سياسي ادب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سياسي ادب تمام گهٽ لکجي رهيو آهي. ان ۾ به وري معياري سياسي ادب ته صفا نه هجڻ جي برابر آهي. فردن وانگر قومن جي زندگين ۾ به جمود ۽ لاٿ جا ڏينهن ايندا آهن. اهڙن ڏينهن ۾ گهڻو ڪري ته سمورا شعبا، پر جي سمورا نه، تڏهن به ڪيترائي اهم ۽ خاص شعبا، ان جمود ۽ لاٿ جو شڪار ٿيندا آهن. ان جمود جي شروعات به گهڻي ڀاڱي سياست کان ٿيندي آهي، ته ان جو ٽوڙ به گهڻو ڪري اِتان ئي نڪرندو آهي. ان ڪري سياسي عمل جي پختائي ۽ سگهه ڪنهن به سماج جي ارتقا ۽ اؤج جي پرک جو هڪڙو اهم پئمانو آهي. سياسي ادب جو سرجڻ سياسي عمل جي پختگي، رواني ۽ ڪمال جو هڪڙو خاص اهڃاڻ آهي. جڏهن سياسي عمل پنهنجي ڪنهن خاص سطح تي روان دوان هوندو آهي، تڏهن اهو ان سطح جو سياسي ادب پڻ پيدا ڪندو آهي. اهو جيڏو سگهارو هوندو، ايڏو ئي پختو، وڏو ۽ عظيم ادب پيدا ڪندو. وري ڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿيندو آهي ته سياسي عمل بنهه ڪمزور هوندو آهي ۽ انيڪ اندرين توڙي ٻاهرين رڪاوٽن ۾ گهيريل هوندو آهي؛ پر ان مرحلي تي اهو جيئن ته انهن سمورين رڪاوٽن ۽ ڦورو قوتن سان ويڙهه هوندو آهي، ان ڪري اهو پنهنجي پاڻ مان سگهارو سياسي ادب ڄڻيندو آهي. پر جيڪڏهن سياسي عمل اڃا پنهنجي اوسر جي ان مرحلي ۾ مس هوندو آهي جو اهو مڙيئي پيرڙا کڻي سگهي، ته ان صورت ۾ وري سياسي ادب ان کي سگهه ڏيندو آهي. هيءُ عمل به ڪائناتي عملن وانگر هڪ پاسائون، ڪن حالتن ۾ گهڻ پاسائون هوندو آهي. هڪ شئي ٻي شئي تي اثر وجهندي به آهي، ته ان جا اثر قبوليندي به آهي. گڏوگڏ اثر وجهڻ ۽ اثر وٺڻ جي ان سڄي ڪارگذاريءَ دوران بنهه نون اثرن، ڪارگذارين ۽ لقائن کي پڻ پيدا ڪندي آهي. ان ڪري هيٺ مٿانهيون ۽ گهاٽيون واڌيون اچڻ جي باوجود ارتقا ۽ اڳڀرائيون رڪجنديون ناهن، ۽ سست رفتاري هوندي به قافلا اڳتي ڪاهيندا هلندا آهن. [1] [2]

حوالا[سنواريو]

  1. سياست، تاريخ ۽ ڪردار (عيسى ميمڻ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-12-14 
  2. ڪتاب: سياست، تاريخ ۽ ڪردار