بحث:سنڌي ماڻھو

Page contents not supported in other languages.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
 --Jogi don 12:18, 17 ڊسمبر 2016 (UTC)

سر ڪلياڻ شاهواڻي[سنواريو]

سر ڪلياڻ داستان پهريون

1 اَوَلُ، اللهُ، عَلِيمُ، اَعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي،

قَادِرُ پَنهِنجِي قُدرَت سين، قائِمُ آهِ قَدِيمُ،

والِي، واحِدُ، وَحَدهُ، رازِقُ، رَبُّ رَحِيۡمُ،

سو ساراهِه سَچوڌَڻِي، چَئِي حَمدُ، حَڪِيمُ،

ڪَري پاڻَ، ڪرِيمُ، جوڙُون، جوڙَ، جَهانَ جِي.


2

جوڙي جوڙَ جَهانَ جِي، جڏهن جوڙِيائين،

خاوَندُ خاص خَلِقي، مُحَمَّدُ مُڪائِين،

ڪلمو تنهن ڪَريمَ تي، چِٽو چايائين،

اَنا مولاڪَ و اَنتَ مَحبُوبِيۡ اِيَّ اُتائِين

ڏِکِي ڏِنائِين، ٻَئِي سَرائُون سَيّد چئي.


3

جوڙي جوڙَ جَهانَ جِي، پاڻُ ڪِيائِين پَرِوارُ،

حامِي، هادِي، هاشَمِي، سَرِدارين سَردارُ

سُنهي صحابَنِ سَٿَ ۾، مَنجههِ مَسِجِدِ مڻيادارُ،

چارِئِي چڱا چئوڌارُ، هُئا هيڪاندا حَبِيبَ سين.


4

وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ چَئِي، چُوندو آءُ،

فَرَضَ، واجِبَ، سُنَتُون، تِنِيئو تَرڪُ مَ پاءِ

توبَهَه سندِي تَسِبِيح، پَڙَهَڻَ ساڻُ پُڄاءِ

نِگا پَنهنجي نَفَسَ کي، ڪا سَئِين راهَ سُونهاءِ،

ته سَندِي دوزَخَ باهِ، تو اوڏِيائِي نه اَچي.


5

وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ جان ٿو چَئِين اِيئن(اِيَ)،

تان مَڃ مُحَمَّدُ ڪارَڻِي، نِرتُون مَنجهان نِيهَن(نيهَه)،

تان تُون وَڃِيو ڪِيئن(ڪِيَ)، نايين سِرُ ٻِيَنِ کي.


6

وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، جَڏِهۡن چَيو جَنِّ

تَنِّ مَڃِيو مُحَمَّدُ ڪارَڻِي، هيجان ساڻُ هِنيَئنِ،

تَڏِهۡن مَنجهان تَنِّ اَوَتَڙِ ڪونه اولِيو.


7

وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ ، جَنِّ اُتوسين اِيمانَ،

تَنِّ مَڃِيو مُحَمَّ‍دُ ڪَارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ،

اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪِنهن نه اولِيا.


8

اَوَتَڙِ ڪِنهن نه اوليا، سُتَڙِ وِيا سالِمَ،

هيڪائِي هيڪُ ٿِيا، اَحَدَ سين عالِمَ،

بي بَها بالِمَ، آڳي ڪِيا اَڳَهِين.


9

آڳي ڪِيا اَڳَهِين، نِسورو ئِي نُورُ،

لَا خَوفُ عَلَّيۡهِمۡ وَلَا هُمۡ يَحۡزَنُوۡنَ، سَچَنِ ڪونَهي سُورُ،

موليٰ ڪِيو مَعمُورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.


10

وَحۡدَهُ جي وَڍِيا، اِلَا اللهُ سين اورِينِ،

هِنيون حَقِيقَتَ گَڏِيو، طَرِيقَتَ تورِينِ،

مَعرِفَتَ جِيءَ ماٺِ سين، ڏيساندَرُ ڏورِينِ،

سُکِ نه سُتا ڪَڏِهِين، ويهِي نه وورِين،ِ

ڪُلَهنِئُون(ڪلنئون) ڪَورِينِ، عاشِقَ، عبداللطيف چَئي.


11

وَحۡدَهُ جي وَڍِيا، اِلَااللهُ اَڌَ ڪِيا

مُحَمَّدُ رَسُولُ چَئِي، مُسلِمانَ ٿِيا،

عاشِقَ عبدالطيف چَئي، اِنَهِين پَهِه پِيا

جيلانهين(جيلاه) ڌَڻِيءَ ڌُئا، تيلانهين(تيلاه) ويا وحدت گڏجِي.


