سنڌ سڄاڳي فورم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ سُڄاڳي فورم، انگريزي( Sindh Renaissance Forum) هڪ سنڌ جي شاگردن، مزدورن ۽ عام ماڻھن تي مُشتمل سماجي، اڪانامي ۽ سياسي رابطن جو پليٽ فارم آھي، جيڪو سنڌ سان جُڙيل مسئلن جي حل لاء سرگرم آھي.[1] ايڊووڪيٽ مُحب آزاد لغاري (ج.س) ۽ سارنگ جويو ،[2] سُهڻي جويو، ۽ گل حسن لاکو هن فورم جا مرڪزي عُهديدار ۽ باني آھن.

تعارف[سنواريو]

فورم سنڌ جي ماڻھن کي سائنسي، مُعاشي، تاريخي، انقلابي ۽ ادبي شعور ڏيڻ لاء ٺھيو. فورم سنڌ جو قومي، تخليقي نظرياتي ۽ ثقافتي ادارو آھي. فورم سنڌ ۾ نئين جاڳرتا(رنائسان) شروع ڪرڻ لاءِ سنڌ جي باشعور ماڻھن جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي، فني، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي سرگرمين جو گڏيل پليٽ فارم آھي.

مقصد[سنواريو]

  • سنڌ ۾ علمي ادبي جاڳرتا.
  • سنڌ ۾ سياسي سماجي جاڳرتا.
  • سنڌ جي تاريخ، ڪلچر، ٻولي، علم، ادب، آرٽ، فنون لطيفه ۽ موسيقيءَ تي ڪم.
  • هنري، ٽيڪنيڪي ۽ معاشي پروگرام.

ڪلپنائون[سنواريو]

  • سنڌ ۾ علمي ۽ ادبي جاڳرتا لاءِ عوامي ۽ آنلائين لائبريرين جو قيام عمل ۾ آڻڻ.
  • سنڌ ۾ علمي ادبي بحث مباحثن، مڪالمن، اسٽڊي سرڪلن، علمي، عقلي ۽ سائنسي ڳالھ ٻولھ جي رجحان کي هٿي وٺرائڻ.
  • عوامي ۽ انقلابي شعور جي ادب کي هٿي وٺرائڻ.
  • ڪلچرل جدوجهد ذريعي قومي سڄاڳي ۽ قومي ٻڌيءَ جي ماحول کي هٿي وٺرائڻ.
  • ٽيڪنيڪي تعليم ۽ هنرن سميت ننڍن روزگارن جي معاشي پروگرامن تي ڪم ڪرڻ.
  • تربيت يافتا سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي ڪيڊر جي تياري لاءِ نرسريءَ جو ڪردار ادا ڪرڻ.

مشن[سنواريو]

تربيت يافتا ۽ ترقي يافتا روشن، آزاد ۽ سکي ستابي سنڌ جو قيامُُ، فورم جي اهم ترجيحن ۾ شامل آھي.

ميمبرشپ[سنواريو]

هر سنڌ دوست ۽ سيڪيولر مرد توڙي عورت، شاگرد توڙي شاگردياڻيون فورم جا ميمبر ٿي سگھن ٿا. فورم جا دروازا سنڌي قلمڪارن، اديبن، دانشورن، شاعرن، شاگردن، هارين، پورهيتن ۽ مزدورن لاءِ کليل آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. https://awamiawaz.pk/550028/
  2. Guramani, Imtiaz Ali | Nadir. "Missing human rights activist Sarang Joyo returns home in Karachi". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2021-01-10.