الطاف شيخ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

الطاف شيخ (Altaf Shaikh) سنڌﻱﺀَ ۾ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻲ ﺟﻲ ﺻﻨﻒ ﺟﻲ ﺣﻮﺍﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﻣﺸﻬﻮﺭ ليکڪ. سنڌ ﺟﻮ ﻫﻲ ﺍﻧﻮﮐﻮ ۽ گهڻو ﻟﮑﻨﺪڙ ليکڪ ﻃﺒﻴﻌﺖ ﺟﻮ نهٺو ۽ ﻣﺤﺒﺘﻲ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺁﻫﻲ، سڄي ﺩﻧﻴﺎ ﺟﺎ ﺳﺎﻣﻮنڊﻱ ﺳﻔﺮ ڪﻴﺎ ﺍٿس ۽ ﺷﺎﻳﺪ ﺋﻲ ڪﻮ ملڪ ﻫﺠﻲ ﺟﻴڪﻮ ﻧﻪ ڏٺل ﻫﺠﻴﺲ . ﻫﻦ ﮐﻲ سنڌ ﺟﻮ ﺳﻨﺪﺑﺎﺩ ﭼﻮڻ ۾ ڪﻮ ﺑﻪ ﻭڌﺍﺀُ ﻧﻪ ٿيندﻭ .

جنم[سنواريو]

الطاف ﺷﻴﺦ 14 ﻧﻮﻣﺒﺮ 1944ع ۾ ﻧﻮﺍﻥ ﻫﺎﻻ، سنڌ, پاڪستان ۾ ڄاﺋﻮ.[1].

سوانح[سنواريو]

