مواد ڏانھن هلو

سليم الزمان صديقي

هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاڪٽر سليم الزمان صديقي
Salimuzzaman Siddiqui
فائل:Salimuzzaman.jpg
پيدائش 19 آڪٽوبر 1897(1897-10-19)[1]
صوبيحا، ضلعو باره بنڪي، اتر-اولهه صوبو، برطانوي هندستان (جديد ڏينهن ۾ اتر پرديش، ڀارت ۾)
وفات 14 اپريل 1994 (عمر 96 سال)[1]
ڪراچي، سنڌ، پاڪستان
قوميت پاڪستاني
شھريت پاڪستاني
مادر علمي علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي
يونيورسٽي ڪاليج لنڊن
فرينڪفرٽ يونيورسٽي
شھرت جو ڪارڻ قدرتي شين ۾ تحقيق
نيم جا ڪيميائي اجزاء
اعزاز * رائل سوسائٽي فيلو
  • هلال امتياز (HI)
  • ايم بي اي
  • پرائيڊ آف پرفارمنس
  • ستاره امتياز (SI)
  • تمغا پاڪستان
'سائنسي پيشو'
شعبو نامياتي ڪيميا
ادارا * پاڪستان ائٽمي انرجي ڪميشن (PAEC)
  • پاڪستان ڪائونسل آف سائنٽيفڪ اينڊ انڊسٽريل ريسرچ (PCSI)
  • H.E.J انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري
  • ڪراچي يونيورسٽي
  • پاڪستان اڪيڊمي آف سائنسز

ڊاڪٽر سليم الزمان صديقي (Dr. Salimuzzaman Siddiqui)، (19 آڪٽوبر، 1897ع - 14 اپريل، 1994ع) هڪ پاڪستاني نامياتي ڪيميا دان هو جيڪو قدرتي شين ۾ ماهر هو ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪيمسٽري جو پروفيسر هو.

صديقي علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي مان فلسفي جو اڀياس ڪيو ۽ بعد ۾ فرينڪفرٽ يونيورسٽي مان ڪيميا جو اڀياس ڪيو، جتان هن 1927ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي.[2] برٽش انڊيا واپسيءَ تي هن طبيه ڪالج، دهلي ۽ انڊين ڪائونسل فار سائنٽيفڪ اينڊ انڊسٽريل ريسرچ ۾ ڪم ڪيو. هو بعد ۾ پاڪستان هليو ويو ۽ پاڪستان ڪائونسل آف سائنٽيفڪ اينڊ انڊسٽريل ريسرچ ۾ ڪم ڪيائين. هن اڳتي هلي پاڪستان نيشنل سائنس ڪائونسل قائم ڪئي ۽ 1961ع ۾ ان جو پهريون چيئرمين مقرر ٿيو، ساڳئي سال هو رائل سوسائٽيءَ جو فيلو ٿيو. بعد ۾ هن پاڪستان اڪيڊمي آف سائنسز جو گڏيل بنياد رکيو ۽ حڪومت مان رٽائرمينٽ کانپوءِ هن حسين ابراهيم جمال ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري جو بنياد رکيو.[3]

ڊاڪٽر صديقي کي نيم (Azadirachta indica)، راوولفيا (Rauvolfia) ۽ ٻين مختلف نباتات مان منفرد ڪيميائي مرڪب کي الڳ ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي. H.E.J ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري جي باني ڊائريڪٽر جي طور تي، هن ڏکڻ ايشيا ۾ مليل مختلف گهريلو ٻوٽن جي فارماڪولوجي جي تحقيق ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو ته جيئن دوائن جي اهميت جا نوان ڪيميائي مادا ڪڍيا وڃن.[4][5] پنهنجي ڪيريئر دوران، صديقي 300 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا شايع ڪيا ۽ 40 پيٽرن خاص طور تي قدرتي پيداوار جي ڪيمسٽري جي شعبي مان حاصل ڪيا. پنهنجي علمي صلاحيتن کان علاوه، صديقي هڪ شوقين مصور، شاعر ۽ مغربي موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو پڻ هو. سندس تصويرن جي نمائش آمريڪا، جرمني، انڊيا ۽ پاڪستان ۾ ٿي.[6]

شروعاتي زندگي

[سنواريو]

ابتدائي تحقيق

[سنواريو]

تحقيق جي قيادت

[سنواريو]

موت ۽ وراثت

[سنواريو]

ايوارڊ ۽ اعزاز

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

خارجي لنڪس

[سنواريو]
سانچو:S-gov
پيشرو
Office created
Science Advisor to the Prime minister Secretariat
1 January 1951 – 27 October 1959
جانشين
Abdus Salam

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Dawn
  2. Yusuf, Suhail. "Salimuzzaman Siddiqui – A visionary of science". Dawn (newspaper). حاصل ڪيل 13 January 2018. 
  3. Yusuf, Suhail. "Salimuzzaman Siddiqui – A visionary of science". Dawn (newspaper). حاصل ڪيل 13 January 2018. 
  4. Akhtar (1996), pp. 400–417
  5. Akhtar, M. (1996). "Salimuzzaman Siddiqui, M. B. E. 19 October 1897 – 14 April 1994". Biographical Memoirs of Fellows of the Royal Society 42: 400–426. doi:10.1098/rsbm.1996.0025. PMID 11619337. 
  6. Yusuf, Suhail. "Salimuzzaman Siddiqui – A visionary of science". Dawn (newspaper). حاصل ڪيل 13 January 2018.