عدالت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

Lua error in ماڊيول:Other_uses at line 49: attempt to call field 'disambiguate' (a nil value). سانچو:Globalize/West

A trial at the Old Bailey in London as drawn by Thomas Rowlandson and Augustus Pugin for Ackermann's Microcosm of London (1808–11).

ڪورٽ ھڪ اھڙو ٽربيونل آهي جيڪو انصاف فراهم ڪرڻ لاء جوڙيو ويندو آهي؛ خاص طور تي ھڪ يا ٻن ججن تي مشتمل سرڪاري باڊي جيڪي تڪرار نبيرن. ھڪ يا وڌيڪ جج بہ ڪورٽ سڏبا آهن.ليجسليٽو اسيمبلي کي بہ ڪورٽ چئبو آهي.اھڙي جاء جتي عدالتي نظام ھيٺ انصاف فراهم ڪيو وڃي ان کي بہ ڪورٽ چئبو آهي. اھڙي عمارت جتي جج تڪرار جي نبيري لاءِ ۽ انصاف جي فراهميءَ لاءِ ڪم ڪن ان کي بہ ڪورٽ چئبو آهي.[1]انھن ۾ ڪورٽ آف لا ۽ ڪورٽ آف ايڪئٽي شامل آھن. ڪورٽ آف لا اھڙو عدالتي ٽريبيونل آهي جيڪو ملڪ يا رياست جي قانونن تحت ڪم ھلائيندي آهي، ۽ ڪامن لا تحت جوڙيل قاعدن ۽ اصولن تحت ھلندي آھي. ڪورٽ آف ايڪئٽي کي ايڪئٽي وارو اختيار ھوندو آھي، اھا تڪرارن کي ايڪئٽي جي اصولن، قائدن قائم ڪيل مثالن يا پرسيڊنٽ تحت نبيرڻ جا فيصلا ڪندي آهي.اھا ڪورٽ چانسري جي ضابطن ۽ نمونن جي پيروي ڪندي آهي.[2]

ٽريفڪ ڪورٽ[سنواريو]

ڪورٽ جنھن کي پارڪنگ جي ڀڃڪڙين ۽ روڊ جي قانونن جي انحرافي جي ڏوھن جا ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ھوندو ھيو[3]

ڪمشنر جي ڪورٽ[سنواريو]

ھن ڪورٽ جو درجو عدالتي ٽريبيونل وارو نہ ھوندو آھي بلڪہ انتظامي ھوندو آھي. ھن ڪورٽ کي ڪائونٽي يا ضلعي جي معاملن ٻڌڻ جو اختيار ھوندو آھي.[4]

بيڊ سائيڊ ڪورٽ[سنواريو]

اھڙي عدالتي ڪاروائي جيڪا ڪنھن اھڙي ڌر يا گواھ جي بستري جي ڀر ۾ ھلائي وڃي جيڪو بيماري يا ڪنھن معذوري جي ڪري ڪورٽ ۾ حاضر ٿي نہ سگھي.[4]

سرڪٽ ڪورٽ[سنواريو]

اھڙي ڪورٽ جنھن جي ٻڌڻ جو اختيار گھڻين ڪائونٽين، يا ضلعن، يا رياستن تي ھجي۽ اھا ڪورٽ انھن سمورن علائقن ۾ وڃي مجلس ڪري ته ان کي سرڪٽ ڪورٽ سڏبو آهي. انگريزي قانون تحت ھر اھا ڪورٽ جيڪا ننڍن شھرن ۾ لڳي جنھن ۾ جج وڏي شھر کان اچي ان کي سرڪٽ ڪورٽ چئبو آه[4]

ڪامن ويلٿ ڪورٽ[سنواريو]

آمريڪا جي ڪجهه رياستن ۾ عام اختيار سماعت واري ھڪ ڪورٽ.پينسلوانيا رياست جي ھڪ ڪورٽ جنھن کي رياست خلاف مقدمن ٻڌڻ جي اختيار سان گڏوگڏ رياستي ادارن ۽ ڪارندن جي حڪمن جي نظرثاني جا اختيار آھن [4]

آئيني عدالت[سنواريو]

اھڙي ڪورٽ جنھن جو نالو ۽ تفصيل آئين ۾ ڏنل ھجي، ۽ جنھن کي آئين جو تحفظ مليل ھجي ان کي آئيني عدالت چئبو آھي. جيئن جرمنيءَ ۾ رياست جون آئيني عدالتون ۽ وفاقي آئيني عدالت.[4]پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ، فيڊرل شريعت ڪورٽ ۽ ھاء ڪورٽون ملڪ جون آئيني عدالتون آهن.

ڪائونسلر ڪورٽ[سنواريو]

ڪورٽ جيڪا ڪنھن ملڪ جو ڪائونسلر ڪنھن ٻئي ملڪ جي علائقي ۾ ھلائيندو آھي. اھي ڪورٽون ملڪن جي وچ ۾ عھدنامن ذريعي ٺھنديون آھن جن کي صرف سول ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ھوندو آھي. آمريڪا جي آخري ڪائونسلر ڪورٽ مراڪش يا موروڪو ۾ ھئي جنھن کي 1956 ۾ ختم ڪيو ويو.[4]

حوالا[سنواريو]

  1. Brayan A. Garner: Black's Law Dictionary: 10th edition page 431
  2. Brayan A. Garner: Black's Law Dictionary: 10th edition page 430، 431
  3. Brayan A. Garner: Black's Law Dictionary: 10th edition page 40
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 4.5 Brayan A. Garner: Black's Law Dictionary: 10th edition page 430