سڄي ﺩﻧﻴﺎ ﮔﻬﻤﻲ، ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﺳﻔﺮﻥ ﮐﻲ سهيڙﻱ، ڪﺘﺎﺑﻲ شڪﻞ ڏيڻ ﻭﺍﺭﻭ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﺎ ﻟﮑﻨﺪڙ ليکڪ ﺁﻫﻲ . ﺳﻨﺪﺱ ﭘﻲﺀُ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﮔﻞ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﻴﺦ ﺁﻫﻲ. ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺮڻ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﻫﻮ ﻣﺌﺮﻳﻦ ﺍﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ﺷﭙﻨﮓ ڪﺎﺭﭘﻮﺭﻳﺸﻦ، ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ﺳﺎﻥ ﻭﺍﺑﺴﺘﻪ ٿي ﻭﻳﻮ .ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﻫﻮ جڏﻫﻦ ﺑﻪ ﺩﻧﻴﺎ ﺟﻲ ڪﻨﻬﻦ ﺑﻪ ملڪ ۾ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺭﻫﻴﻮ ﺗﻪ ﺍﺗﺎﻥ ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ، ﺳﻤﺎﺟﻲ، ﺛﻘﺎﻓﺘﻲ ۽ ﻣﻌﺎﺷﻲ ﺯﻧﺪﮔﻲﺀَ ﺟﻮ ﮔﻬﺮﻭ ﻣﺸﺎﻫﺪﻭ ڪﺮﻱ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﺎ ﻟﮑﻨﺪﻭ ﻫﻮ .ﻫﻴﻞ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭼﺎﻟﻴﻬﻦ ﮐﺎﻥ مٿي ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﺎ ﻟﮑﻲ چڪﻮ ﺁﻫﻲ .ﺳﻨﺪﺱ ٻولي سهڻي ﺳﺎﺩﻱ ۽ ﺍﺛﺮﺍﺋﺘﻲ ﺁﻫﻲ .ﺳﻨﺪﺱ ﺗﺤﺮﻳﺮﻥ ﺟﻲ ﺧﺎﺹ ڳاﻟﻬﻪ ﺍﻫﺎ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ٻين ﻣﻌﺎﺷﺮﻥ ﮐﻲ سنڌ ﺟﻲ ﻣﻌﺎﺷﺮﻱ ﺳﺎﻥ ڀيٽيندﻭ ﻫﻠﻲ ٿو، جنهنڪﺮﻱ پڙﻫﻨﺪڙ ﺟﻮ ﺍﺗﺴﺎﻫﻪ ﺧﺘﻢ نٿو ٿئي ۽ ﻫﻮ يڪﺴﺎﻫﻲﺀَ ڪﺘﺎﺏ پڙﻫﻲ مڪﻤﻞ ڪﺮﻱ ٿو ﺍﻟﻄﺎﻑ ﺷﻴﺦ ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍﺀِ ﭘﺮڏﻳﻬﻲ ﺍﺩﺏ ﻣﺎﻥ ﭼﻮنڊ ڪﻬﺎڻيون ﺑﻪ سنڌيﺀَ ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ڪﻴﻮﻥ آهن . ﺍهڙﻳﻦ ڪﻬﺎڻين ﺟﺎ ڪﺠﻬﻪ ﻣﺠﻤﻮﻋﺎ، ’ لنڊﻥ ﺗﺎﺋﻴﻦ لفٽ ‘ ، ’ ﺳﻮﺯﻱﺀَ ﺳﺎﻥ ﭘﻴﺎﺭ ‘ ۽ ﺍﻧﺎميڪﺎ ﺁﻫﻦ . ﺳﻨﺪﺱ ڪﺠﻬﻪ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﺎ ’ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺳﺎﮔﺮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺳﺎﺣﻞ ‘ ، ’ ﺑﻨﺪﺭ ﺑﺎﺯﺍﺭﻳﻮﻥ ‘ ، ’ ﺳﻤﻮنڊ ﺟﻦ ﺳﺎڻيهه ‘ ، ’ ﺟﺎﭘﺎﻥ ﺟﻦ ﺟﻲ ﺟﻲﺀَ ۾،’ ﺍﺭﺍﺋﻮنڊ ﺩﻱ ﻭﺭلڊ ۽ ’ ﺍﻱ ﺟﺮﻧﻲ ٽو ٿائيلينڊ ‘ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﺁﻫﻦ . ﻣﻴﺮﻳﻦ اڪيڊﻣﻲﺀَ ۾ ﺍﺳﺘﺎﺩ ۽ ﺑﺤﺮﻳﻪ ڪﺎﻟﻴﺞ ۽ ﺍسڪﻮﻝ، ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ﺟﻮ ﭘﺮﻧﺴﭙﺎﻝ ﺭﻫﻲ چڪﻮ ﺁﻫﻲ . ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﺭٽاﺋﺮ ٿي چڪﻮ ﺁﻫﻲ ۽ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ۾ رهي ٿو. ﺳﻨﺪﺱ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﺎ ﻫﺮ ﻋﻤﺮ ﺟﻲ پڙﻫﻨﺪڙﻥ ﺟﻲ ﺩﻟﭽﺴﭙﻲﺀَ ﺟﻮ ﺳﺒﺐ ﺁﻫﻦ.

تعليم[سنواريو]

شروعاتي تعليم هالا جي اسڪول مان ورتائين. پرائمري جي پڙهائي کان پوءِ هالا جي مخدوم غلام حيدر اسڪول ۾ پڙهيو. هالا مان ٽي درجا انگريزي جا پڙهڻ کان پوءِ ڪيڊٽ ڪاليج ۾ آيو، جتي پنج سال رهي مئٽرڪ ۽ انٽر پاس ڪيائين. جتان انٽر کان پوءِ مئرين انجنيئرنگ جي پڙهائي ڪرڻ لاءِ سنڌ جي پهرئين ۽ اڪيلي شاگرد جي حيثيت سان چٽگانگ (بنگلاديش) ويو، جيڪو اُن وقت اوڀر پاڪستان هو. مئرين انجنيئر ٿيڻ کان پوءِ ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي مالمو (سويڊن) مان ميريٽائيم ايڊمنسٽريشن (انجنيئرنگ) ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين.

