ظهير الاسلام عباسي

هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ظهير الاسلام عباسي
عرفي نالو ظهير ڀائي
پيدائش 12 جنوري 1943(1943-01-12)هزاره، پاڪستان
وفات 30 جُولاءِ 2009 (عمر 66 سال)راولپنڊي، پاڪستان
وابستگي پاڪستان پاڪستان
نوڪري/شاخ پاڪستان فوج
خدمت سال 1963–1995
عهدو ميجر جنرل
يونٽ پيادل فوج، (بلوچ ريجمنٽ)
سالار 14هين انفينٽري برگيڊ، سياچن
ڊائريڪٽر جنرل، انفينٽري ڪور
دفاعي صلاحڪار، هندوستان
جنگيون/سورهيه پاڪ هند 1965ع واري جنگ
پاڪ هند 1971ع واري جنگ
سياچن ڇڪتاڻ (1984ع)
سويت افغان جنگ
اعزاز ستاره جرعت
ستاره بسالت


تمغاءِ خدمت

حلال امتياز

ميجر جنرل ظهير الاسلام عباسي (انگريزي: Zahirul Islam Abbasi) (پيدائش: 12 جنوري 1943ع – وفات:30 جُولاءِ 2009عپاڪستان فوج جو اڳوڻو ڪمانڊر ۽ آفيسر هو. هي سياچن جي ڇڪتاڻ وارن علائقن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. هن هندوستان جي فوج جي چوڪين تي حملا ۽ منصوبه بندي پڻ ڪئي. 1995ع تي بحيثيت ميجر جنرل، پاڪستان جي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪرائڻ جي سازش ۾ ملوث هجڻ سبب هن کي ست سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. عدالتي جانچ موجب انهي سازش ۾ فوج کان سواءِ ڪا ٻي سياسي تنظيم ملوث نه هئي. [1]

فوجي ۽ ذاتي زندگي[سنواريو]

1963ع تي عباسي پاڪستان فوج جي بلوچ ريجمنٽ ۾ ڪميشن ذريعي شامل ٿيو. 1966ع ۾ هي ڪيپٽن طور ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ آفيسر اعليٰ جو نائب مقرر ٿيو. 1972ع ۾ هن جي شادي شاهده ظهير سان ٿي، جنهن مان ٻن نياڻين ۽ ٻن پٽن جو اولاد ٿيو. هن جي هڪ ڌي اڳتي هلي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي سينئر استاد ٿي.

عباسي 1971ع واري پاڪستان ۽ هندوستان جنگ ۾ اولھ واري محاذ تي حصو ورتو. جنگ ۾ هن جي لازوال خدمتن جي ڪري هن کي 80ع ڌاري برگيڊيئر جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي.

عباسي فوجي ۽ انٽيليجنس آفسير طور ڪم ڪيو، جتي سويت يونين جي خلاف جنگ ڪندڙ مجاهدين جي وچ ۾ رابطه آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنائين. 1987ع کان 1988ع تائين، هن پاڪستان جي نيو دهلي ۾ سفارتي آفيس ۾ فوجي صلاحڪار طور ڪم ڪيو. 1 ڊسمبر 1988ع تي نيو دهلي جي پوليس عباسي کي هندوستان ۾ رابطن جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو. ڪي به ثبوت نه هجڻ ڪري هندوستان جي حڪومت هن کي ٻن ڪلاڪن جي اندر آزاد ڪري ڇڏيو. هندوستان پاران هن کي ناپسنديده شخص قرار ڏئي ملڪ بدر ڪيو ويو.

سياچن ڇڪتاڻ[سنواريو]

اپريل 1984ع تي هندوستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سياچن علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، انهي ڇڪتاڻ جنگي صورتحال اختيار ڪري ورتي ۽ پاڪستان توڙي هندوستان جا هزارين فوجي قتل ٿي ويا. برگيڊيئر طور 1991ع تي سياچن ۾ يونٽ ڪمانڊر طور مقرر ڪيو ويو، وزير اعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل آصف نواز جي روڪڻ باجود هندوستاني چوڪين تي حملن سبب هن کي ساٿين سميت سندس عهدي تان لاٿو ويو.

