مواد ڏانھن هلو

سنڌ انڊسٽريل ائنڊ ٽريڊينگ اسٽيٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ انڊسٽريل ائنڊ ٽريڊينگ اسٽيٽ يا جنهن کي سائٽ پڻ چون ٿا، برطانوي حڪومت جي طرز تيحڪومت سنڌ پاران نومبر 1947ء ۾ صنعتن جي لاءِ قائم ڪئي وئي هئي ۔ هي ملڪ جو پهريون ٽريڊنگ اسِٽيٽ هيو، جنهن سان نئين آزاد ٿيل ملڪ کي معاشي ميدان ۾ وڌڻ ۾ ڪافي مدد ملي۔

تاريخ

[سنواريو]

آزاديءَ جي وقت پاڪستان وٽ صرف چند هڪ ئي صنعتون هيون، تنهنڪري حڪومت سنڌ انهيءَ سال نومبر 1947تي سنڌ ۾ هڪ باقاعدہ انڊسٽريل ايريا سنڌ انڊسٽريل ٽريڊنگ اسٽيٽ جي نالي سان قائم ڪيو۔ هتي سڀ کان وڌيڪ مشڪل مرحلو بنيادي سهوليتن جو هيو ڇو تہ ڪوئي به صنعت بغير انهن شين جي هتي لڳائڻ ممڪن نه هيو۔ ان مقصد جي لاءِ حڪومت جنهن زمين جي چُونڊ ڪئي ، اُن ۾ روڊ تعمير ڪيا، پاڻي، بجلي، گيس، نڪاس ( سيورج) ۽ ٽيليفون جي سهوليتون ڏنيون ۔ ريلوي جي نئين لائن وڇائي ۽ بس اسٽاپ بڻايا۔ مزدورن جي لاءِ نيون ڪالونيون بڻائيون ۽گودام بڻايا۔ انهن ڪمن کان پوءِ سنڌ ۾ ترقيءَ جو گِراف وڌيڪ تيز کان تيز تر ٿي ويو۔

تنضمي ڍانچو

[سنواريو]

سائٽ کي مختلف پاليسين جي تحت حڪومت سنڌ تيار ڪيو، جنهن جي لاءِ سنڌ حڪومنت آرڊر نمبر 24-I.B/47.1 dated June 2, 1947 جاري ڪيو ۽ انجي حڪومت سنڌ جي ڊپارٽمنٽ آف سائٽ جي سپرد ڪري ڇڏيو جيڪو وزارت صنعت ۽ تجارت، حڪومت سنڌ جي ماتحت آهي۔ ڊپارٽمنٽ بورڊ ڊائرڪٹٽرز جي ذريعي هلندو آهي، جن کي حڪومت سنڌ لڳائيندي آهي ۔

هن وقت سنڌ ۾ ڪُل 10 ٽريڊنگ اسٽيٽ آهن۔

نالوجگهہقيامرقبو (ايڪڙ)
سائٽ ڪراچيڪراچي 19474460
سائٽ حيدآبادحيدآباد19501268
سائٽ ٽنڊو آدمٽنڊو آدم1952150
سائٽ ڪوٽڙيڪوٽڙي19621875
سائٽ سکرسکر19631060
سائٽ سپر هاءِ وي Phase-1سپر هاءِ وي1983300
سائٽ نوري آباد Phase-Iنوري آباد19835342
سائٹ سپر هاءِ وي Phase-IIسپر هاءِ وي19921000
سائٽ نواب شاهہ نواب شاهہ1994240
سائٽ نوري آباد Phase-IIنوري آباد20032000

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]

    ويب سائٽ

    [سنواريو]