سنجوگيتا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
سنجوگيتا
First appearance1148 CE
Created byچاند باردائي
Based onپرٿوي راج رس
Information
Titleڪنوج جي شھزادي
Familyگاڊوالا خاندان (ڄمڻ کان وٺي)
Chahamanas (شادي کان وٺي)
Spouseپرٿويراج چوھاڻ
Relativesجيئچند (پيءُ)
Religionھندومت

سنجو گيتا (وفات 1192دهلي ۽ اجمير آخري هندو حاڪم پرٿويراج چوھاڻ جي زال ۽ قنوج حڪمران اڪرم چندر جي ڌيءُ ھئي.

حياتي نامو[سنواريو]

Abduction of Samyukta

شروعاتي حالتون[سنواريو]

سنجوگيتا بابت دهلي ۽ اجمير جا اتهاسڪار خاموش آهن. سنجوگيتا جا تفصيلي حالات يا ابتدائي حالات جي متعلق پڻ شاهديون ۽ تاريخ دستياب ناهي، باقي پهريون ڀيرو هن جي باري ۾ ٻارنهين صدي جي هڪ وڏي هندوشاعر چند باردئي پنهنجي شاعري جي لکڻين پرٿوي راج رس ۾ لکيو آهي. اڃا تائين اتهسڪار ۽ تحقيقدان پرٿوي راج رس نالي ڪتاب کانسواءِ سنجوگيتا جي زندگي جي حالتن ڄاڻڻ لاءِ ٻئي ڪابه ڪتاب يا وسيلو موجود ناهي. سنجوگيتا بابت تفصيل پرٿوي راج رس نالي ان لکڻي ۾ ڪنوج جي تاريخ يعني ’’قنوج کنڊ‘‘ ۾ ملي ٿي. قنوج کنڊ بابت سنجوگيتا حَسِين ناري هُئي. مٿي ذڪر ڪيل شاعر (يعني چند باردئي) اِن ناري کي خوبصورتي جي بنياد تي وشنو جي اوتار قرار ڏئي ٿو (اها ڳالهہ رڳو داستانِ شاعري کي گهڻو حَسِين ترين بڻائڻ جي لاءِ شاعر جي مبالغا آرائي تي ٻڌل آهي). هو حَسِين هئڻ سان گڏگڏ سُلڇڻي (حُسن اِخلاق) ۽ نيڪي جي لاءِ پنهنجي زماني ۾ نارين جي فهرست ۾ ڳڻي ويندي آهي. [1]

خانداني تفصيل[سنواريو]

دهلي ۽ اجمير جو آخري هندو حڪمران (راجا) پرٿوي راج چوهاڻ ۽ قنوج جو حڪمران راجا جي چندر، ٻنهين راجپوت قوم سان تعلق رکندو هيو پر پرٿوي راج چوهاڻ چوهاڻ قوم جو سربراهہ هيو ۽ جي چندر راٺور قبيلي جو سربراهہ هيو ۽ اِنهن ٻنهين ۾ ڏاڍي دشمني هلندي ايندي هئي. جڏهن پرٿوي راج چوهاڻ جي قسمت جو ستارو چمڪيو ت تہ هن قديم هندو شاهي رسم اشوميڌ ڪيو ۽ پاڻ حڪمران بڻجي ويو. 1185ع ۾ قنوج ۾ جڏهن جي چندر راجائن ۽ شهزادن کي سنجوگيتا جي شادي لاءِ سوئمبر جي رسم ۾ دعوت ڏني تہ پرٿوي راج چوهاڻ کي باوجود دشمني جي پڻ ڪانڍ ڏنائين. چند باردئي لکيو آهي تہ پرٿوي راج چوهاڻ پڻ سوئمبر ۾ شرڪت ڪرڻ چاهي پيو پر دشمني هوندي نہ وڃي سگهيو. جي چندر پرٿوي راج چوهاڻ جو هڪ سونهري مجسمو ٺهرائي دربار ۾ لڳايو تہ ٻين راجائن کي ٻُڌائي سگهجي تہ سندس دعوت جي باوجود پرٿوي راج چوهاڻ اِن دعوت ۾ شريڪ نہ ٿيو. سنجوگيتا اِن کان اڳ پرٿوي راج چوهاڻ جي دِليري ۽ بهادري جا قصا ٻُڌا هيا، تنهنڪري هو سوئمبر جي رسم دوران گُلن جي مالها پرٿوي راج چوهاڻ جي مجسمي تي وجهي چُڪي هئي ۽ اُنکي بطور پنهنجو مُڙس پسند ڪيائين. پرٿوي راج چوهاڻ کي جڏهن اها ڳالهہ معلوم ٿي تہ هن قنوج تي پنهنجي بهادر سردارن سميت حملو ڪري سنجوگيتا کي اُن جي شاهي محل ۾ اُن جي پيءُ سامهون کڻي دهلي کڻي آيو. اِن دوران دهلي جي رستي ۾ پان روز تائين لڙائي ٿيندي رهي پر پرٿوي راج چوهاڻ اِن ناري کي پاڻ کان پري نہ ٿيڻ ڏنو. [2]

