گينسو صوبو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گَينسُو صوبو
Gansu
چيني صوبو
Map showing the location of Gansu Province
نقشي ۾ گينسو صوبو نمايان ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 38°N 102°E / 38°N 102°E / 38; 102مڪانيت: 38°N 102°E / 38°N 102°E / 38; 102
ملڪ عوامي جمهوريه چين
گادي جو هنڌ
(۽ سڀ کان وڏو شھر)
لئنزو
انتظامي ورهاست 14 پريفيڪچر، 86 ڪائونٽيون، 1344 ٽائون شپ
حڪومت
 • قسم حڪومت
 • مجلس گينسو پيپلز ڪانگريس
 • چيني ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري يِن ھَانگ
 • گينسو پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين لِن ڊَوئو
 • گورنر رين جينھي
 • پيپلز ڪسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمين اوئيانگ جئان
پکيڙ
 • ڪل 453,700 ڪ.م2 (175,200 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو پکيڙ ۾ چين جو 7ون نمبر وڏو صوبو
بلند ترین  پیمائش (الٽن چيگ) 5,830 ميل (19,130 ft)
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 26,260,000
 •  ڪاٿو

  2019

26,470,000
گينسو صوبو
لفظ گينسو آسان چيني ۾ (ھيٺان) ۽ روايتي چيني ۾ (مٿان)
چیني نالو
آسان چیني 甘肃
روایتي چیني 甘肅
لغوي معنیٰ "گين ۽ سو"
تبتي نالو
تبتي ཀན་སུའུ་
منگوليائي ٻولي نام
منگوليائي ٻولي سانچو:MongolUnicode
گينسو
ايغور ٻولي نالو
ايغور ٻولي گەنسۇ

گينسو(انگريزي: Gansu ) عوامي جمهوريه چين جو زمين سان گھيريل صوبو آهي جيڪو چين جي اتر اولھ ريجن ۾ واقع آھي. ان جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر لئنزو آھي جيڪو ھن صوبي جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع آهي. اھو چين جو پکيڙ ۾ ستون نمبر وڏو صوبو آھي جنھن جي پکيڙ 453٬700 ڪلوميٽرزچورس (175٬200 sq mi) آھي. اھو تبت واري مٿاھين پٽ ۽ لوئيس واري مٿاھين پٽ ۽ منگوليا جي سرحد وچ ۾ واقع آهي. ان جي اتر ۾ انر منگوليا ۽ ننگشيا جي خودمختيار ريجن، اولھ ۾ شنجيانگ خودمختيار ريجن ۽ چنگھائي، ڏکڻ ۾ سيچوان ۽ اوڀر ۾ شانڪسي واقع آهن. ھن صوبي جي ڏاکڻي حصي مان پيلي ندي وھي ٿي. گيئسو جو ڪجهه حصو گوبي واري ريگستان ۾ اچي ٿو. صوبي جي ڏاکڻي حصي ۾ چِلِيَن جبل واقع آهي. صوبي جي آبادي 26000000 آھي. آبادي ۾ اھو چين جو 22 وڏو صوبو آھي. آبادي جي اڪثريت ھان چيني نسل سان تعلق رکندڙ آهي. ان کان سواءِ اتي ھئي ماڻھو ، تبتي ماڻھو پڻ رھن ٿا. صوبي جي عام ٻولي مينڊرين ٻولي آھي. گينسو چين جو غريب ترين صوبو آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. "Communiqué of the National Bureau of Statistics of People's Republic of China on Major Figures of the 2010 Population Census [1] (No. 2)". National Bureau of Statistics of China. وقت 27 July 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 August 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. "Gansu - China knoema.com". baidu. حاصل ڪيل 2020-12-26. 
  3. (ٻولي ۾ Chinese). Statistical Bureau of Gansu http://www.gstj.gov.cn/HdApp/HdBas/HdClsContentDisp.asp?Id=12846. حاصل ڪيل 22 June 2018.  Missing or empty |title= (مدد)
  4. "Sub-national HDI - Subnational HDI - Global Data Lab". globaldatalab.org. حاصل ڪيل 2020-04-17. 
  5. Powers, John (2017). The Buddha party: how the people's Republic of China works to define and control Tibetan Buddhism. New York. pp. Appendix B, page 6. ISBN 9780199358151. OCLC 947145370.