سول نئي
ڏيک
سول نئين (انگريزي ٻولي: Sole Nai) سنڌ پاڪستان جي دادو ضلعي، جوهي تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ وڏي باراني نئين آهي جيڪا کيرٿر ٽاڪرو سلسلي منجهان وهي اچي گاج ندي ڀرسان ڪاڇي ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سول نئين کي شول نئين به سڏيو وڃي ٿو. 1932ع ۾ گاج نئين کي تِيرُڀت (Diversion Band) ذريعي سول نئي جي وهڪري ڏانهن موڙيو ويو. هاڻ گاج ۽ سول جو گڏيل وهڪرو منڇر ڍنڍ ۾ پوي ٿو ٻنهي نئيُن جي گڏيل وهڪري کي هاڻ مقامي ماڻهو گاج چون ٿا. ڪاڇو هڪ اڀياس ڪتاب ۾ تفصيل سان ذڪر موجود آهي.[1][2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ عزيز ڪنگراڻي، ڪاڇو هڪ اڀياس، سنڌالاجي ڄامشورو، 2009ع
- ↑ مها ٻوڏ 2010. اصل نسخو مان 2019-08-13 تي محفوظ ڪيل. 2019-08-13 تي حاصل ڪيل.
{{cite book}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) آرڪائيو ڪيا ويا 2019-08-13 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.