کجي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

کجي گهڻو ڪري سڀ کجيون ٻج جهلين ٿيون، جو پوکبو آهي. ٻج پوکڻ جي موسم سانوڻيءَ جو مهينو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڦٽڻ ۾ هي گهڻو وقت وٺنديون آهن. تنهنڪري جنهن ڪونڊيءَ ۾ ٻج وڌو ويو هجي، تنهن جي سڄي سال تائين نظر رکجي. هنن کجين جا گهڻا ئي قسم آهن، جن مان اسين هيٺ رڳو چار ڏيون ٿا:

سوپاري

هيءَ هڪڙي تمام سهڻي کجي آهي. قد جي به چوري پني آهي. پن ڇهن فوٽن تائين ڊگها ٿيندا اٿس. هن ۾ نر ماديون به آهن. مٿي هن جو اسان ميون جي باب ۾ ذڪر ڪيو آهي.

نيٽ يا بيد

نيٽ، جنهن کي هندستانيءَ ۾ بيد ۽ انگريزيءَ ۾ راٽن چوندا آهن، سو کجيءَ جي ذات ۾ به اچي سگهي ٿو، گاهه ۾ به. هن جو ٿڙ گُريءَ دار يا سنڌن وارو ٿيندو آهي، جنهن جي مٿان ڪنڊن وارن پنن جا کوپا چڙهيل رهن ٿا. پن ڇٽيهن انچن تائين ڊگها ٿيندا اٿس. ميوو ننڍڙو ٿيندو اٿس، جو سواد ۾ ڦڪو ٿيندو آهي. هي وڻ جيسين ننڍو آهي تيسين سهڻو آهي. هن جا ٻه ٽي قسم آهن.

ناريل

هن جو ذڪر اسان ميون جي باب ۾ آندو آهي. گلن جي باغ ۾ ناريل جي کجيءَ جا اهي قسم رکبا آهن، جي تمام ننڍا ۽ سهڻا ٿيندا آهن.

پکن واري کجي

هيءَ کجي قد جي تمام وڏي ٿيندي آهي، مگر جيسن ننڍي آهي تيسين تمام سهڻي ٿيندي آهي. پن گول پکي جهڙا ٿيندا اٿس، تنهنڪري اهو نالو پيو اٿس. انگريزيءَ ۾ فان پام چوندا اٿس.[1]


کجين جا وڻ ميون جي باغ ۾ به رکندا آهن ۽ گلن جي باغ ۾ به. پهرئين هنڌ ميوي جي ڪري ۽ ٻئي هنڌ پنن جي توڙي خود وڻ جي سهڻائيءَ ڪري. کجين جا گهڻا ئي قسم آهن: هڪڙين کجين مان کجور نڪرندي آهي، جنهن مان ڪتَل ۽ کارڪون ٿينديون آهن. ٻيون آهن ناريل جون کجون. ٽيون آهن سوپاريءَ جون. ناريل ۽ سوپاريءَ کي ميوي ۾ شمار ڪري، اسين انهن جو هت هيٺ ٿورو بيان ڏينداسين. مگر انهن کانسواءِ ٻيون به ڪي کجيون آهن، جي ڦر جي ڪري نه پر پنن جي سهڻائيءَ ڪري باغن ۾ رکندا آهن. انهن جو هتي بيان ڏيڻ ضروري ناهي.[1]

واريون کجيون گهڻو ڪري هندستان جي سڀني ڀاڱن ۾ ٿين ٿيون. هنن جو چڱو قسم اُهو آهي جو اصل عربستان مان آيل آهي. کجور جا گهڻا ئي قسم آهن جو مٺاڻ، قد ۽ شڪل ۾ تفاوت رکن ٿا. گهڻن هنڌن ته غريب ماڻهن جي خاص ۽ خلاصي خوراڪ آهي. بعضي نرم صورت ۾ رکي ڇڏيندا آهن، جنهن کي کجور يا ڪتل چوندا آهن. بعضي خشڪ صورت ۾، جنهن کي کارڪون چوندا آهن. اَڌَ ڪري سڪائيندا آهن ته آڌ يا چوندا اٿن. ڇهارا به انهن مان ٿيندا آهن. کجور گهڻن قسمن سان کائڻ ۾ ايندي آهي. حلوي ۽ پلاءَ ۾ به ڪم آڻيندا آهن.[1]

هنڌن ۾ نه هيءَ کجور رڳو رس جي لاءِ پوکيندا آهن، جنهن کي تاڙي سڏيندا آهن. جهڙوڪ بمبئيءَ ۽ بنگال ۾.[1] ڊاڪٽر ”بونيِو يا“ عربي کجن جي پوکڻ بابت هڪڙو ننڍو ڪتاب لکيو آهي، سو پڙهڻ جهڙو آهي. بهتر دستور اهو آهي ته کجيون تڪن يا جُهمٽن ۾ پوکجن، جي جهمٽ هڪٻئي کان سورهن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي هجن. کجيون ٻجن مان به ٿينديون آهن، پر پاڙن جون شاخون يا انگور به گهڻو ڪم ايندا آهن. کاري يا ڪلراٺي ۽ لوڻائتي زمين کجين لاءِ تمام چڱي آهي. مٺيءَ زمين ۾ رکيل کجين کي ڀاڻ وانگي شورو يا لوڻ وجهجي ته چڱو آهي، خصوصاً عربي کجين کي. سنڌ ۾ روهڙيءَ جي آسپاس ۽ ٻين گهڻن هنڌن ۾ کجين جا باغ ٿين ٿا، جن مان عمدي قسم جي کجور جو فصل لهي ٿو. عربيءَ کجور جو هڪڙو قسم آهي، جنهن ۾ ککڙي ڪا نه ٿيندي آهي، اها بيدانه سڏبي آهي. کجور کي انگريزيءَ ۾ ڊيٽس چوندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو