ڪمال ڄامڙو
ڪمال ڄامڙو، ڊاڪٽر | |
---|---|
![]() | |
پيدائش | ڪمال 1 آگسٽ 1972 راڻي پور |
وفات | 16 ڊسمبر 2020 ڪراچي, پاڪستان |
پيشو | پروفيسر ، ليکڪ ، تعليم دان ، محقق ۽ شاعر |
جيون ساٿي | 1 |
ٻار ٻچا | 2 |
ڪمال ڄامڙو (آگسٽ 1، 1972_ ڊسمبر 16، 2020)[1][2] سنڌ جو هڪ ليکڪ، تعليم دان، محقق ۽ شاعر هو.[3][4][5][6][7] [8]سنڌي ساهتيه ۾ سندس مختلف موضوعن تي ڪتاب چڇيل آهن. هو سنڌي ادبي سنگت جو ڪارڪن پڻ رهيو.[1]
شروعاتي جيون ۽ تعليم[سنواريو]
ڪمال ڄامڙو ولد لونگ خان ڄامڙو، راڻيپور ۽ هنڱورجا ڀرسان ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ضلعي خيرپور ۾ آگسٽ 1، 1972ع تي جنم ورتو.[3][4][9] [3]هن پنهنجي پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ، جڏهن ته مئٽرڪ ۽ انٽر راڻيپور مان حاصل ڪئي،[4] [9] انکانپوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. اي (آنرز) ۽ ايم. اي (سنڌي) ڪيائين.[3] هن لوڪ ادب ۾ ڪراچي يونيورسٽي کان پي ايڇ ڊي ڪئي هئي.[1][6][3] اهو پي ايڇ ڊي وارو مقالو ڪتابي صورت ۾ 2010ع ۾ ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو آهي.[3]
ڪيريئر[سنواريو]
ڪمال ڄامڙو مئي 1998ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر ۾ ريسرچ آفيسر ٿيو.[3][1] آگسٽ 2000ع ۾ اسلاميه سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو.[3][4] ماهوار رسالو ’ماهه روز‘ ڪراچيءَ جو ايڊيٽر ۽ اسلاميه ڪاليج مئگزين 2003ع جو چيف ايڊيٽر پڻ رهيو. هو ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ڪمپيئر ۽ انائونسر طور پڻ ڪم ڪندو رهيو[3][1] ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڪراچيءَ ۾ هلندڙ سنڌي سکيا ڪلاس جو نگران به رهيو.[3][1] ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي ۾ استاد[3] ۽ سنڌي شعبي جو چيئرمين پڻ رهيو.[10][11]
لکڻيون[سنواريو]
هن جا سنڌ جي مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترا تحقيقي مقالا، مضمون، شاعري ڇپجندي رهي آهي.[3][4] هو ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ سنڌي توڙي اردوءَ ۾ لکندو رهيو.[3] [3]طارق عزيز شيخ سان گڏجي لکيل سندس مقالو ’شاهه عبداللطيف ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر‘، شاهه لطيف چيئر ڪراچيءَ پاران ڇپيل آهي[3]. سنڌي لوڪ فنڪارن بابت هن جو هڪ ڪتاب ’سنڌي ثقافت جا امر آواز‘، ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو آهي.[3]
سندس ڪجهه ڪتاب جا نالا هيٺ ڏيجن ٿا.
- ڪچهريءَ جا مور[12]
- سنڌي ٻولي ۽ ثقافت[12]
- ڀٽائي ۽ ڀُونءِ[12]
- بهادر ڇوڪري، ٻارڙن لاءِ ڪهاڻيون[12]
- سنڌي لوڪ ادب[12]
- عشق جي عنايت (فقير علي گوھر وڳڻ جو ڪلام)[12]
ايوارڊ[سنواريو]
سندس نالو سنڌ حڪومت پاران پرائِڊ آف پرفارمنس ايوارڊ لاءِ وفاقي حڪومت کي نامزد ڪيو ويو هو. ڪمال ڄامڙو کي سندس تحقيق ۽ لکڻين جي عيوض صوفي فائونڊيشن پاران صوفي ايوارڊ ڏنو ويو.
وفات[سنواريو]
ڪمال ڄامڙو ڊسمبر 16 ، 2020ع تي ڪراچيءَ ۾ ڊينگي بخار سبب 48 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو،[3][10][13][2][11][14][5][15][6] [3]کيس هنڱورجا ڀرسان دفنايو ويو.[16]
حوالا[سنواريو]
- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 "ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سنڌي ادب جو خدمتگار – موقف" (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2021-03-19.
- ↑ 2.0 2.1 "وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جو چيئرمين ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لاڏاڻو ڪري ويو – وائيس آف سنڌ لنڊن". حاصل ڪيل 2021-03-19.
- ↑ 3.00 3.01 3.02 3.03 3.04 3.05 3.06 3.07 3.08 3.09 3.10 3.11 3.12 3.13 3.14 3.15 3.16 3.17 "ڄامڙو ڪمال : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-03-19.
- ↑ 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 "راڻيپور : نامور اديب محقق ڏاھي انسان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جو ٽيجهو ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ ٿي گذريو". DailyAas Hyderabad (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2021-03-19.
- ↑ 5.0 5.1 Tunio, Aftab. "سنڌ جو ناليوارو اديب، ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لاڏاڻو ڪري ويو". www.awaztv.tv. حاصل ڪيل 2021-03-19.
- ↑ 6.0 6.1 6.2 "Researcher, academic Dr Jamro passes away". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2021-03-19.
- ↑ "Remembering Dr. Kamal Jamro". www.radio.gov.pk. حاصل ڪيل 2021-03-19.
- ↑ "ڄامڙو ڪمال : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-11-12.
- ↑ 9.0 9.1 "ناليوارو ليکڪ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ڊينگي وائرس وگهي لاڏاڻو ڪري ويو – Daily APPEAL Karachi روزاني اپيل ڪراچي". حاصل ڪيل 2021-03-19.
- ↑ 10.0 10.1 https://awamiawaz.pk/656658/
- ↑ 11.0 11.1 "ناليوارو اديب ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لاڏاڻو ڪري ويو". SindhTvNews. حاصل ڪيل 2021-03-19.
- ↑ 12.0 12.1 12.2 12.3 12.4 12.5 "ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جا ڪِتاب". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-05-05.
- ↑ "ناليوارو اديب ۽ ليکڪ ڊاڪٽر ڪمال خان ڄامڙو لاڏاڻو ڪري ويو". روزاني مھراڻ (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2021-03-19.
- ↑ "ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو فوت، وڏي وزير پاران تعزيت". Daily Sindhyar. حاصل ڪيل 2021-03-19.
- ↑ "Prof Kamal Jamro passes away". www.thenews.com.pk. حاصل ڪيل 2021-03-19.
- ↑ "راڻيپور : نامور اديب محقق ڏاھي انسان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جو ٽيجهو ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ ٿي گذريو". DailyAas Hyderabad (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2021-11-12.