سارنگ جويو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سارنگ جويو سنڌ جي برک اديب ڏاهي محقق ۽ سياسي اڳواڻ تاج جوئي جي گهر ۾ 10 فيبروري 1986ع ۾ ڳوٺ مجيد ڪيرئي تعلقي سڪرنڊ ضلعي نوابشاھ ۾ جنم ورتو. سارنگ ابتدائي تعليم پهرين گورنمينٽ پرائمري اسڪول مجيد ڪيرئي ۽ پوءِ گورنمينٽ بچل شاھ پرائمري اسڪول سومرا ڳوٺ تعلقي قاسم آباد ضلعي حيدرآباد مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ نور محمد هاء اسڪول حيدرآباد مان جڏهن تَ يارهين جماعت پيرا انجنيئرنگ شعبي ۾ گورنمينٽ مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد ۽ ٻارهين گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج قاسم آباد حيدرآباد مان پرايائين. گريجوئيشن ۽ پوسٽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ فرسٽ ڪلاس ٽين پوزيشن ۾ حاصل ڪيائين. سارنگ جوئي لکڻ جي شروعات ´شاھ لطيف` جي شاعريءَ بابت مضمون لکڻ سان ڪئي. ان کان علاوه سندس تاريخ، سياست ۽ لطيفيات تي ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ مضمون مخطلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آھن. سارنگ جويو ليکڪ محقق سياسي ۽ سماجي ڪارڪن هجڻ سان گڏوگڏ ڪيترن ئي ادبي ۽ سياسي رسالن جو ايڊيٽر ۽ سب ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آھي. هن وقت هو جڳ مشھور اداري زيبسٽ جي سنڌ متعلق ڪم ڪندڙ اداري سنڌ اڀياس اڪيڊمي ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ آھي. پنهنجي علمي علمي ۽ ادبي سڃاڻپ کان علاوه سارنگ هڪ سياسي ۽ سماجي ورڪر طور پڻ پاڻ مڃايو آھي. هن وقت هو سنڌ سڄاڳي فورم نالي هڪ سياسي ۽ سماجي تنظيم جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري آھي. 11 آگسٽ 2020ع جي هڪ رات سارنگ پنهنجي اختر ڪالوني ڪراچيءَ واري گهر مان جبري طور کنڀي گم ڪيو ويو جيڪو شديد عوامي ردعمل بعد ڇهن ڏينهن کانپوءِ بازياب ٿي گهر موٽيو.[1]

 

حوالا[سنواريو]

  1. "سارنگ جويو". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2021-01-12.