سنڌي وڪيپيڊيا
سنڌي وڪيپيڊيا جو نشان | |
سائيٽ جو قِسمُ |
آن لائين ڄاڻ چيڪلو |
---|---|
۾ موجود | سنڌي |
مکيه دفتر | |
ڌڻي | وڪيميڊيا فائونڊيشن |
جي رچنا | جمي ولزس, ليري سنگر[1] |
يوآرايل | sd |
تجارتي | نه |
رجسٽريشن | اختياري |
يوزرز | 19,537 |
موجوده حيثيت | سرگرم |
سنڌي وڪيپيڊيا انگريزي ٻولي: Sindhi Wikipedia، کليل ڄاڻ چيڪلو وڪيپيڊيا جو سنڌي نسخو آھي، جنھن جي شروعات 6 فيبروري، 2006ع تي ٿي. سنڌي وڪيپيڊيا جو بنياد مھراڻ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر احسان احمد عرساڻيءَ رکيو. ھن وقت سنڌي وڪيپيڊيا ۾ 18,543 مضمون موجود آھن ۽ انهن مضمون ۾ لاڳيتو واڌارو ٿيندو رهي ٿو ۽ سنڌي وڪيپيڊيا بلحاظ تعداد مضمون 139 هين درجي تي آھي۔ هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي رُڪنن جو تعداد 19,537 آهي جنهن مان 4منتظمين آهن.
2016 کان 2017
هنن سالن ۾ سنڌي وڪيپيڊيا تي گهڻو ڪم ٿيو آهي، ٽيڪنيڪي بنيادن ۽ ذمري بندي يا ڏَس بندي طور پڻ، جنهن ۾ وڌيڪ ڀاڱيدار ڪجهه وڪيپيڊيا واهپيدار (يوزرس) آهن. سنڌي وڪيپيڊيا ۾ 2015 کان سٺو واڌارو آيو آهي۔ تازو 2017ع ۾ وڪيميڊيا فائونڊيشن ۽ سنڌ ثقافت ٽوئرزم ائنڊ اينٽيڪيوٽيز ڊپارٽمنٽ جي سهڪار سان پاڪستان ۾ پهريون سنڌي وڪيپيڊيا آگاهي ورڪشاپ ڪيو ويو، جيڪو ممتاز مرزا آڊيٽوريم، ڪراچيءَ ۾ مئي 24، 2017ع تي ٿي گذريو. ان ورڪشاپ ۾ اردو ڊڪشنري بورڊ جو سربراھ عقيل عباس جعفري خصوصي مهمان، جڏنهن ته وفاقي اردو يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جو ان وقت چيئرمين ۽ سنڌي اديب ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو اعزازي خصوصي مهمان طور شريڪ ٿيو.[2] ان ورڪشاپ جو مقصد پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌي ماڻهن ۾ وڪيپيڊيا خاص ڪري سنڌي وڪيپيڊيا بابت آگاهي پيدا ڪرڻ هيو. ان ورڪشاپ ۾ پاڪستان جي ٻين ٻولين جي وڪيپيڊيا جهڙوڪ اردو وڪيپيڊيا، پنجابي وڪيپيڊيا، پشتو وڪيپيڊيا، ڪشميري وڪيپيڊيا ۽ انهن ٻولين ۾ وڪشنري (وڪي لُغت) جو تعارف پڻ پيش ڪيو ويو. ان ورڪشاپ جي منتظمن ۾ سنڌي وڪيپيڊيا جو منتظم جوڳي اسد راڄپر، اردو وڪيپيڊيا جو منتظم محمد عارف سومرو، ويجهڙ ۾ سنڌي وڪيپيڊيا تي سڀ کان وڌيڪ ڀاڱيداريون ڏيندڙ مهتاب احمد سولنگي ۽ ناميارو سنڌي ڊراما نويس ۽ سنڌي وڪيپيڊئن پروفيسر عزيز ڪنگراڻي شامل هيا۔ ورڪشاپ جي آرگنائيزر جوڳي اسد راڄپر ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن کي وڪي پيڊيا تي پنهنجيون ڀاڱيداريون شامل ڪرڻ لاءِ همٿايو ۽ وڪيپيڊيا تي ڪم ڪيئن ڪجي جو طريقيڪار پڻ ٻڌايو۔[3][4][5]
رڪن ۽ ترميمون
تعداد يوزر | تعداد مقالا | تعداد عڪس | تعداد منتظمين |
---|---|---|---|
19,537 |
35 |
4 منتظمين |
سنگ ميل
حوالا
- ↑ There is controversy over who founded Wikipedia. Wales considers himself to be the sole founder of Wikipedia and has told the Boston Globe that "it's preposterous" to call Sanger the co-founder.[حوالو گهربل] However, Sanger strongly contests that description. He was identified as a co-founder of Wikipedia as early as September 2001 and referred to himself as being founder as early as January 2002.[حوالو گهربل]
- Sidener, Jonathan (6 December 2004). "Everyone's Encyclopedia". San Diego Union Tribune. Archived from the original on 14 January 2016. https://web.archive.org/web/20160114101809/http://www.sandiegouniontribune.com/uniontrib/20041206/news_mz1b6encyclo.html. Retrieved 15 October 2006.
- Meyers, Peter (20 September 2001). "Fact-Driven? Collegial? This Site Wants You". New York Times. https://query.nytimes.com/gst/fullpage.html?res=9800E5D6123BF933A1575AC0A9679C8B63&n=Top/Reference/Times%20Topics/Subjects/C/Computer%20Software. Retrieved 15 October 2006.
- Sanger, Larry. "What Wikipedia is and why it matters". حاصل ڪيل 12 April 2006.
- ↑ http://awamiawaz.com/epaper/20170527/page10.php
- ↑ پاکستان میں پہلی سندھی ویکیپیڈیا ورکشاپ کا کراچی میں انعقاد ، اُردو پوائنٹ ٹیکنالوجی
- ↑ http://dailywaka.com/files/28-05/Page-fp.jpg[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ http://dailywaka.com/files/28-05/Page-3.jpg[مئل ڳنڍڻو]
خارجي ڳنڍڻا
- (سنڌي) سنڌي وڪيپيڊيا
- (سنڌي) سنڌي وڪيپيڊيا نسخو موبائل ڏيکُ
- وڪيپيڊيا زيرو
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون از February 2015
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links از September 2023
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- سانچا
- Pages using infobox website with unknown parameters
- Articles with سنڌي-language external links
- 2006 ع ۾ قائم انٽرنيٽ پراپرٽي
- روئي خط ڄاڻ چيڪلو
- سنڌي ٻولي جون ويب سائٽس
- سنڌي ٻولي جي ماس ميڊيا
- سنڌي ڄاڻ چيڪلو
- سنڌي
- وڪيپيڊيا بلحاظ ٻولي