آراضي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تعلقي سيوھڻ، ضلعي دادوءَ ۾ ھڪ مشھور ڳوٺ، جيڪو ديهه ’آراضي‘ ۾ ئي آباد آھي. ھن ڳوٺ جي آبادي 2000 کان وڌيڪ آھي. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ڌار ڌار پرائمري، ھاءِاسڪول ۽ صحت مرڪز به اتي آھن. ھن ڳوٺ جو پريو مڙس سيد جيئندل شاھ ھاڪارو زميندار ٿي گذريو آھي. سندس فرزند مرحوم سيد ڪوڙل شاھ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ جيلن جو وزير به رھي چڪو آھي. مرحوم ڊاڪٽر خان محمد پنھور، ڳوٺ سڌار سنگت جو باني ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صحافت شعبي جو باني ۽ پهريون چيئرمئن به ھن ڳوٺ جو رھاڪو ھو. ھن ڳوٺ ۾ وڏا تعليمي ماھر ۽ سرڪاري ڪامورا پيدا ٿيا آھن.[1]