ناپسنديده شخص

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ناپسنديده شخص يا پرسونا نان گراٽالاطيني:Persona non grata)، هڪ سفارتي اصطلاح آهي، جنهن تحت ڪنهن به ملڪ جي سفارتڪار کي ٻي ملڪ مان خارج ڪري سندس داخلا تي پابندي لڳائي ويندي آهي. [1] جيڪڏهن ڪنهن ڏوهه يا ٻي سبب جي ڪري ڪنهن سفارتڪار کي عالمي قانون تحت سزا کان ڇوٽڪارو ڏنل هجي ته ان وقت ملڪ اهڙي سفارتڪار کي پرسونا نان گراٽا قرار ڏئي سندس ملڪ مان نيڪالي ڏيندا آهن.

سفارتڪار[سنواريو]

سفارتي لاڳاپن بابت ويانا ڪانووڪيشن جي آرٽيڪل 9 جي مطابق، جنهن ۾ ڪنهن سفارتڪار کي مقرر ڪيو وڃي، اهو ملڪ بغير ڪو سبب ڄاڻي سفارتڪار کي پرسونا نان گراٽا قرار ڏئي سندس ملڪ مان نيڪالي ڏئي سگھي ٿو. پرسونا نان گراٽا قرار ڏنل سفارتڪار کي محدود وقت ڏنو ويندو آهي ته جيئن هو ميزبان ملڪ مان نڪري وڃي. جيڪڏهن اهڙو سفاتڪار پرسونا نان گراٽا باوجود ملڪ خالي نه ڪري يا سندس ملڪ جي حڪومت واپس نه گھرائي ته ان کي ميزبان ملڪ سفارتي عملي جو حصو نه سمجهندي آهي ۽ ان کي ڪنهن به سزا کان ڇوٽڪارو حاصل نه هوندو آهي.[2]

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. وڪيپيڊيا واپرائيندڙ، «Persona non grata»، کليل ڄاڻ چيڪلو انگریزي وڪيپيڊيا ۔
  2. "Vienna Convention on Diplomatic Relations". eDiplomat. حاصل ڪيل 18 February 2014.