شمس الدين التمش
شمس الدين التمش | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
تاريخ ڄم | سال 1192 |
موت | 28 اپريل 1236 (43–44 سال) |
ٻار | رضيا سلطانا ،رڪن الدين فيروز |
ڪٽنب | غلام گهراڻو |
عملي زندگي | |
پيشو | سياستدان |
ترميم |
شمس الدين التمش 1211ع کان 1236ع تائين
التمش ترڪ نسل جو هو ننڍي هوندي ڀائرن هن کي هڪ سوداگر جي هٿ وڪڻي ڇڏيو، آخر ۾ هن کي دهليءَ جي حڪمران قطب الدين ايبڪ ڪافي رقم جي بدلي خريد ڪيو، التمش کوکرن جي بغاوت دٻائڻ ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريا، جنهن جي بدلي ۾ قطب الدين هن کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ کيس امير الامراءَ جو خطاب ڏنو. پنهنجي ذهانت ۽ قابليت جي ڪري هن بدايون جي صوبيداري حاصل ڪئي، ۽ قطب الدين ايبڪ پنهنجي ڌيءَ جي شادي التمش سان ڪرائي. التمش تخت تي ويهڻ شرط مشڪلاتن ۾ گهيرجي ويو پر هن همت نه هاري ۽ مشڪلاتن جو مردانگي سان مقابلو ڪيو. سڀ کان پهرين هن دهليءَ ويجهو فوجي بغاوت کي دٻايو، ان کان پوءِ هن پنجاب جي حڪمران تاج الدين يلدوز تي حملو ڪيو، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي خودمختار حڪومت قائم ڪرڻ ٿي چاهي. 1216ع ۾ ترائن جي ميدان ۾ هن کي شڪست ڏني. يلدوز جي مارجي وڃڻ کانپوءِ قباچه لاهور تي قبضو ڪيو. التمش هن کي 1217ع ۾ لاهور مان هن کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ هو اُچ طرف هليو ويو. التمش 1227ع ۾ هن تي حملو ڪري اُچ فتح ڪيو ته هيءُ وري بکر طرف فرار ٿي ويو. التمش بکر تي حملو ڪيو ۽ قباچه بدحواس ٿي ڀڳو ۽ جان بچائيندي ٻيڙيءَ جي حادثي جو شڪار ٿي مري ويو. خلجين بنگال جي صوبيدار کي ماري، حسام الدين کي پنهنجو حڪمران بناي، اوڌ جي صوبيدار التمش جي اجازت سان بنگال تي حملو ڪيو، ۽ حسام الدين کي اسيرن سميت گرفتار ڪيو، ۽ بنگال کي دهليءَ جي سلطنت ۾ شامل ڪري ڇڏيو.
منگولن جو حملو
[سنواريو]1221ع ۾ چنگيز خان جي اڳواڻيءَ هيٺ منگولن ڏکڻ ايشيا تي حملو ڪيو. منگول جتان به ويندا هئا، ته شهرن جا شهر ويران ڪندا هئا، ۽ ماڻهن جو قتل عام ڪندا هئا. منگولن شاهه خوارزم جلال الدين تي حملو ڪيو، هو فرار ٿي التمش وٽ پناهه وٺڻ لاءِ آيو، پر التمش هن کي پناهه ڏيڻ کان نٽائي ويو، اهڙي طرح ڏکڻ ايشيا منگولن جي حملي کان بچي ويو، ۽ منگول فقط سنڌ ۽ پنجاب کي لٽي واپس پنهنجي وطن ويا.
سوڀون
[سنواريو]التمش 1226ع ۾ رنٿمبور جي قلعي تي وري قبضو ڪيو. 1230ع ۾ هن منڊور (مارواڙ) به فتح ڪيو. 1231ع ۾ گواليار جو گهيرو ڪري، اتان جي حڪمران ملايا ورماديو کي شڪست ڏني. 1234ع ۾ مالود تي حملو ڪري اجپن ۽ پلسا کي فتح ڪيو.
التمش جو ڪردار ۽ ڪارناما
[سنواريو]التمش کي تيرهين صدي عيسويءَ جو سڀ کان وڏو حڪمران مڃيو وڃي ٿو. هن اسلامي حڪومت شورشن ۽ ڏڦيڙ کان بچائي، ان جي بنياد کي کي مضبوط ڪيو ۽ ان جون حدون وسيح ڪيون. التمش هڪ بهادر جنرل هو، جنهن زندگيءَ جي آخري حصي ۾ به فتح حاصل ڪئي. التمش هڪ ديندار، انصاف پسند ۽ خدا ترس انسان هو. هن خاص اسلامي سڪن جو رواج وڌو. التمش چاليهن اميرن جي صلاحڪار مجلس (امراءَ چهلگائي) قائم ڪئي، جن سياست ۽ حڪومت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن جي حڪومت جو دور بيحد ڪامياب هو. هن قطب الدين ايبڪ جي اڻپورن ڪمن کي مڪمل ڪيو. هن هندستان تي اهو وڏو احسان ڪيو، جو هن ان کي منگولن جي حملن کان بچايو. مذهبي علمائن سان سٺي روش ڪري هر قسم جي مذهبي مخالفت کان بچي ويو ۽ ٻئي طرف سندس فوجن سلطنت جي توسيع وارن منصوبن کي فائدي جي نظر سان ڏٺو. بغداد جي خليفي سندس عظمت جو اعتراف ڪندي، هن ڏانهن خلعت موڪلي، ۽ کيس ”سلطان الهند“ جو لقب ڏنو. هن ناظم اعليٰ جي حيثيت سان سلطنت دهليءَ جي نظم ۽ نسق ۾ هن جا سڌارا ساراهه جوڳا آهن. هن جو دور امن ۽ خوشحالي وارو دور هو.
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |