رضيا سلطانا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(رضیہ سلطانہ کان چوريل)

رضيا سلطان یا رضيا سلطانا (شاهي نالو: جلالۃ الدين رضيہ) ڏکڻ ايشيا تي حڪومت ڪرڻ واري واحد خاتون هئي۔ هو 1205ع ۾ پيدا ٿي ۽ 1240ع ۾ انتقال ڪري وئي۔ سلطنت دهلي جي غلام گهراڻو جي بادشاهه شمس الدين التمش جي ڌيءَ هئي، ۽ هو ترڪ سلجوق نسل سا تعلق رکندي هئي ۽ ڪيترن ئي مسلم شهزادن وانگور جنگي تربيت ۽ انتظام سلطنت جي تربيت به حاصل ڪئي۔ ننڍي کنڊ جي مسلم تاريخ ۾، رضيه ئي هڪ اهڙي عورت هئي، جنهن حڪومت هلائي. رضيه جي وقت ۾ هر هنڌ جهيڙا جهٽا ۽ بغاوت پکڙيل هئي، پر هن جلد ئي، سڄي هندستان تي پنهجو اقتدار قائم ڪري ورتو. بنگال ۽ سنڌ جهڙن ڏورانهن علائقن جي گورنرن ساڻس وفاداريءَ جو اظهار ڪيو. هوءَ مردانه ڪپڙا پائي دربار ۾ ايندي هئي، ۽ گهوڙن تي سوار ٿي، فوجن جي اڳواڻي به پاڻ ڪندي هئي. هن تاخت تي ويهڻ شرط سلطان جو لقب اختيار ڪيو، ۽ نهايت هوشياري ۽ وڏي رعب ۽ دٻدٻي سان حڪومت ڪرڻ لڳي. لکنئو کان ويندي ديبل تائين سڄي ملڪ جا امير ۽ گورنر سندس فرمانبردار ۽ مطيع هئا. رضيه سلطانه جي قسمت ۾ امن امان واري حڪومت نه هئي، ويتر ان ڳالهه خرابي پيدا ڪئي، جو هن پنهنجي هڪ حبشي غلام جلال الدين ياقوت کي شاهي طبيلي جو داروغو مقرر ڪيو. جنهن سندس ترڪ سردارن کي ناراض ڪري وڌو. پنجاب جو گورنر اياز ۽ ڀٽندا جو گورنر التونيه، رضيه سلطانه جي فرمانبرداري کان ڦري ويا. رضيه لشڪر وٺي پنجاب ۾ داخل ٿي. جڏهن سندس لشڪر ڀٽندا وٽ پهتو ته ناراض ٿيل سردارن وجهه وٺي ياقوت کي قتل ڪري رضيه کي قيد ڪيو ۽ کيس التونيه جي حوالي ڪيو، ۽ التمش جي پٽ معزالدين بهرام کي تخت تي ويهاريو. ان ڳالهه جي ڪري التونيه گهڻو مايوس ٿيو هن رضيه سلطانه کي قيد مان آزاد ڪيو، ۽ ساڻس شادي ڪئي، ان کان پوءِ دهليءَ تي ڪاهي ويو، 13 آڪٽومبر 1240ع تي بهرام کين ڪئٽل وٽ شڪست ڏني، ۽ ٻئي ڏينهن رضيه ۽ التونيه مڪاني هندن هٿان قتل ٿي ويا، رضيه سلطانه جي حڪومت ساڍا 3 سال هلي. رضيه سلطانه هڪ تمام هوشيار عورت هئي، هن ۾ حڪومت ڪرڻ جي اهليت موجود هئي هن حڪومت هلائڻ جو تجربو پنهنجي پيءُ التمش کان حاصل ڪيو هو منهاج السراج جي مُورخ جو چوڻ آهي، ته هوءَ هڪ وڏي سلطان هئي، سادي مزاج واري، انصاف پسند، همدرد، عالمن جي قدردان، عدل ۽ اڳري، عوام جي ڀلائي جي نگران، جنگي سفر مان واقف، مطلب ته هن ۾ اهي سڀ صفتون موجود هيون جيڪي هڪ بادشاهه ۾ هئڻ گهرجن.

رضيا سلطان، رضيا بيگم جو مقبرو