مدد:حوالا ڏيڻ جو تعارف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ثابتي
حوالا ڇو اهم آهن

اِن لائين حوالا
سِٽ جي اندر حوالا ڪيئن درج ڪجن

ريفرنس ٽول بار
حوالا شامل ڪرڻ لاءِ آسان طريقو

ڀروسي لائق ذريعا
ڪهڙا ذريعا بهتر آهن؟

تَتُ
توهان ڇا سِکيو آهي،جائزو وٺو


حوالو گهربل!

وڪيپيڊيا جو بنيادي اصول آهي ته مضمون جو سمورو مواد قابل تصديق هُجي، يعني قابل اعتماد مآخد وٽان ان جي تصديق ٿي سگهي. اهڙا سمورا قول ۽ مواد جنهن جي قابل تقديق ثبوت جو وڪيپيڊيا اڀياس ڪري ٿي يا مطالبي جو امڪان آهي، ان جو درست حوالو ڏيڻ لازمي آهي. وڌيڪ اهو ته نئين تحقيق جي لاءِ وڪيپيڊيا تي ڪابه جڳهه ناهي، يعني اهڙو مواد جيڪو وڪيپيڊيا کان پهرئين ڪنهن به ٻئي جڳهه تي ڇاپيو نه ويو هُجي، ان کي هتي درج نٿو ڪري سگهجي. صرف اڳ ۾ ڇاپيل مواد ئي حوالا (ريفرنسز) سميت وڪيپيڊيا جي اسلوب ۾ پاڻ وٽان لکي (ٽائيپ ڪري) هتي وڪيپيڊيا تي لکي سگهجي ٿو.

جيڪڏهن توهان نئون مواد جو واڌارو ڪري رهيا آهيو ته توهان جي اها ذميداري آهي ته توهان ان کي حوالا سميت هتي درج ڪريو. اهي مصمصون جن ۾ حوالا درج نه هجن، انهن کي ڊانهي سگهجي ٿو. اهڙي ريت ڪوبه اهڙو عنوان جنهن تي مضمون هجڻ ضروري آهي، ۽ ان ۾ حوالا نه هجن ته منتظم (ايڊمن) ان مضمون ۾ {{حوالا ڏيو}} يا ڪنهن خاص ٽيگ يا جملي سميت {{حوالو گهربل}} لڳائي ڪري واپرائيندڙ/واپرائيندڙن کي ڪجهه مُهلت ڏئي سگهي ٿو. ٻي صورت ۾ اهڙو مواد تمام جلد ڊانهيو ويندو.

اڳئين صفحي تي حوالا شامل ڪرڻ جي طريقيڪار سميت نمونو ڏسو.