مواد ڏانھن هلو

ستين جو آستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مير ابوالقاسم نمڪين جي قبرستان واري ٽڪري کي، قبرستان ٺھڻ کان اڳ ستين جو ٿان سڏيو ويندو ھو، يعني ستين جو اسٿان، جنھن کي فارسي ۾ ”ستياسر“ جي نالي سان لکيو ويو آھي، جيڪو غالبن ”سرتين“ يا ”ستين جو اسٿان“ جو بگاڙ ڀانئجي ٿو. اڪبر نامي ۾ ان کي ”ڪوھ ھفت دختر“ لکيو ويو آھي، ”ماثرالامرا“ جو مصنف انھي ٽڪري کي ”کار ماتري“ سڏي ٿو. ھي ٽڪري روهڙي ۾ واقع آھي.[1][2]

مڪانيت

[سنواريو]

مير ابوالقاسم نمڪين جو قبرستان روھڙي جي سول ڪورٽ جي ويجھو، اتر ۽ اولھ جي ڪنڊ تي درياء جي ڪپ تي ھڪ بلند ٽڪري مٿان ٺھيل آھي. اوڀر کان ٻن فرلانگن جي پنڌ تي لئنسڊائون پل ۽ ايوب پل آھن. سامھون اتر کان درياء جي ٻي ڀر سکر جو شھر آھي ۽ ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي ٻن ٽن فرلانگن جي فاصلي تي روھڙي جو شھر آھي. بکر جي قلعي جون ڊٺل ديوارون اوڀر کان ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ساڌ ٻيلو اتر کان درياء جي وچ تي سامھون موجود آھي. جاء وقوع جي لحاظ کان ھي ٽڪرو بي مثال آھي. چارئي طرف کليل ڪوھن تائين نظر پوي ٿي، قدرتي مناظر صبح شام پري پري تائين ڏسي سگھجن ٿا. سڄو ڏکڻ طرف انبن ۽ کجين جي باغن سان ڀريو پيو آھي، سکر کان ايندڙ رستو (پراڻو قومي شاھراھ) درياء جو ڪپ ڏيو، انھي ٽڪري جي پھلو کي ڇھندو روھڙي ڏانھن وڃي ٿو.[3]

تاريخي پسمنظر

[سنواريو]

ڀانئجي ٿو ته اھا ننڍي ٽڪري ڪنھن زماني کان پنھنجي ھم جنس جبلن کان جدا ٿي اتي رھجي وئي آھي. مشھور روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته اتي ستين جو اسٿان ھو ۽ اھا جاءِ انھن خدا رسيده بيبين جي رھائش سبب متبرڪ سمجھي ويندي ھئي. مير ابوالقاسم نمڪين جڏھن بکر ۾ حاڪم ٿي آيو ته بکر کي ئي پنھنجي رھائش لاء پسند ڪيائين ۽ اتي ئي پنھنجا يادگار ٺھرائڻ شروع ڪيائين. تڏھن انھي ٽڪري جو ماحول، جاء وقوع ۽ ڀرپاسي جا ڏيک کيس پسند آيا ۽ ھن انھي ٽڪري جي چوٽي کي صاف ڪرائي، ھموار ڪري، چوڌاري ديوار ڏئي، پڪين سرن جو فرش ٻڌرائي، چئني ڪنڊن کان چار منارا ۽ گوشا ٺھرائي، ان کي پنھنجي خاندان جي قبرستان طور ڪتب آڻڻ جو ارادو ڪيو، مگر ان کان اڳ جو فوتين کي اتي دفن ڪيو وڃي، مير صاحب ان جاءِ کي چانڊوڪين راتين ۾ مجلس آراتي لاءِ ڪتب آندو ۽ ان جو نالو ”صفه صفا“ رکيائين.

لب تاريخ جي مصنف انھي پھاڙي کي ”قاسم خواني“ جي نالي سان سڏيو آھي، انھي پھاڙي جي ايترن جدا جدا نالن جي ھوندي به خبر نه ٿي پوي ته کار ماتري يا صفه صفا تي ستين جو ٿان نالو ڇو پيو آھي، ڀانئجي ٿو ته صفه صفا تي ستين جو ٿان ٿيو آھي.

سنڌ جي ھڪ ڏند ڪٿا تي ھڪ ھندو تاريخ نويس لکيو آھي ته جڏھن مسلمانن بکر تي حملو ڪيو ھو تڏھن راجپوت عورتن پنھنجي ست بچائڻ لاء انھي جڳھ تي پاڻ کي باھ ۾ ساڙي آپگھات ڪيو ھو، جنھن ڪري ان تي ستين جو ٿان نالو پيو آھي، پر پوء مسلمانن ان جاء تي قبرون ٺھرائي ان جاءِ کي بگاڙي ڇڏيو آھي. اھو حملو ڪڏھن ٿيو ۽ راجپوت بکر تي ڪڏھن حاڪم ھئا ان بابت ڪا به روشني پيل نه آھي.

