مواد ڏانھن هلو

ڪمال ڄامڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪمال ڄامڙو، ڊاڪٽر
پيدائش ڪمال
1 آگسٽ 1972
راڻي پور
وفات 16 ڊسمبر 2020
ڪراچي, پاڪستان
پيشو پروفيسر ، ليکڪ ، تعليم دان ، محقق ۽ شاعر
جيون ساٿي 1
ٻار ٻچا 2

ڪمال ڄامڙو (آگسٽ 1، 1972[1]_ ڊسمبر 16، 2020)[2][3] سنڌ جو هڪ ليکڪ، تعليم دان، محقق ۽ شاعر هو.[4][5][6][7][8] [9]سنڌي ساهتيه ۾ سندس مختلف موضوعن تي ڪتاب چڇيل آهن. هو سنڌي ادبي سنگت جو ڪارڪن پڻ رهيو.[2]

شروعاتي جيون ۽ تعليم

[سنواريو]

ڪمال ڄامڙو ولد لونگ خان ڄامڙو، راڻيپور ۽ هنڱورجا ڀرسان ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ضلعي خيرپور ۾ آگسٽ 1، 1972ع تي جنم ورتو.[4][1][5][10] [4]هن پنهنجي پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ، جڏهن ته مئٽرڪ ۽ انٽر راڻيپور مان حاصل ڪئي،[5][1] [10] انکانپوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. اي (آنرز) ۽ ايم. اي (سنڌي) ڪيائين.[4] [1]هن لوڪ ادب ۾ ڪراچي يونيورسٽي کان پي ايڇ ڊي ڪئي هئي.[2][1][7][4] اهو پي ايڇ ڊي وارو مقالو ڪتابي صورت ۾ 2010ع ۾ ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو آهي.[4]

ڪيريئر

[سنواريو]

ڪمال ڄامڙو مئي 1998ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر ۾ ريسرچ آفيسر ٿيو.[4][2][1] آگسٽ 2000ع ۾ اسلاميه سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو.[4][5] ماهوار رسالو ’ماهه روز‘ ڪراچيءَ جو ايڊيٽر ۽ اسلاميه ڪاليج مئگزين 2003ع جو چيف ايڊيٽر پڻ رهيو[1]. هو ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ڪمپيئر ۽ انائونسر طور پڻ ڪم ڪندو رهيو[4][2] ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڪراچيءَ ۾ هلندڙ سنڌي سکيا ڪلاس جو نگران به رهيو.[4][2][1] ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي ۾ استاد[4] ۽ سنڌي شعبي جو چيئرمين پڻ رهيو.[11][12]

لکڻيون

[سنواريو]

هن جا سنڌ جي مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترا تحقيقي مقالا، مضمون، شاعري ڇپجندي رهي آهي.[4][5] هو ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ سنڌي توڙي اردوءَ ۾ لکندو رهيو.[4] [4]طارق عزيز شيخ سان گڏجي لکيل سندس مقالو ’شاهه عبداللطيف ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر‘، شاهه لطيف چيئر ڪراچيءَ پاران ڇپيل آهي[4][1]. سنڌي لوڪ فنڪارن بابت هن جو هڪ ڪتاب ’سنڌي ثقافت جا امر آواز‘، ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو آهي.[4][1]

سندس ڪجهه ڪتاب جا نالا هيٺ ڏيجن ٿا.

  • ڪچهريءَ جا مور[13]
  • سنڌي ٻولي ۽ ثقافت[13]
  • ڀٽائي ۽ ڀُونءِ[13]
  • بهادر ڇوڪري، ٻارڙن لاءِ ڪهاڻيون[13]
  • سنڌي لوڪ ادب[13]
  • عشق جي عنايت (فقير علي گوھر وڳڻ جو ڪلام)[13]

ايوارڊ

[سنواريو]

سندس نالو سنڌ حڪومت پاران پرائِڊ آف پرفارمنس ايوارڊ لاءِ وفاقي حڪومت کي نامزد ڪيو ويو هو. ڪمال ڄامڙو کي سندس تحقيق ۽ لکڻين جي عيوض صوفي فائونڊيشن پاران صوفي ايوارڊ ڏنو ويو.

وفات

[سنواريو]

ڪمال ڄامڙو ڊسمبر 16 ، 2020ع تي ڪراچيءَ ۾ ڊينگي بخار سبب 48 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو،[4][1][11][14][3][12][15][6][16][7] [4]کيس هنڱورجا ڀرسان دفنايو ويو.[17]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 "ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ياد ۾", Awami Awaz (ٻولي ۾ اردو), 16 ڊسمبر 2023, حاصل ڪيل 17 ڊسمبر 2023۔
  2. 1 2 3 4 5 6 "ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سنڌي ادب جو خدمتگار – موقف" (ٻولي ۾ اردو), حاصل ڪيل 19 مارچ 2021۔
  3. 1 2 "وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جو چيئرمين ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لاڏاڻو ڪري ويو – وائيس آف سنڌ لنڊن" (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 19 مارچ 2021۔
  4. 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 "ڄامڙو ڪمال : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 19 مارچ 2021۔
  5. 1 2 3 4 5 "راڻيپور : نامور اديب محقق ڏاھي انسان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جو ٽيجهو ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ ٿي گذريو", DailyAas Hyderabad (ٻولي ۾ اردو), 20 ڊسمبر 2020, حاصل ڪيل 19 مارچ 2021۔
  6. 1 2 Tunio, Aftab, "سنڌ جو ناليوارو اديب، ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لاڏاڻو ڪري ويو", www.awaztv.tv (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 19 مارچ 2021۔
  7. 1 2 3 "Researcher, academic Dr Jamro passes away", The Express Tribune (ٻولي ۾ انگريزي), 16 ڊسمبر 2020, حاصل ڪيل 19 مارچ 2021۔
  8. "Remembering Dr. Kamal Jamro", www.radio.gov.pk (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 19 مارچ 2021۔
  9. "ڄامڙو ڪمال : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 12 نومبر 2021۔
  10. 1 2 "ناليوارو ليکڪ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ڊينگي وائرس وگهي لاڏاڻو ڪري ويو – Daily APPEAL Karachi روزاني اپيل ڪراچي", حاصل ڪيل 19 مارچ 2021۔
  11. 1 2 https://awamiawaz.pk/656658/
  12. 1 2 "ناليوارو اديب ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لاڏاڻو ڪري ويو", SindhTvNews, 16 ڊسمبر 2020, حاصل ڪيل 19 مارچ 2021۔
  13. 1 2 3 4 5 6 "ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جا ڪِتاب", SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 05 مئي 2022۔
  14. "ناليوارو اديب ۽ ليکڪ ڊاڪٽر ڪمال خان ڄامڙو لاڏاڻو ڪري ويو", روزاني مھراڻ (ٻولي ۾ اردو), حاصل ڪيل 19 مارچ 2021۔
  15. "ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو فوت، وڏي وزير پاران تعزيت", Daily Sindhyar (ٻولي ۾ en-US), 17 ڊسمبر 2020, حاصل ڪيل 19 مارچ 2021۔
  16. "Prof Kamal Jamro passes away", www.thenews.com.pk (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 19 مارچ 2021۔
  17. "راڻيپور : نامور اديب محقق ڏاھي انسان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جو ٽيجهو ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ ٿي گذريو", DailyAas Hyderabad (ٻولي ۾ اردو), 20 ڊسمبر 2020, حاصل ڪيل 12 نومبر 2021۔