ٿهيم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٿهيم: (انگريزي ٻولي: Thaheem) هڪ ذات ۽ قبيلي جو نالو آهي. تحفة الڪرام جي روايت موجب ٿهيم ”آل تميم“ عربي قبيلي سان واسطو رکن ٿا، تنهنڪري ٿهيم پاڻ کي ”تميمي“ به چوندا آهن. جسٽس عبدالرزاق ٿهيم پنهنجي تحقيقي ڪتاب “History of Arab Tribe THAHIM” ۾ هن ذات کي عربن جو هڪ قبيلو سڏيو آهي، جيڪي محمد بن قاسم سان گڏ 93 هين هجريءَ ڌاري سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. ڪي ماڻهو پاڻ کي عرب جي ”تميم“ نالي هڪ انصاري، قريشيءَ جي نسل مان سڏرائيندا آهن. گُجرات جِي ”بفن“ قوم پڻ پاڻ کي ٿهيم نسل مان چوائيندا آهن.

پاڙا[سنواريو]

سنڌ ۾ ٿهيم ڪافي تعداد ۾ رهن ٿا، جن جا هيٺيان پاڙا مشهور آهن:

  1. دلاور زئي،
  2. منگي،
  3. نهالاڻي،
  4. ڪمالاڻي،
  5. محمداڻي،
  6. پالاري
  7. پرياڻي/ پارياڻي.

پنجاب ۾ آباد ٿهيم ذات جا ماڻهون پنهنجي نالي جي شروعات ۾ ”مَلَڪ“ يا ”چوڌري“ لفظ ۽ آخر ۾ ”ٿهيم“ لکندا آهن. سپريم ڪورٽ آف جو وڪيل ”ملڪ نصيراحمد ٿهيم“ پڻ مُلتان جي ٿهيم قبيلي سان تعلق رکي ٿو.[1]

ٻولي[سنواريو]

ٿهيم سِنڌ ۾ سِرائڪي ۽ سِنڌي ٻولي ڳالهائيندا آهن، جڏهن ته بلوچستان (خضدار) ۾ بلوچي ۽ براهوي ٻولي

موجُود/آباد[سنواريو]

ٿهيم قبيلي جا ڪيترائي خاندان پنجاب جي مظفرڳڙهه، چنيوٽ، ملتان ۽ ديري غازي خان ۾ به رهائش پذير آهن. ٽنڊوآدم، شهدادپور، جيڪب آباد ۽ ٺٽي طرف هن قبيلي جا ماڻهو اڪثريت سان آباد آهن، ڪراچي باءِ پاس تي نوري آباد ۾ ٿهيم ”پالاري“ آباد آهن. ضلعي بهاولپور ۾ به ”ٿهيم“ گهڻي تعداد ۾ رهندڙ آهن. هن نالي سان حيدرآباد ۽ سنجهوري تعلقن ۾ ڪي ديهون پڻ آهن. تعلقي حيدرآباد جي ديهه ”ٿهيم“ ۾ ’الهڏنو نهڙيو‘، ’طالب نهڙيو‘ ۽ ’عثمان لاکو‘ ڳوٺ شامل آهن. سنجهوري تعلقي جي ديهه ”ٿهيم“ ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: ’پيروز خان ٿهيم‘، ’قائم خان جلالاڻي‘، ’پنهون خان پٺاڻ‘ ۽ ’شفيع محمد پنجابي‘. مشهور اديب رسول بخش ’تميمي‘ جاتيءَ جو رهاڪو به ٿهيم آهي.[2]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]