وڪيپيڊيا:ميل ميلاپ/ڪراچي1

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وڪي ميل ميلاپ ڪراچي پهريون سنڌي وڪيپيڊيئن جو ميٽ اَپ

24 مئي 2017ع بروز اربع
بمقام ممتاز مرزا اسٽوڊيو، نزد ايم پي اي هاسٽل،صدر ڪراچي، سنڌ


وڪيپيڊيا ميل ميلاپ جي باري ۾ وڪيپيڊيا جي باني جیمي ويلز جي وڊيو

وڪي ميل ميلاپ ڪراچي پاڪستان ۾ سنڌي وڪيپيڊيا جي پاران پنهنجي نوعيت جو پهريون سنڌي وڪيپيڊيا آگاهي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌي وڪيپيڊيا برادري جي ساٿين ۽ اردو وڪيپيڊيا ساٿي جي ملاقات 24 مئي 2017 ء بروز اربع تي ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ وڪي ميڊيا فائونڊيشن جي مختلف وڪي منصوبن سان تعلق رکندڙ ڪُل پنچ يوزرس شرڪت ڪئي انهن سميت ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ 15 ٻيا ماڻهو پڻ شريڪت ٿيا۔

ان تقريب (ايونٽ) جي مکيا آرگنائيزر جوڳي اسد راڄپر پاران استقبالي خطاب ۾ وڪيپيڊيا، ۽ سنڌي وڪيپيڊيا جو تعارف سميت پاڪستاني ٻولين جي ٻين وڪيز: اردو وڪيپيڊيا، پنجابي وڪيپيڊيا، ڪشميري وڪيپيڊيا ۽ پشتو وڪيپيڊيا جو پڻ مختصر ذڪر ڪيو۔ ان کانپوءِ باقاعدہ تقريب شروع ٿي۔ شرڪت ڪندڙن ذاتي تعارف کانپوءِ وڪيپيڊيا جي باري ۾ پنهنجي پنهنجي خيالن ۽ تجربن تي ڊگهي ڳاله ٻوله ڪئي . ان موقعي تي وڪيپيڊيا جي حوالي سان ڪيترائي اهم موضوع پڻ بحث هيٺ آندا ويا. خاص طور تي سنڌي وڪيپيڊيا جي ٽشهير ۽ ترويج جي سلسلي ۾ ڪافي ڳاله ٻوله ٿي ۽ سنڌي وڪيپيڊيا ، اردو وڪيپيڊيا جو پاڻ ۾ تعاون جو پڻ ذڪر ڪيو ويو.ان سميت ڪيتريون ئي اهم تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس دوران پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين ساڻ وڪيپيڊيا ورڪشاپ ۽ وڪيپيڊيا ڪتب خانو (وڪيپيڊيا لائبريري) جي حوالي سان پڻ غور ڪيو ويو، ان تقريب ۾ وڪيذريعات پيڙهڪا (وڪيميڊيا فائونڊيشن) جي علائقائي دفترن جي پاڪستان ۾ قيام تي پڻ اظهار خيال ڪيو ويو

ساٺن ٽن ڪلاڪن جي ڊگهي وڪي ميل ميلاپ (وڪي ميٽ اپ) يعني گڏجاڻِيءَ ڪراچيءَ مان اڪثريتي ماڻهن جي شرڪت جي گهٽتائي باوجود هڪ ڪارائتو ۽ پهرئين ڪامياب وک واري تقريب ثابت ٿئي.


پهريون سنڌي وڪيپيڊيا ورڪشاپ بابت

هي تقريب پاڪستان سميت سنڌ ۾ پنهنجي نوعيت جي پهريون سنڌي وڪيپيڊيا ورڪشاپ هيو، جنهن ۾ پنج وڪيپيڊيئن (وڪيپيڊيا واپرائيندڙ، ايڊيٽرن) کانسواءِ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل 15 ٻيا ماڻهو پڻ شريڪ ٿيا.

