عبدالسلام ٿهيم
عبدالسلام ٿهيم عبدالسلام تھہیم | |
---|---|
پيدائش | Abdul-Salam Thaheem جنوري 01 1950 ڳوٺ طيب ٿهيم, شهدادپور, سنڌ, پاڪستان |
وفات | اپريل 22, 2012 |
قوميت | پاڪستاني |
بُڻ بُڻياد | سنڌي |
تعليم | گريجوئيشن |
مادر علمي | سنڌ يونيورسٽي |
پيشو | سابق وزير ٽيڪنيڪل ايجيوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي |
مذھب | اسلام |
عبدالسلام ٿهيم (انگريزي ٻولي: AbdulSalam Thaheem) ناميارو سياستدان. حاجي گل محمد ٿهيم جو اولاد، پهرين جنوري 1950ع تي ڳوٺ طيب ٿهيم (شهدادپور) ۾ جنم ورتو[1].
تعليم
[سنواريو]عبدالسلام ٿهيم سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي.
سياسي سفر
[سنواريو]1968ع کان هن سياست ۾ پير پاتو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان سندس پراڻو ناتو رهيو. شروعات ۾ پ. پ جو تعلقي صدر ۽ پوءِ ضلعي سانگهڙ جو صدر بڻيو، جڏهن ته پ. پ سنڌ جو رابطه سيڪريٽري به رهيو.
وزارتون
[سنواريو]عبدالسلام ٿهيم 1988ع ۾ پهرين چونڊ وڙهي ۽ ڪامياب ٿيو، جنهن بعد ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن جو وزير مقرر ٿيو؛ 1990ع واري چونڊ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو؛ 1993ع واري اليڪشن ۾ سوڀارو ٿيو، جنهن بعد کيس سنڌ جي تعليم جو وزير مقرر ڪيو ويو؛ 1996ع ۾ جهنگلي جيوَت کاتي جو وزير ٿيو؛ 1997ع واري چونڊ ۾ سرسي حاصل نه ٿيس، جڏهن ته 2008ع واري چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ کيس سنڌ جي ”ٽيڪنيڪل ايجيوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽيءَ“ جي وزارت جو قلمدان مليو.
وفات
[سنواريو]عبدالسلام ٿهيم 22 -اپريل- 2012ع تي وفات ڪري ويو.