بينظير حڪومت خلاف سازش[سنواريو]

عباسي کي سياچن ۾ فوجي حڪمن جي خلاف ورزي ڪرڻ کان پوءِ، ٻيهر پاڪستان جي چونڊيل حڪومت، کي ڪيرائڻ جي سازش ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ عهدي تان لاٿو ويو. هن تي الزام هو ته هي پاڪستان جي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائڻ ۽ پاڪستاني فوج جي سربراهه عبدالوحيد ڪاڪڙ کي پڻ عهدي تان هٽائڻ جي سازش ۾ ملوث هو. 1995ع جي ان سازش دوران عباسي جي ايڇ ڪيو ۾ انفينٽري ڪور جو ڊائريڪٽر جنرل هو، ان عهدي ۾ هي ڪنهن به فوجي جي نقل حرڪت جو زميوار نه هو، پر عباسي سميت ڪيترن ئي فوجي آفيسرن کي بينظير ڀٽو، وحيد ڪاڪڙ، ۽ ڪابينا جي ميمبرن کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو، هن سازش جو مقصد پاڪستان ۾ حڪومت ۽ فوج جي اعلي ماڻهن کي قتل ڪري حڪومت تي قبضو ڪري ملڪ ۾ اسلامي قانون لاڳو ڪيو وڃي.

هن سازش کي تڏهوڪي عسڪري انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر جنرل، ليفٽيننٽ علي قلي خان بي نقاب ڪيو. ان کان پوءِ حڪومت ڪيرائڻ واري سازش ۾ ملوث آفيسرن کي گرفتا ڪري انهن جو ڪورٽ مارشل ڪيو ويو. عباسي کي سزا اچڻ بعد خيبر پختونخوا جي شهر هري پور جي مرڪزي جيل ۾ قيد ڪيو ويو.[2]

بعد ۾ شايع ٿيل ڪجهه رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو ته گرفتار ڪيل آفيسر حڪومت ڪيرائڻ جي سازش ۾ ملوث نه هئا، بلڪه اهي ڳجهي نموني ڪشمير ۾ وڙهندڙن کي هٿيار فرهام ڪري رهيا هئا، بينظير ڀٽو واشگٽن جي دٻاءُ کان پوءِ فوج جي اندر انهن عصرن خلاف ڪاروائي ڪرائي جيڪي ڪشمير هٿيار موڪلي رهيا هئا. ان وقت آمريڪا هندوستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گھٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو هو.[3]

انهي سازش ۾ ملوث قاري سيف الله حڪومت طرفان سلطاني گواهه بڻجي ويو، فوجي عدالت جي مطابق عباسي سازش جو مک ڪردار نه هو، ان لاءِ کيس ست سالن جي سزا ڏني وئي، جڏهن ته برگيڊيئر مستظر بالله کي 14 سالن جي سزا ٻڌائي وئي. انهي سازش کي انتهائي درجي جو خطرناڪ نه هجڻ سبب ڪنهن به جوابدار کي موت جي سزا نه ٻڌائي وئي. قاري سيف الله کي سلطاني گواهه ٿيڻ سبب ڪا به سزا نه ملي.

آزادي[سنواريو]

عباسي کي 1995ع تي قيد ڪيو ويو، ۽ هي ست سالن تائين قيد رهيو ۽ 2002ع ۾ هن کي آزاد ڪيو ويو. قيد دوران عباسي پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ۾ سزا ختم ڪرڻ لاءِ 1997ع تي اپيل ڪئي. آزادي کان پوءِ هن سياسي تحريڪ شروع ڪئي جنهن جو مقصد ماڻهن کي آئين ۾ اسلام موجب تبديلين لاءِ راضي ڪرڻ هو. ساڳي مقصد سان هن هڪ ٻي تنظيم عظمت اسلام پڻ قائم ڪئي.

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حاشيو[سنواريو]

  1. وڪيپيڊيا واپرائيندڙ، «Zahirul Islam Abbasi»، کليل ڄاڻ چيڪلو انگریزي وڪيپيڊيا ۔
  2. "Archived copy". Archived from the original on May 8, 2006. حاصل ڪيل September 26, 2008. . DAWN / NEWS International, Karachi (23 September 1997)
  3. AN ABORTED COUP? آرڪائيو ڪيا ويا 2012-02-14 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. ASIANOW – Asiaweek (11 March 1995). Retrieved on 2012-11-13.

حوالا[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]