شرڪت ڪندڙ

  • JogiAsad (سنڌي وڪيپيڊئن)
  • سارنگ پيرزادو (مقامي صحافي، ڪالم نگار)
  • پروفيسر عزيز ڪنگراڻي (سنڌي وڪيپيڊئئن ۽ ڊراما نويس، ڪالم نگار)
  • مهتاب احمد سولنگي (سنڌي وڪيپيڊئن)
  • محمد عارف سومرو (اردو وڪيپيڊئن)
  • محمد هارون جمالي (پي ٽي وي پروڊيوسر)
  • ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو (سنڌي اديب ۽ چيئرمين سنڌي شعبو وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي)
  • ڊاڪٽر (اردو ڊڪشنري بورڊ جو چيئرمين)


بعد از اجلاس خلاصو/ذرائع ابلاغ ۾ تشهير

هن ورڪشاپ ۽ ميل ميلاپ جي باري ۾ مختلف انگريزي ، اردو ۽ سنڌي اخبارن ۾ پريس رليز پڻ جاري ڪيون ويون۔

ميل ميلاپ کان اڳ ۽ پوءِ خلاصو (سمري)/ڪوريج

ميل ميلاپ کان اڳ ۽ پوءِ وڪيپيڊيا ۽ سنڌي وڪيپيڊيا آگاهي ورڪشاپ ۽ ميل ميلاپ جون سرگرمين جي رپورٽ هيٺئين ريت ڏني وئي آهي


سنڌي وڪيپيڊيا تي ترميمي ڊوڙ

ميٽ اپ کان اڳ جون سرگرميون

  • جوڳي اسد پاران سماجي رابطن (سوشل ميڊيا) جن ۾ فيس بڪ، واٽس ايپ، گوگل+ ۽ ٻين سماجي رابطن جي ويب سرزمينن (ويب سائيٽن) تي ماڻهن کي ان تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ مهم هلائي، جنهن ۾ ان مهم جو دعوت نامو مهتاب احمد سولنگيءَ ڊزائن ڪري ڏنو هيو، ۽ ان ۾ پروفيسر عزيز ڪنگراڻي جي تعاون سان ڪي ٽي اين نيوز جي پروگرام 'اشوز وٿ مصطفي‘ جروار جي ميزبان مصطفي جروار ۽ نيوز ايڊيٽر واحد بخش جسڪاڻي سان رابطو ڪري ڪي ٽي اين نيوز تي لائيو آن ايئر پروگرام ڪيو ويو جيڪو پاڪستان سميت سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن ٽي وي چينل وڪيپيڊيا بابت ڪو پروگرام ڪيو هيو، ان پروگرام ۾ سنڌي وڪيپيڊيا منتظم ۽ ان تقريب جي مکيا آرگنائيز جوڳي اسد (راڄپر) ۽ اردو وڪيپيڊيا جي منتظم محمد عارف سومرو وڪيپيڊيا سميت سنڌي وڪيپيڊيا ۽ اردو وڪيپيڊيا جو تعارف پيش ڪيو ۽ ناظرين کي پروگرام جي ذريعي ان تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ جي عام دعوت پڻ ڏني.
    • ڪراچي ميل ميلاڇ جي باري ۾ ان ڪي ٽي اين پروگرام جو يوٽيوب جو وڊيو ڳنڍڻو تي ملاحظہ ڪري ڏسي سگهجي ٿو۔

ميل ميلاپ کانپوءِ جي رپورٽون

وڪيپيڊيا جي باري ۾ وڌيڪ معلومات تي اردو پوائنٽ ڊاٽ ڪام هتي پڙهي ۽ ڏسي سگهنجن ٿي۔

ان سلسلي ۾ جوڳي اسد راڄپر ۽ محمد عارف سومرو جي تفصيلي ڳالهيون جلدئي انگريزيءَ ۾ پڻ دست ياب ٿينديون۔

ٻاهريان ڳنڍڻا