي. شھر ملڪ جي سڀ کان وڏي شھر عابدجان کان اتر طرف 240 ڪلوميٽر جي فاصلي تي واقع آهي. ھن شھر کي ملڪ جي قانوني گادي جي هنڌ جو درجو 1983ع ۾ مليو. ان کان اڳ اھو ھڪ وڏو ڳوٺ ھيو. 2011ع ۾ ياموسوڪرو ضلعو ليڪ ريجن (Lake Region) جو حصو ھيو ۽ ان سال ان کي ضلعي حيثيت ڏني وئي.[3] ان ضلعي کي ٻن ڊپارٽمينٽ ۾ ورھايو ويو جن م ياموسوڪرو ڊپارٽمينٽ ۽ اٽيئيگوئاڪرو ڊپارٽمينٽ شامل ھيا. ضلعي ياموسوڪرو ۾ 169 آباديون ھيون. ھي شھر سب۔پريفيڪچر جو درجو پڻ رکي ٿو. ھي شھر ڪميون جو درجو پڻ رکي ٿو. سال 2011ع کان وٺي ان شھر جي ڪميون ھڪڙي ھئي.

آئيوري ڪوسٽ م ياموسوڪرو ضلعي جو نقشو

2011 کان اڳ ھن شھر جو انتظامي ۽ سياسي سربراھ ميئر ھيو پر خودمختيار ضلعي جي قيام سان ان جي جاء تي ضلعي گورنر جو عھدو قائم ڪيو ويو جنھن جي تقرري رياست جو سربراھ ڪندو آھي.

ھن شھر جي عمارت سازي جي شاھڪارن ۾ ڪوسئو ڊيم، پي ڊي سي آء-آر ڊي اي ھائوس٫ ٽائون ھال، فيلڪس ھوئفوئيٽ بوئني پوليٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ، پروٽيسٽنٽ ٽيمپل چرچ، انٽرنيشنل ايئرپورٽ بلڊنگ، پئليس آف ھوسثس شامل آھن. ھن شھر جي معيشت ۾ پرفيوم جي صنعت اھم آھي.

حوالا

[سنواريو]
  1. "Répartition de la population par sexe et par Sous-Prefecture ou Commune de 2014 à 2034".
  2. {{cite web |url=http://www.collinsdictionary.com/dictionary/english/yamoussoukro |title=English Dictionary: Definition of Yamoussoukro |publisher=Collins |accessdate=24 August 2013}}
  3. Décret n° 2011-263 du 28 septembre 2011 portant organisation du territoire national en Districts et en Régions.