سنڪيانگ
سنڪيانگ شنجيانگ خودمختيار ريجن Xinjiang Autonomous Region | ||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|
چيني خودمختيار ريجن | ||||||||
شنجيانگ ايغور آٽونامس ريجن | ||||||||
| ||||||||
![]() نقشي ۾ سنڪيانگ خودمختيار ريجن نمايان ڏيکاريل | ||||||||
جاگرافي بيهڪ: 41°N 85°E / 41°N 85°Eمڪانيت: 41°N 85°E / 41°N 85°E | ||||||||
ملڪ | عوامي جمهوريه چين | |||||||
نالو پيو | ||||||||
گادي جو هنڌ (۽ سڀ کان وڏو شھر) |
اُرومچي | |||||||
انتظامي ورهاست | ||||||||
حڪومت | ||||||||
• قسم | چين جي خودمختيار ريجن | |||||||
• مجلس | پيپلز ڪانگريس | |||||||
• ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري | چين چئانگئو | |||||||
• ريجنل پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين | شوڪت امين | |||||||
• چيئرمين گورنمينٽ | شھرت ذاڪر | |||||||
• پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمين | نورلن ابيلمانجين | |||||||
پکيڙ[1] | ||||||||
• ڪل | ١٬٦٦٤٬٨٩٧ ڪ.م٢ (٦٤٢٬٨٢٠ ميل٢) | |||||||
پکيڙ ۾ درجو | سڀ کان وڏو صوبو | |||||||
بلند ترین پیمائش (ڪي ٽو جبل) | ٨,٦١١ ميل (٢٨٬٢٥١ ft) | |||||||
گھٽ ترین پیمائش (Lake Ayding[2]) | −١٥٤ ميل (−٥٠٥ ft) | |||||||
آبادي (2010 Census)[3] | ||||||||
• ڪل | ٢١,٨١٥,٨١٥ | |||||||
• ڪاٿو
2019 [4] |
٢٥,٢٣٠,٠٠٠ |
سنڪيانگ يا شنجيانگ (انگريزي: Xinjiang ) عوامي جمهوريه چين جي ھڪ خودمختيار ريجن جو نالو آهي جيڪا چين جي اتراولھ ۾ واقع آهي. ان کي شنجيانگ ايغور آٽونامس ريجن (انگريزي: Xinjiang Uyghur Autonomous Region ) پڻ سڏين ٿا[9]. ان جي گادي جو هنڌ ارومچي آھي. اھو پکيڙ ۾ چين جي سڀ کان وڏي انتظامي ورهاست آھي جنھن جي پکيڙ 1.6 ملين ڪلوميٽرزچورس (620٬000 sq mi) آھي ۽ آبادي 2020ع ۾ اڍائي ڪروڙ ھئس[1][10]. ھن خطي جي تاريخ اڍائي ھزار سالن جي آھي. ارڙهين صديءَ ۾ سنڪيانگ چنگ گھراڻي جي چيني ايمپائر جو حصو بڻيو ۽ ھن وقت اھو عوامي جمهوريه چين جو حصو آهي. 1955ع ۾ ان جي صوبائي حيثيت ختم ڪري ان کي چيني خودمختيار ريجن جو درجو ڏنو ويو. سنڪيانگ جو حدون 8 ملڪن سان ملن ٿيون جن ۾ روس، منگوليا، قزاخستان، ڪرغزستان، تاجڪستان، افغانستان، پاڪستان ۽ ڀارت شامل آهن. سنڪيانگ جي سرحدي پاسن ۾ ۽ ان جي اولھندي ۽ ڏاکڻي حصن ۾ پڻ تيان جبلن جون قطارون واقع آهن. ھن ريجن جو علائقو اقصائي چن چين جي اختيار ۾ آھي پر ان جو ڀارت دعويدار آھي. سنڪيانگ جون حدون تبت جي خودمختيار ريجن، گينسو ۽ چنگھاء سان پڻ ملن ٿيون. مشھور شاھراھ ريشم جو دڳ پڻ ھن ريجن مان ان جي اوڀر واري سرحد کان اتر اولھ واري سرحد طرف گذري ٿو. ھن خودمختيار ريجن ۾ رھندڙ نسلي گروهن ۾ ترڪ، ايغور، قراخ، ڪرغز، تبتي، ھئي، تاجڪ، منگول، روسي ۽ سيب شامل آهن[11]. ھن ريجن کي چيني ترڪستان[12][13] ۽ اوڀر ترڪستان[14] [15] پڻ سڏيو ويندو هو.
