عرفانه ملاح
| ڊاڪٽر عرفانه ملاح Dr. Arfana Mallah | |
|---|---|
| ڄم | ڳوٺ سيتا دادو |
| ڌنڌو | پروفيسر ليکڪ |
| ٻولي | سنڌي |
| رهائش | ڄامشورو |
| قوميت | پاڪستاني |
| تعليم | ايم. ايس سي ڪيمسٽري، پي ايڇ ڊي |
| مادرِ علمي | سنڌ يونيورسٽي |
| جُڳ | هاڻوڪو |
| موضوع | مضمون، ڪالم |
ڊاڪٽر عرفانه ملاح (انگريزيDr. Arfana Mallah) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ليکڪ، ڪالم نگار ۽ سماج سڌارڪ آهي.
زندگي جو احوال
[سنواريو]ڊاڪٽر عرفانه ملاح سنڌ جي دادو ضلعو جي ڳوٺ سيتا ۾ 27 آگسٽ 1974ع تي[1] ناليواري استاد غلام محمد ملاح جي گهر ۾ جنم ورتو.[2]
تعليم
[سنواريو]هن پرائيمري پنهنجي ڳوٺ سيتا مان حاصل ڪئي ۽ سيڪنڊري تعليم سيتا شهر ۾ حاصل ڪئي. هن انٽر ميڊيئيٽ ميهڙ ڊگري ڪاليج منجهان ڪئي. جڏهن ته هن 1988ع ۾ ايم ايس سي ڪيمسٽري ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪئي. هن ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون پڻ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيون.[2]
علمي ۽ ادبي خدمتون
[سنواريو]ڊاڪٽر عرفانه کي ننڍپڻ کان علم ۽ ادب سان لڳاءُ هو. هن ريڊيو پاڪستان توڙي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي سينٽر ۽ نجي ٽي وي چينل ڪي ٽي اين ۽ ٻين چينلن تي ڪمپيئر سان گڏ لکڻ پڻ شروع ڪيو. ادبي ميدان ۾ هن پاڻ مڃائي ورتو.[3] ان کان علاوه هن سماج سڌارڪ طور پڻ اهم ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو. هن جي انساني حقن، خاص طور تي عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ۽ جاکوڙ اهم آهي. سندس مضمون ۽ ڪالم مختلف معياري رسالن ۽اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لڳا.[4] هيءُ اول سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرار مقرر ٿي ۽ علمي خدمتون سرانجام ڏنائين. بعد ۾ 2004ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ليڪچرار مقرر ٿي. هن وقت پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. عرفانه ملاح سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سينڊيڪيٽ جي ميميمبر به رهي آهي[5] ۽ سنڌ يونيورسٽي جي استادن جي تنظيم سوٽا جي صدر پڻ رهي آهي.[6]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "اڄوڪو ڏينهن 27 آگسٽ تاريخ جي دريءَ مان", SindhSalamat, حاصل ڪيل 02 آگسٽ 2020۔
- ↑ 2.0 2.1 "دادو ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سيتا جي عرفانه ملاح", SindhSalamat, حاصل ڪيل 01 آگسٽ 2020۔
- ↑ "دنيا جي ڪوڙي ترقي جو ماسڪ روڙيندڙ وبا....ڊاڪٽر عرفانه ملاح -" (ٻولي ۾ سنڌي), 12 اپريل 2020, حاصل ڪيل 01 آگسٽ 2020۔
- ↑ هلي ڏسجي هندستان. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16832&BookTitle=Hali-Disjy-Hindustan.
- ↑ Section, Public Relations (11 مارچ 2015), "سنڌ يونيورسٽي سينڊيڪيٽ جون چونڊون، ڊاڪٽر پرويز پٺاڻ، داڪٽر عرفانه ملاح، اميد علي رند ۽ مهرعلي قاضي ڪامياب قرار", پبلڪ رليشنز سيڪشن، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو، سنڌ، پاڪستان, حاصل ڪيل 01 آگسٽ 2020۔
- ↑ "عرفانه ملاح جي ڪاميابي سان وي سي برفت لاء ڏکيا ڏينهن شروع.؟ | سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام", lahooot.com, حاصل ڪيل 01 آگسٽ 2020۔