لکڻيون[سنواريو]

پنهنجي لکڻ جي حَوالي سان، ملندڙ اُتساهه جو ذڪر ڪندي هڪ انٽرويو ۾ الطاف شيخ ٻڌايو: ”ڪاليج جي مخزن ۾ سنڌي سيڪشن ڪڍڻو هو. سنڌي لکڻ وارا گهٽ هئا. مون ۽ منهنجي ڪلاس ميٽن پنهنجي ۽ ٻين پاران لکي سنڌي سيڪشن مڪمل ڪرڻ ٿي چاهيو، نه ته اهو خوف رهيو ٿي ته ماڻهو کلندا ته سنڌ ۾ ڪاليج ٿي ڪري به سنڌي سيڪشن ڪونهي. پوءِ اڳتي هلي بنگال مان دل چاهيو ته پنهنجي ديس جي ماڻهن کي بنگال جي سرزمين جون دلچسپ ڳالهيون ٻڌايان.“ انهيءَ جذبي تحت الطاف شيخ لکڻ شروع ڪيو ۽ گڏوگڏ ڪهاڻين ۽ افسانن کي سنڌي ۾ ترجمو پڻ ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪي هو ڇپجڻ جي لاءِ هو مختلف اخبارن ۽ رسالن کي موڪليندو هو. سندس اهي ليک روزاني ”عبرت“ ۽ ٻين اخبارن ۾ شايع ٿيندا هئا ۽ اڳتي هلي الطاف شيخ لکڻ پنهنجو معمول بنائي ڇڏيو ۽ هينئر سندس پنجاهه کان به وڌيڪ ڪتاب ڇپيل آهن، انهن مان ڪيترن ڪتابن جا ته چار چار ۽ پنج پنج ڇاپا پڻ شايع ٿي چڪا آهن.

  • الطاف شيخ جي ڪتابن کي بنيادي طور تي ٽن قسمن ۾ ورهائجي سگهجي ٿو.
  • (1) اهي ڪتاب جيڪي باقاعده سفرناما آهن ۽ انهن ۾ مختلف ملڪن جي حال احوال، سير سپاٽي، ۽ سامونڊي زندگي وغيره جو ذڪر ڪيل آهي.
  • (2) اهي ڪتاب جيڪي پاڻ ترجمو ڪيائين. انهن ۾ ناول، ڪهاڻي ۽ مهم جوئي جهڙا موضوع شامل آهن. انهن کي سفرنامن ۾ ڳڻي نٿو سگهجي. انهي حساب سان الطاف شيخ هڪ سٺو مترجم پڻ آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ کي ٻاهرين ادب مان ترجمو ڪري مالا مال ڪيو آهي. سندس اهڙن ڪتابن ۾ ”اناميڪا“ (ڪهاڻيون)، ”خدا ڏي خط“ (ڪهاڻيون)، ”موج نه سهي مڪڙي (مهم جوئي)، ”لنڊن تائين لفٽ“(ڪهاڻيون)، ”ٻارن جون آکاڻيون“ (ڪهاڻيون)، ”ٽوڪيو جي گيشا گرل“ (ناول)، ”ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ“ (ڪهاڻيون)، ”ڏاهي جهرڪي ۽ ٻيون آکاڻيون“، ”سوزي سان پيار“ وغيره شامل آهن.

(3) اُهي ڪتاب جيڪي مرتب ڪيل اٿس، جهڙوڪ: بهترين سفرناما، جنهن ۾ آغا سليم ۽ ٻين ليکڪن جي سفرنامن کي سهيڙيو اٿائين، يا ”الطاف شيخ جي نوٽ بوڪ تان“ جنهن ۾ سندس مطالعي هيٺ آيل ڪتابن وغيره مان ڪوٽيشن ڏنل آهن. اهڙن ٻين ڪتابن ۾ ”رُٺي آهي گهوٽ سان“ (جنهن ۾ پهاڪا آهن) Proverbs of Far East شامل آهن. ائين، الطاف شيخ جي باري ۾ اها ڳالهه چٽي هئڻ گهرجي ته هو نه رڳو بهترين سَفرناما لکندڙ آهي، پر هڪ سٺو سنڌيڪار ۽ سهڙيندڙ به آهي.