سنجوگيتا ۽ پرٿوي راج چوھاڻ، دهلي ۾[سنواريو]

جڏهن پرٿوي راج چوهاڻ سنجوگيتا کي دهلي کڻي آيو ته اُن جي حُسن جمال اهڙو غالب آيس تہ پاڻ حيران ٿي ويو تہ هي ڪيفيت اهڙي لڳي هيس تہ سلطنت جي ڪاروبار کان بلڪل غافل ٿي ويو. هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين اهو ئي حال رهيس پر جڏهن وقت هڪ غير ملڪي مسلم حڪمران شهاب الدين محمد غوري هڪ وڏو لشڪر ساڻ وٺي دهلي تي حملي آور ٿيو تہ تڏهن سنجوگيتا دِل فريبي جو پهرياڻ ڇڏي مردانگيءَ جو لباس پاتو ۽ پنهنجي مُڙس کي عيش منجهان ڪڍيائين ۽ اُن کي قسم ڏئي ڪري ميدانِ جنگ ۾ موڪليائين. قَسم ڏيندي اُن کي چيائين تہ: ’’ميدانِ جنگ ۾، جيئن ٿي سگهي، پنهنجي ملڪ کي مسلمانن جي اِطاعت کان بچاءِ ۽ جيڪڏهن ڪُجھ نہ ٿي سگهي تہ پنهنجي جان ڏئي ڇڏجا ڇو تہ نيڪ نالو سان مرڻ سان سدائين ماڻهو زِندهہ رهندو آهي. هن چئين ڏينهن جي هستي جو ڪجهہ خيال نہ ڪرڻ کپي. وڃُ ۽ دشمن کي پنهنجي تلوار جا جوهر ڏيکار .ٻئي جنم ۾ پڻ آئون تنهنجي زال ٿيندس.‘‘[3]

ٽرائن جي جنگ[سنواريو]

1191ع ۾ پرٿوي راج چوهاڻ شهاب الدين محمد غوري جي مقابلي ۾ جنگ جي ميدان ۾ کٽي ويو هيو پر 1192ع ۾ شهاب الدين محمد غوري نئون لشڪر ساڻ وٺي دهلي تي لشڪرڪشي ڪري ڇڏي. سنجوگيتا پرٿوي راج چوهاڻ کي هٿيار پڪڙائيندي سُوَرگ لَوڪ ۾ ملڻ بابت چيو جيڪو پوءِ پورو ثابت ٿيو. پرٿوي راج چوهاڻ جنگ ۾ مارجي ويو.[4]

پرلوڪ پڌار[سنواريو]

1192ع ۾ پرٿوي راج چوهاڻ جي قتل جي خبر جڏهن سنجوگيتا ٻُڌي تہ هن تُرت ئي قديمي رسم ستي کي اِختيار ڪيو ۽ سواءِ پاڻي جي ڪوئي ٻيو اَنُ داڻو کائڻ (غذا کاڌي پيتي) جي لاءِ اِستعمال نہ ڪيائين. هن دهلي ۾ مسلم لشڪر جي داخل ٿيڻ کان اڳ پان کي باهه ۾ ويهي ستي ڪري ورتو هيو.

حوالا[سنواريو]

  1. هندو راڻيون، صفحو 66۔ مطبوعہ نول ڪشور پريس، لکنئو، 1909ع
  2. هندو راڻيون، صفحو 67/68۔ مطبوعہ نول ڪشور پريس، لکنئو، 1909ع
  3. هندو راڻيون، صفحو 68/69۔ مطبوعہ نول ڪشور پريس، لکنئو، 1909ع
  4. هندو راڻيون، صفحو 70۔ مطبوعہ نول ڪشور پريس، لکنئو، 1909ع