مواد ڏانھن هلو

آصف نواز جنجوعا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

Lua error in ماڊيول:Cite at line 25: attempt to call method 'getTitle' (a nil value).

آصف نواز جنجوعا
آصف نواز جنجوعا

معلومات شخصيت
ڄم
موت
وجه موت دل جو دورو   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو cause of death (P509) وڪي ڊيٽا تي
شھريت
مناصب
عسڪري خدمتون
شاخ
عهدو

پاڪستان جي اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف، جنرل آصف نواز جنجوعا جو تعلق، پنجاب جي ضلعي جهلم جي هڪ فوجي گهراڻي سان هو. سندس والد فوج ۾ ڪرنل هو. ننڍي هوندي کان سندس تربيت مڪمل فوجي ضابطي سان ٿي. 1954ع ۾ کيس پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جنهن بعد کيس وڌيڪ تعليم لاءِ انگلنڊ موڪليو ويو، جتي جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ ۽ گوهر ايوب به سندس هم ڪلاسي رهيا.
تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، پاڪستان آرميءَ جي پنجاب رجمينٽ سان وابسته ٿيو، ۽ ان ئي رجمينٽ ۾ اعليٰ عهدن تي فائز ٿيو. جڏهن هو ڪراچيءَ جو ڪور ڪمانڊر بڻيو ته ان وقت ڪراچي، لساني فسادن ۽ دهشتگرديءَ جو ڳڙهه بنجي چڪي هئي. انهن حالتن ۾ جنرل آصف جنجوعا ڪراچيءَ ۾ دهشتگرديءَ جي روڪڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو. 16 آگسٽ 1991ع تي، جنرل مرزا اسلم بيگ جي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو ويو ۽ 11 جنوري 1993ع تي، هڪ مبينه واقعي ۾ وفات ڪري ويو.[1]

حوالا

[سنواريو]