ڏکڻ طرف چئن ڪوھن تي سنڌ جو تمام پراڻو گادي جو ھنڌ اروڙ آھي جنھن کي عربن فتح کان پوءِ الور سڏيو، ان زماني ۾ اھو مير صاحب جي جاگير ۾ ھو، انھي جي ڪنھن ڳوٺ ۾، جنھن جو نالو ”نيھ بدره“ (غالبن نيھ ٽڪر وارو علائقو) ھو، مير صاحب گدرن جا فصل لڳرائيندو ھو، گدرن کائڻ جو پاڻ به شوقين ھو ۽ ويلي تي ھڪ مڻ گدرا کائي ويندو ھو. سنگتين، ساٿين، عالمن ۽ اديبن کي چانڊوڪين راتين ۾ انھي ٽڪري تي گڏ ڪري مجلسون ڪري قدرت جي نظارن مان لطف اندوز ٿيندو ھو. ”ماثرالامرا“ لکي ٿو ته چانڊوڪين راتين ۾ انھي ٽڪري جو نظارو بي نظير عالم ھو.

انھي صاف صحن تي چانڊوڪين راتين جون مجلسون مير صاحب جي زندگي تائين قائم رھيون. 1018ھ ۾ مير نمڪين فوت ٿيو ۽ پھريون پاڻ ان ٽڪري تي آرامي ٿيو ۽ بعد ۾ اصلي مقصد مطابق اھو سندن خاندان جو قبرستان ٿي ويو. ڏکڻ کان مٿي پھچڻ لاء جيڪا ديوار آھي ان جي ٻنھي پاسن کان خوبصورت صحرا ٺھيل آھن جيڪي ڏينھن جي آرام جي لاء ڪتب ايندا ھئا، اھڙي طرح اتر جي طرف کان اوڀر ۽ اولھ جي ڪنڊن تي ٻه حجرا آھن جن جو رخ درياء طرف آھي، جيڪي صبح شام درياء جي نظاري ڪرڻ لاء نشيمن جو ڪم ڏيندا ھئا. فرش جي سطح کان پنج فوٽ چار انچ اوچائي تي ھڪ ٿلھو ٺھيل آھي جنھن جو ڊيگھ 48 فوٽ 6 انچ ۽ ويڪر 38 فوٽ آھي، ان تي ڏھ قبرون آھن، جن مان مکيه مير ابوالقاسم نمڪين جي آھي. انھي ٿلھي تي چئني ڪنڊن تي چار منارا ترڪي منارن جي نموني تي آھن جيڪي پنج فوٽ کن اوچا ٿيندا. نمبر 9 ۽ 10 قبرون چوني جي پلاسٽر جون آھن باقي سڀ پٿر جون آھن جن جو سمورو لوڙھ اڪر جي بھترين ڪم جو شاھڪار آھي.

ھڪ ٻي روايت ۾ حڪيم امير علي شاھ مرحوم فتح پوري (رياست خيرپور) لکي ٿو ته: غزنوي گھراڻي جي سنڌ تي قبضي ڪرڻ وقت روھڙي جي انھي جبل تي ست اولياء اچي چاليھو ڪڍڻ ۽ عبادت ڪرڻ لڳا جن جا نالا ھي آھن: شيخ عبدالحميد سھروردي، عبدالله ھريري، حمزه بن رافعه، علي بن احمد بصري، يوسف بن محمد بلخي، صفي الدان شيرازي ۽ ابوالحسن خرقاني. جڏھن اھي بزرگ ان جاء تان پنھنجو چلو ختم ڪري روانا ٿيا تڏھن تبرڪ طور ان جاء کي چڱو سمجھي مٿس ”ستين جو آستان“ نالو پيو يعني ستن ماڻھن جي رھڻ جي جاء.

مسٽر ھينري ڪزنس جي ڏنل ھڪ تصوير مان معلوم ٿئي ٿو ته اھو قبرستان زبون ٿي ويو ھو، منارا ڊھي اچي پٽ پيا ھئا، قبرون ڊھي ويون ھيون، ڪتبا منتشر ٿي چڪا ھئا، عمارت جي خاص وضع، ٽڪري جي ماحول ۽ چوڌاري جي نظارن، محڪمه آثار قديمه کي متاثر ڪيو جنھن کي ان محڪمي حفاظت ۾ وٺي، ان جي نئين سر تعمير ۽ مرمت ڪري، قبرستان کي اصلي حالت ۾ آندو، منارا ٺاھيا ويا، قبرن جي مرمت ڪري مٿن اصلي ڪتبا لڳايا ويا، فرش لڳايو ويو ۽ حدبندي واري ديوار ٻيھر مضبوط ڪئي وئي ۽ حجرن کي به مرمت ڪري استعمال لائق ڪيو ويو.[4][5]

ھن وقت تمام مضبوط حالت ۾ نہ آھي ۽ پاڪستان جي محڪمه آثار قديمه جي قبضي ۾ آھي.

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]

روهڙي

حوالا

[سنواريو]
  1. "ستين جو آستان : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-07-10. 
  2. "Tomb of Seven Sisters". SpotsClick. حاصل ڪيل 2019-07-10. 
  3. "7 سہیلیوں کا مزار - ایکسپریس اردو". www-express-pk.cdn.ampproject.org. حاصل ڪيل 2019-07-10. 
  4. کنبھر, ابراہیم. "سکھر کے ستین جو آستھان سے جڑی داستانیں". Dawn News Television. حاصل ڪيل 2019-07-10. 
  5. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-07-10.