سڃاڻپ دستاويز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سڃاڻپ دستاويز (identity document)، ڪنھن بہ اھڙي دستاويز کي چوندا آھن جيڪو ڪنھن شخص جي سڃاڻپ پھلوئن جي تصديق ڪندو آھي.

سادن لفظن ۾ اِن جي تعريف ھيئن بہ ڪري سگھجي ٿي تہ ھڪ اھڙو مستند دستاويز جنھن ۾ ڪنھن شخص جا صرف شناختي ڪوائف درج ھجن.

جڏھن ھڪ دستاويز ننڍي ڪارڊ جي شڪل ۾ جاري ڪيو ويندو آھي تہ ان کي عام طور تي شناختي ڪارڊ چيو ويندو آھي.

ھن وقت پوري دنيا ۾ ھڪ سو کان وڌيڪ ملڪن ۾ شناختي ڪارڊ جو نظام رائج آھي جنھن مان گھڻا تڻا اھڙا ملڪ آھن جتي فوجي ۽ آمراڻا حڪومتن سالون سال اقتدار ۾ رھيون ۽ ھي نظام عوام جي بھبود جي بجاءِ شھرين جون آزاديون ڦٻائڻ جي لاءِ استعمال ٿيندو آھي.

سڃاڻپ ڪارڊ جو نظام سڀ کان پھريان زار روس جي دور ۾ شروع ٿيو ھو جيڪو پاپسيڪا چورائيندو ھو معنيٰ داخلي پاسپورٽ پر جڏھن بالشيوڪن زار روس جو تختو اونڌو ڪيو تہ سن اڻويھ سو سترنھن ۾ ھي نظام ترڪ ڪيو ويو.

اسٽالن سن اڻويھ سو ٻٽيھ ۾ ھن نظام جي تجديد ڪئي جنھن تحت روزگار ، شادي، طبي امداد جي لاءِ شناختي ڪارڊ لازمي ھو اڻويھ سو ايڪيانوي ۾ سويت يونين جي مسمار ٿيڻ بعد ھي نظام روس ۾ منسوخ ڪيو ويو.

نازي جرمني نہ صرف سڃاڻپ جو نظام اختيار ڪيو ھو پر ڪجهه اقلتيتن جي فردن جي جسمن تي، چوپائي مال وانگر نشان ۽ نمبر ھنيا ويندا ھا. اھڙي طرح ڏکڻ آفريڪا ۾ نسلي فرق جي ابتدائي دور ۾ حڪومت داخلي پاسپورٽ جو سلسلو شروع ڪيو ھو جيڪو شناختي ڪارڊ جي نظام کان بہ زياده ظالماڻا ھو.

ھاڻي بہ گھڻين مغربي جمھوريتن ۾ عوام جي راءِ جي مخالفت جي پيش نظر شناختي ڪارڊ رائج ناھين انھن ۾ برطانيا ـ جاپان آئر لينڊ امريڪا، آسٽريليا، ڪينيڊا، فرانس، سويڊن، ڊينمارڪ ۽ ناروي شامل آھن.