12

وَحۡدَهُ جي وَڍِيا، ڪِيا اِلَااللهُ اَڌَ،

سَي ڌَڙَ پَسِي سَڌَ، ڪِنهن(ڪہ) اَڀاڳِيءَ نه ٿئي.

13

سِرُ ڍُونُڍِيان، ڌَڙُ نه لَهان، ڌَڙُ ڍونُڍِيان، سِرُ ناهِه،

هَٿَ ڪَرايُون آڱرِيُون، وِيا ڪَپَجِي ڪانہِه،

وحدتَ جي وِهانءِ، جي وِيا، سي وَڍِيا.

14

وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، ٻُڌءِ نه ٻوڙا،

ڪي(ڪِ) تو ڪَنين نه سُئا، جي گَهٽَ اَندَر گهوڙا،

ڳاڙِيندين(ڳاڙيندهَ) ڳوڙَها، جِتِ شاهِدَ (ٿِيندَئِي)ٿِيندَءِ سامُهان.


15

وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، اِيُّ وِهائِج وِيءُ،

کَٽين يا(جي) هارائين، هَنڌُ تُنهنجو(تهجو) هِيءُ،

پاڻهان(پاڻا) چُوندَئِي(چُندءِ) پِيءُ، ڀَرَي جامُ جَنَّتَ جو.

16

وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ ِايُّ هيڪَڙائِيءَ حَقُّ،

ٻِيائِيءَ کي ٻَکُ، جَنِّ وِڌو، سي وِرَسِيا


17

عاشق چَئو مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَئو مَعشُوقُ،

خالِقُ چَئو مَ خامَ تُون، مَ ڪِي چَئو مَخَلُوقُ،

سَلِج تنهن(تَهِن) سُلُوڪُ، جو ناقِصِئا نِڱَيو.


18

وَحۡدَتان ڪَثرتَ ٿِي، ڪَثَرتَ وَحۡدَتَ ڪُلَّ،

حَقُّ حقِيقِي هيڪَڙو، ٻولِيءَ ٻِيءَ مَ ڀُلُّ،

هُو هُلاچو هُلُّ، بِااللهِ سَندو سَڄَڻين.


19 پاڻَهِين(پاڻِہۡ) جَلَّ جَلَالَہُ، پاڻهِين جانِ جمالُ،

پاڻهِين صُورتَ پِرِينءَ جِي، پاڻهِين حُسنُ ڪَمالُ،

پاڻَهِين پِيرُ مُرِيدُ ٿِئي، پاڻهِين پاڻَ خَيالُ،

سَڀِ سَڀوئِي حالُ، مَنجهان ئِي مَعلُومُ ٿِئي.


20

پاڻَهِين پَسي پاڻَ کي، پاڻهِين مَحَبُوبُ،

پاڻهِين خَلقي خُوبُ، پاڻهِين طَالِبُ تَنِّ جو.


21

سو هِيءُ، سو هُو، سواَجلُ، سو اَللهُ

سو پِرِين، سو پَساهُ، سو ويرِي، سو واهَرُو


22

پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لَهِين،

هُئا اڳِهِين(اڳهم) گڏُ، ٻُڌڻَ ۾ ٻه ٿِيا.


23

ايڪُ قَصَرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙين ڪَڻِسِ ڳِڙکِيُون،

جيڏانهن ڪَرِيان پَرکِ، تيڏانهن صاحِبُ سامُهون.


24

ڪوڙين ڪايائون تُنهنجيون(تهجيون)، لِکَن لَکَ هَزارَ،

جِيءُ سَڀِ ڪنهن جِيءُ سين، دَرسَنُ ڌارو ڌارَ،

پرِين(پِريم)، تنهنجا پارَ، ڪِهَڙا چَئِي ڪِيئن(ڪِيءَ) چُوان.

وائي

سَڀَڪا پِريان ڪُون پُوڄي،

نينھُن نيڻين ڳُڻُ ڳالهہ وو.
جا چِتَايم چِتَ ۾، سا ٿو سَڄَڻُ ٻُجهي،
نينھُن نيڻين ڳُڻُ ڳالهہ وو.
لاتِ جا لَطيِفَ جِي، سَڏُ تُنھنجو سُڄي،
نينھُن نيڻين ڳُڻُ ڳالهہ وو.