الطاف شيخ جا ڪتاب[سنواريو]

الطاف شيخ جا هيستائين پنجاهه کان به مٿي ڪتاب ڇپيل آهن. انهن مان ڪي ڪتاب اردوءَ ۾ ڇپيا اٿس، جن جو ترجمو پڻ پاڻ ڪيو اٿائين. الطاف شيخ جو پهريون ڪتاب ”اناميڪا“ ڇپيو هو. جيڪو ترجمو ڪيل ڪهاڻين تي مشتمل هو. الطاف جي ڇپيل ڪتابن جي فهرست هن ريت آهي: ”اناميڪا“،”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“،”پيار جي گهٽ“، ”وايون وڻجارن جون“،”سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين“،”سمنڊ جي سيوين“،”سي ئي جوڀن ڏينهن“، ”ڪويت ڪنارا“، ”بندر ديسان ديس“،”جاني ته جهاز ۾“، ”جپان جن جي جيءَ سان“،”ڳالهيون تنهن جپان جون“،”خدا ڏي خط“،”جپان رس“،”سانباهو سمونڊ جو“،”موج نه سهي مڪڙي“،”الطاف شيخ جي نوٽ بوڪ تان“، ”بهترين سفرناما“، ”لنڊن تائين لفٽ“، ”ٻارن جون آکاڻيون“، ”ٽوڪيو جي گيشا گرل“ (اهو ڪتاب مس سدا بهار چنبيلي جي نالي سان پڻ ڇپيل آهي)، ”مڪلي کان ملاڪا تائين“، ”سنگاپور ويندي ويندي“، ”ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه“،”ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ“، ”دنگيءَ منجهه درياهه“، ”ڏاهي جهرڪي ۽ ٻيون آکاڻيون“،”جت جَر وهي ٿو جال“، ”انڊلٺ“، ”ڳالهيون آهن ڳچ“، ”اي جرني ٽو ٿائلينڊ“،”سوزي سان پيار“،”Proverbs of Far East“،”او هريا جي عميق ڏي“،”اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا“، ”ملير کان مالمو“، ”جت برف پئي ٿي جام“،”ڪراچي کان ڪوپن هيگن“، ”ارائونڊ دي ورلڊ“، ”رٺي آهي گهوٽ سان“،”يورپ جا ڏينهن يورپ جون راتيون“، ”اي روڊ ٽو مدينھ“،”هيلنسڪي جي حسينا“،”سنگاپور ٿو سڏ ڪري“، ”آل ابائوٽ سنگاپور“،”ڀلي پارتان ڀيرو“،”بوتلن جوسفر“،”ملائيشيا منهنجي من ۾“،”ملائيشيا 12سالن کان پوءِ“،”سمندر ڪي دِن، سمندر ڪي راتين“ (اردو)، ”ملائيشيا ڪي دِن“، ”يورپ ڪي دِن“ (اردو) ايران ڏي اُڏام.

الطاف شيخ جي انهن ادبي ڪاوشن کي هر سطح تي پسند ڪيو ۽ کيس ساراهيو ويو آهي ۽ سندس خدمتن جي مڃتا ڪئي ويئي آهي. انهي سلسلي ۾ مدد علي سنڌي روزاني هلال پاڪستان جي 26جنوري 1991ع جي اشاعت ۾ ”هڪ تاثر“ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي لکيو آهي: ”سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامن جي صنف تي جڏهن به تاريخ لکي ويندي ته مؤرخ جو قلم يقيناً الطاف جي نانءُ تي اچي بيهي رهندو. ڇاڪاڻ ته الطاف شيخ ئي اهو اڪيلو ليکڪ آهي، جنهن جي سفرنامن سنڌي ٻولي کي تمام گهڻو خزانو ڏنو.“ الطاف شيخ جي سفرنامن نه رڳو سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪيو، پر سفري ادب جي پڙهندڙن ۾ پڻ واڌارو ڪيو. انهي سلسلي ۾ علي احمد بروهي جي لفظن ۾: ”الطاف شيخ سفرنامو لکي، پنهنجي ملڪي ماڻهن کي ديس پرديس جي ماڻهن سان روشناس ڪرائي ٿو ته جيئن سندس ملڪي ماڻهن ۾ مسافري ڪرڻ ۽ ملڪ گهمڻ جو شوق پيدا ٿئي. هونئن به هيرن جو قدر کاڻ ۾ ٿورو ئي ٿيندا آهي، جتي هو ڍڳ ۽ ڍيريون ٿي پيل هوندا آهن.“ [2] [3]

حوالا[سنواريو]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%84%D8%B7%D8%A7%D9%81%20%D8%B4%D9%8A%D8%AE
  2. سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب (يوسف سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-10-01 
  3. ڪتاب: هڪ سئو سنڌي اديب، ليکڪ: يوسف سنڌي