ربواه ٽائيمز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ربواه ٽائيمز
قسم اخبار
ايڊيٽر احسان ريحان
بنياد پيو جُولاءِ 17, 2006 (2006-07-17)
ٻولي انگريزي, اردو, عربي
صدر دفتر لاهور, پاڪستان
ISSN 2415-5616
ويب سائيٽ Rabwah Times
ملڪ پاڪستان

ربواه ٽائيمز (انگريزي: Rabwah Times) هڪ آزاد ڊيجيٽل ميڊيا اشاعت گھر آهي، جنهن جو بنياد احسان ريحان 2006ع[1] ۾ وڌو. [2]هن کي ربواه شهر جو پهريون آزاد ۽ سيڪيولر پبلڪشن اداري طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو. ربواه ٽائيمز جو اصل مقصد پاڪستاني قوم کي اقليتين طرف ڌيان ڇڪائڻ هو. هن اداري جو مقصد ڪنهن خاص مذهب، تخليقي عقيدت يا غير تخليقي عقيدت کي وڌائڻ ناهي. هي ويبسائيٽ خبرون، بلاگ، اصل مواد ۽ مقامي خبرون شايع ڪندو آهي.

تاريخي خاڪو[سنواريو]

ربواه ٽائيم کي 17 جولاءِ 2006 تي چناب ننگر لاءِ خبرن جي ويبسائيٽ طور شروع ڪيو ويو. بعد ۾ ويبسائيٽ کي علائقي جو پهريون پبليڪشن طور متعارف ڪرايو ويو. هاڻي ربواه ٽائيمز پاڪستان جي اقليتن، مذهبي آزادي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي خلاف خبرن ۽ مضمونن جي ويبسائيٽ بڻجي وئي آهي. [2][3]

خبرون[سنواريو]

ربواه ٽائيمز جون رپورٽون عالمي انساني حقن جي تنظيمن ، آمريڪي انصافي کاتي، برطانيه گهرو کاتي جي آفيس، ايمنيسٽي انٽرنيشل،[4] آسٽريليا،[5] ڪيناڊا حڪومت،[6] عالمي مذهبي آزادي بابت آمريڪي ڪميشن[7] ۽ اي پي سي[8] طرفان ساراهيون ويون. ربواه پاران سيپٽمبر 2014 ۾، پاڪستان ۾ منعقد ٿيل نفرت ڪانفرنس کي پڻ رپورٽ ڪيو.[9] جولاءِ 2015 ۾، ربواه ٽائيمز رپورٽ ڪيو ته سعودي عرب ڪيئن انڊونيشيا ۾ پنهنجي اثر ذريعي احمدين کي نشانو بڻائي رهيو آهي.[10] ڊسمبر 2016ع تي ربواه ٽائيمز جي هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث هڪ ماڻهو ڪيناڊا ڪيئن فرار ٿيو ۽ بعد ۾ اها خبر ڪيناڊا جي اخبار نيشنل پوسٽ پڻ ڇاپي.[11] 2016 ڊسمبر ۾، پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان احمدين جي مرڪز تي ڇاپو هنيو. جيڪا رپورٽ پڻ ربواه ٽائيمز تي شايع ٿي هُئي.[12] فيبروري 2017ع ۾ هڪ خاص رپورٽ ۾ ڏيکاريو ويو ته ڪيئن آمريڪا جي رياست ميري لينڊ جي هڪ مسجد ۾ پاڪستاني قاتل جي لاءِ جشن ملهايو ويو.[13]

تڪرار[سنواريو]

اپريل 2016ع تي پاڪستان جي حڪومت اقليتي ڌر احمدين تي مسلسل رپورٽنگ ڪرڻ سبب ربواه جي ويبسائيٽ تي پاڪستان ۾ پابندي هڻي ڇڏي، پاڪستان ۾ احمدين کي غير مسلم قرار ڏن ويو آهي.[14]

حوالا[سنواريو]

  1. "Ehsan Rehan's Official Website". حاصل ڪيل May 31, 2017. 
  2. 2.0 2.1 "History of Rabwah Times". حاصل ڪيل May 31, 2017. 
  3. "Pakistan: Situation of Ahmadis, including treatment by society and authorities; legal status and rights with regards to political participation, education, and employment (2013-January 2016)". Research Directorate, Immigration and Refugee Board of Canada, Ottawa / European Country of Origin Report. حاصل ڪيل January 23, 2018. 
  4. "Report: "As good as dead": The impact of the blasphemy laws in Pakistan" (PDF). Amnesty International. صفحو. 45. وقت December 12, 2017 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). حاصل ڪيل January 23, 2018. 
  5. سانچو:Cite AustLII.
  6. "Pakistan: Situation of Ahmadis, including treatment by society and authorities; legal status and rights with regards to political participation, education, and employment (2013-January 2016)". Immigration and Refugee Board of Canada. وقت November 18, 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل January 23, 2018. 
  7. "Pakistan: A History of Violence" (PDF). حاصل ڪيل May 31, 2017. 
  8. Venkiteswaran, Gayathry. "Freedom of assembly and association online in India, Malaysia and Pakistan: Trends, challenges and recommendations" (PDF). Association for Progressive Communications. وقت June 6, 2017 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). حاصل ڪيل January 23, 2018. 
  9. "UK Home Office" (PDF). حاصل ڪيل May 31, 2017. 
  10. "Wikileaks cables show Saudi Arabia pushed Indonesian government to stop the spread of Ahmadiyah". حاصل ڪيل May 31, 2017. 
  11. "Canadian government asked to probe whether Toronto-area man involved in Pakistan mosque siege". حاصل ڪيل May 31, 2017. 
  12. "U.S. Justice Department Report". حاصل ڪيل May 31, 2017. 
  13. Heather Clark. "Maryland Mosque Honors Assassin of Pakistani Governor Who Spoke Against Blasphemy Laws". Pikesville, Md.: Christian News Network. حاصل ڪيل January 23, 2018. 
  14. "Rabwah Times blocked in Pakistan". حاصل ڪيل May 31, 2017. 

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

سانچو:Ahmadiyya-stub