سنڪيانگ جي ريجن ٻن طاسن ۾ ورھايل آهي جن مان ھڪڙو اتر ۾ جونگاريه طاس ۽ ٻيو ڏکڻ ۾ جبلن جي قطار سان لڳ تاريم طاس آهي. سنڪيانگ جي زمين مان رڳو 9.7 سيڪڙو زمين انساني رھائش لاء سازگار آھي[16] چين ۾ سڀ کان گھڻي قدرتي گيس جي پيداوار ھن ريجن ۾ ٿئي ٿي. ان کان سواءِ ھتي وڏي تعداد ۾ تيل جا ۽ ٻيا معدنياتي ذخيرا پڻ آھن. 1990 واري ڏھاڪي کان ھتي اوڀر ترڪستان جي آزادي جي تحريڪ جي شروعات ٿي ۽ اسلامي شدت پسندي ۾ پڻ اضافو آيو[17][18]. ھن ريجن جا مشهور شهر ارومچي، تورپان، ڪاشغر، ڪارامي، ڪورلا، اڪسو ۽ ھوتان آهن. سنڪيانگ ريجن جي 2020 ۾ جي ڊي پي 1380 ارب يوئان آھي.
حوالا[سنواريو]
- ↑ 1.0 1.1 (ٻولي ۾ Chinese). Statistics Bureau of Xinjiang https://web.archive.org/web/20151222152943/http://www.xjtj.gov.cn/sjcx/tjnj_3415/2014xjtjnj/zyhj_2014/201506/t20150630_472020.html. وقت 22 December 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 19 December 2015. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد); Missing or empty|title=
(مدد) - ↑ Mackerras, Colin; Yorke, Amanda (1991). The Cambridge handbook of contemporary China. Cambridge University Press. p. 192. ISBN 978-0-521-38755-2. https://books.google.com/books?id=yiq_f71uXboC&q=+Aydingkol&pg=PA192. Retrieved 4 June 2008.
- ↑ Susan M. Walcott; Corey Johnson (1 November 2013). "Where Inner Asia Meets Outer China: The Xinjiang Uyghur Autonomous Region of China". Eurasian Corridors of Interconnection: From the South China to the Caspian Sea. Routledge. pp. 64–65.
- ↑ "National Data". وقت 15 April 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 April 2020. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Spatial Results of the 2010 Census in Xinjiang".
- ↑ "China". Ethnologue. وقت 26 December 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 3 June 2015. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "新疆维吾尔自治区2019年国民经济和社会发展统计公报" (ٻولي ۾ Chinese). حاصل ڪيل 12 March 2021. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ United Nations Development Program (2013). China Human Development Report 2013: Sustainable and Liveable Cities: Toward Ecological Urbanisation. Beijing: Translation and Publishing Corporation. ISBN 978-7-5001-3754-2. http://www.cn.undp.org/content/dam/china/docs/Publications/UNDP-CH-HD-Publication-NHDR_2013_EN_final.pdf. Retrieved 14 May 2014.
- ↑ "新疆维吾尔自治区政府网(英文)". The Government of Xinjiang Uygur Autonomous Region of China. حاصل ڪيل August 18, 2020.
- ↑ "National Data". وقت 15 April 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 16 September 2020. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Regions and territories: Xinjiang". BBC News. وقت 20 May 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.
- ↑ "Turkestan". Catholic Encyclopedia. New York: Robert Appleton Company. وقت April 20, 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل November 26, 2008. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "EXCAVATIONS iv. In Chinese Turkestan". Encyclopædia Iranica. حاصل ڪيل 24 September 2020.
In contemporary geographic terminology, Chinese Turkestan refers to Xinjiang (Sinkiang), the Uighur Autonomous Region of the People’s Republic of China.
- ↑ Sheila Hollihan-Elliot (2006). Muslims in China. Mason Crest Publishers. p. 55. ISBN 1-59084-880-2. https://archive.org/details/muslimsinchina0000holl/. "For most of their history, the Uyghurs lived as tribes in a loosely affiliated nation on the northern Chinese border (sometimes called East Turkestan)."
- ↑ William Samolin (1964). East Turkistan to the Twelfth Century. The Hague: Mouton & Co. p. 9. https://archive.org/details/eastturkistantot0000unse/. "The general boundaries of East Turkistan are the Altai range on the northeast, Mongolia on the east, the Kansu corridor or the Su-lo-ho basin on the southeast, the K'un-lun system on the south, the Sarygol and Muztay-ata on the west, the main range of the T'ien-shan system on the north to the approximate longitude of Aqsu (80 deg. E), then generally northeast to the Altai system which the boundary joins in the vicinity of the Khrebët Nalinsk and Khrebët Sailjuginsk."
- ↑ (zh ۾). http://scitech.people.com.cn/n/2015/0803/c1007-27399378.html.
- ↑ Tiezzi, Shannonb. "China's 'Protracted War' in Xinjiang". The Diplomat. وقت October 24, 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل October 29, 2016. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "East Turkestan: Chinese Authorities Confiscate Passports Amid Security Crackdown". Unrepresented Nations and Peoples Organization (UNPO). وقت October 30, 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل October 29, 2016. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد)