بربر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بربر(انگريزي: Berber) اتر آفريڪا جي قديم ٻوليون، ثقافت ۽ ماڻھن جو نالو آهي. بربر يا امزائغي(انگريزي: Imazighen ) ڏکڻ ۾ صحارا رڻپٽ، اوڀر ۾ مصر کان رومي سمنڊ وارو اتر آفريڪا جو پورو حصو ويندي اولھ آفريڪا جي ڪينري ٻيٽن تائين رھندڙ ھيا[1]. تاريخ جي مختلف دؤرن ۾ بربر ماڻھن ھر مذھب جي رواہتن تي اثرانداز ٿيندا آيا آھن جن ۾ قديم بت پرست مذھب، عيسائيت، يھوديت ۽ اسلام شامل آهن[1]. موجوده دؤر ۾ بربر اڪثريت ۾ سني اسلام سان تعلق رکندڙ آهن[1]. اھي اٺين صدي عيسويءَ ۾ مسلمان ٿيڻ شروع ٿيا ۽ اھو سلسلو ٻہ سؤ سالن ۾ پورو ٿيو[1]. اھي اسپين جي فتح ۾ پڻ اسلامي لشڪر ۾ شامل ھيا[1]. انھن جو عربن سان تعلق ھميشه دوستاڻو نہ رھيو ڇو تہ عرب انھن کي نسلي برتري جتائيندا ھيا[1]. ٻارھين صدي عيسويءَ ۾ بربر ماڻھن الموراوي ۽ الموحد شاھي خاندانن کي اڀاريو جن اسپين ۽ اتر آفريڪا جي حڪمراني ڪئي[1]. بربر مانھن جو ماريني (1196–1464) ۽ فاطمي (909–1171) حڪمراني ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو[1]. موجوده دؤر ۾ بربر ماڻھو مصر ، لبيا ۽ تيونس ۾ ننڍڙين برادرين ۾ رھندڙ آھن پر اھي الجيريا، نائيجيريا ۽ ماريطانيہ ۽ خصوصاً مراڪش ۾ وڏي تعداد ۾ رھن ٿا[1]. مراڪش جي 40 سيڪڙو آبادي بربر آھي[1]. انھن جو چڱو تعداد يورپي ملڪن فرانس، بيلجيم ۽ نيدرلينڊ ۾ رھندڙ آھي[1]. لفظ بربر يوناني ۽ رومن لفظ باربيرين (انگريزي: Barbarian) سان ھڪجھڙائي رکڻ تي ھم عصر عالمن انھن لاء امازيگ (واحد) يا امازيگين (جمع) لفظ استعمال ڪيو[1]. اڄوڪي دؤر ۾ بطور مادري زبان ڳالهائي ويندڙ بربر ٻولي کي ايمازائغ(انگريزي: Tamazight ) سڏين ٿا[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 100,